ڪامريڊ تاج انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت : امداد علي اوڍو
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي 1943ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1943ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ 60 سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، 40 سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو.
1947ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. 1956ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران 1972ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. 1985ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري 10 مارچ 1986ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vescular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران 1946ع کان وٺي 1986ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون.
(روزانه سوڀ)