ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي منزل – انقلاب جي منزل : ڄام ساقي
ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي.
اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا.
چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج 10 مارچ 1986ع کان 1983ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون 1950ع ۾ محسوس ڪيون، 1970ع کان 1980ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي 1967ع کان 1969ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا.
ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ 86 هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا.
(روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار)