دنيا گول آهي : امجد علي قاضي
جڏهن مان چوٿون پنجون درجو پڙهندو هئس ته بابا هتي لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ ڪلاس سول جج هو. جج هجڻ جي ناتي عام ماڻهن جي اچ وڃ تمام گهٽ هوندي هئي، ڇوته ڄائي ڄم کان منهنجي دوستي چاچا تاج محمد سان هوندي هئي. ان ڪري ان وهيءَ ۾ به پاڻ کي وڏو سمجهندو هوس ۽ پنهنجي ڀر ۾ عبدالغفور ڀرڳڙي، علي محمد ڪيهر، عبدالرزاق سان وڏن وانگر ملندو هوس. ان زماني ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي ٻاهران ننڍڙي مسجد ڦٽل حالت ۾ هئي ۽ ان جي سامهون واري بنگلي ۾ اسان رهندا هئاسين. مون خيال ڪيو ته ان کي ٺاهجي، سو ڊي سي آفيس جي ڀر ۾ ڪوارٽرن ۾ جيڪي ٻار مون سان کيڏندا هئا، تن سان صلاح ڪري اسان جهول جهلي چندو ڪٺو ڪيو ۽ مهيني سوا ۾ مسجد کي تيار ڪري ورتوسين. هڪ مولوي صاحب به وٺي آياسين. ڪرائي تي لائوڊ اسپيڪر آڻي جمعي نماز جو بندوبست ڪندا هئاسين. ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل به لڳندي هئي. جمعي نماز کان پوءِ وري ٻار تقريرون ڪندا هئا. هڪ ڏينهن جمع نماز کان پوءِ مون پڻ تقرير پئي ڪئي ته رستي تان ڪامريڊ به پئي لنگهيو، سو هو اتي ئي بيهي تقرير ٻڌڻ لڳو. جڏهن مان ٻاهر نڪتس ته کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ چيائين: چاچا واهه واهه ٿي وئي، پر اهو ٻڌاءِ ته تقرير تو لکي به پاڻ آهي يا لفظ ڪنهن ٻئي جا آهن؟ مون چيومانس: چاچا! لفظ مولوي صاحب جا آهن ۽ زبان منهنجي آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ گهر آيو ته تقريرن جو هڪ ڪتاب به کڻي آيو، جيڪو مون کي تحفي ۾ ڏنائين.
سندن ادب جي خدمت جو اهو به هڪ نرالو انداز هوندو هو ته ڪنهن جي گهر خالي هٿين نه وڃڻو هوندو هئن ته بجاءِ مٺائي يا فروٽ وغيره وٺي وڃڻ جي ڪتاب وٺي ويندا هئا يا گراموفون جا رڪارڊ. لاڙڪاڻي کان بابا جي بدلي ٿي وڃڻ بعد ڪجهه سالن جو وڇوڙو ٿي ويو. بابا لاڙڪاڻي کان ميرپورخاص ۽ پوءِ وري نوابشاهه رهيو ۽ اتان پروموشن وٺي سکر ۾ اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ٿيو. اهو سال هو 1972ع جو، جڏهن ڪامريڊ به ڊائريڪٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عهدي تي ڀرتي ٿي پهرين پوسٽنگ تي سکر آيو. اهو سندس نئون روپ هو. جج جي نوڪري ۾ ماڻهو پابند ٿي وڃي ٿو ۽ ملڻ موڪلائڻ به محدود ٿي وڃي ٿو. ڪامريڊ هو ڪچهرين جو ڪوڏيو، سو ان لاءِ محدود ٿيڻ به هڪ مسئلو هو، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي محدود ٿيڻ ڪونه ڏنو. اهو جتي ڪورٽ ۾ سخت جج هو، اتي شام جو سندس بنگلي تي اهي ئي ڪچهريون متل هونديون هيون.
سندس بنگلو اسلاميه ڪاليج جي پويان هو، جتي ويجهو ئي اسلاميه ڪاليج جي استادن جا گهر هئا. اهي به اڪثر شام جو وٽس اچي ڪچهري ڪندا هئا. نه رڳو اهو، پر شاگردن کي به پورو پورو وقت ملندو هو، ڪاليج جا شاگرد ته ٺهيو، پر اسڪولي شاگرد به ساڻن ڪچهري تي ايندا هئا. مان پراڻي سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. اسان جي اسڪول جو هيد ماستر شيخ عبدالرزاق راز هو، جيڪو پاڻ به هڪ سٺو شاعر هو. جڏهن مون کيس ڪامريڊ بابت ٻڌايو ته پاڻ به اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جو وفد وٺي ساڻس ملڻ لاءِ بنگلي تي هليو ۽ ان پهرين ئي ملاقات ۾ دوست ٿي وئين.
ڪورٽ جي ڪم ۾ ڪامريڊ جو منفرد طريقي ڪار هو. اسان جي ڪورٽن جو ڪم ٿورو ٽپيڪل آهي، جو ڪورٽ جي ٻولي انگريزي آهي ۽ شاهد سنڌي ڳالهائڻ وارا هوندا آهن ۽ اتي جو اتي لفظ به لفظ انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي رڪارڊ به رکڻو پوندو آهي، جنهن ۾ اڪثر جج صاحب پريشان ٿيندا رهندا آهن، پر ڪامريڊ ڪاما سيميڪولن سوڌو تمام سٺي انگريزي ۾ بيان لکائيندو هو ۽ سندس ڪورٽ ۾ اڪثر جونيئر وڪيل سکڻ جي خيال سان ويهندا هئا ۽ گڏوگڏ سنڌي رڪارڊ چيڪ ڪري پوءِ صحيح ڪندو هو ۽ اهو سنڌي رڪارڊ به سکڻ وارن جي پرفيڪٽ ڊاڪيومينٽ جي حيثيت رکندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻي خصوصيت اها هئي جو ڪاوڙ بلڪل به ڪونه ڪندو هو ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار به مرڪي ڪندو هو ۽ اها ڪاوڙ واري مرڪ به وڏو اثر رکندي هئي. پاڻ جتي جتي جج رهيا، پنهنجو پاڻ مڃايائون ۽ گهڻو ڪري هر ڪيس جو فيصلو سڀني رخن کي پرکي، پنهنجي ڊيپ ٿنڪنگ، وزڊم ۽ معاملي فهميءَ سان ڪندا هئا. ان زماني ۾ مان الطاف شيخ جا ڪتاب شوق سان پڙهندو هوس ۽ مرچنٽ نيوي ۾ وڃڻ جو شوق رکندو هوس. پاڻ جڏهن به ملندا هئا، پهريون سوال اهو ئي ڪندا هئا ته الطاف جو ڪهڙو ڪتاب پيو پڙهين؟ پوءِ ڪتابن جا نالا وٺندا ويندا هئا ۽ جيڪو ڪتاب مون وٽ نه هوندو هو ته ٻئي ڏينهن موڪلي ڏيندا هئا. اهو ساٿ منهنجي سمجهه ڀرئي وهي جو زمانو هو. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ بابا جي سکر مان بدلي ٿي وئي ۽ اسان ڪراچي وڃڻ لڳاسين ته مان چاچا تاج محمد کان موڪلائڻ ويس. ڀاڪر ۾ ڀري چوڻ لڳا: موڪلاڻي ڪونهي، ڪراچي به پري ڪونهي ۽ هيءَ دنيا گول آهي، پاڻ وري ملي پونداسين. جڏهن انٽر سائنس پري انجنيئرنگ ۾ پاس ڪيم ته بابا اهو چاهيندو هو ته مون کي وڪيل ٿيڻ کپي. مان چوندو هوس ته الطاف شيخ ٿيان. جڏهن جهيڙو وڌيو ته مون چاچا تاج محمد ابڙي ڏي رجوع ڪيو ۽ پاڻ اچي وڙهي جهڙي بابا کان موڪل وٺي ڏنائين ۽ اهو سندن ڪوششن جو نتيجو هو جو مون وڃي شپنگ جوائن ڪئي. وري ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ مون کي سمنڊ جي آب وهوا راس نه اچڻ جي ڪري الطاف شيخ ٿيڻ جو سفر اڌ ۾ ڇڏي موٽڻو پيو ته مون کان واعدو ورتائين ته هاڻي مان پنهنجو بابا ٿي ڏيکاريندس. اهو زمانو هو جڏهن چاچا تاج محمد ٺٽي ۾ هئا. بابا نوڪريءَ مان رٽائر ڪري ويو هو ۽ ٻن سالن کان پوءِ چاچا تاج محمد به رٽائر ڪري اچي بزنس مين ٿيو ۽ ٺٽي ۾ الشهباز سروس اسٽيشن کوليائين ۽ ڪاميابيءَ سان هلائڻ لڳو، پر ڪجهه سندن ناچاڪي ۽ ڪجهه بدامني جي حالتن جي ڪري کين اها سروس اسٽيشن ڇڏڻي پئي، پر ڪئي سالن تائين ان سروس اسٽيشن کي ماڻهو الشهباز جي نالي سان گهٽ، پر جج صاحب جي سروس اسٽيشن جي نالي سان گهڻو سڃاڻندا هئا. جڏهن سندن زندگي تي نظر ڦيرجي ٿي ته اهو ڀليءَ ڀت نظر اچي ٿو ته پاڻ مسلسل جدوجهد ۾ ئي رهيا ۽ سندن پوري زندگي ۾ ڪٿي به پوڙهائپ وارو تاثر نٿو ملي. ساڻن منهنجي آخري ملاقات 9 مارچ 1986ع تي ٿي هئي. توڙي جو سندن زبان ڪم ڪونه ٿي ڪيو، پر چهري تي ان وقت به پوڙهائپ ڪونه هئي ۽ اشارن سان پڇيو هئائين ته بابا ٿيڻ وارو سفر ڪٿي پهتو؟ مون سنڌ لا ڪاليج جي داخلا واري پرچي ڪڍي ڏيکاري هئي ته سندن چهري تي مرڪ تَري آئي هئي. آڱر سان شاباسي ڏني هئائين ۽ بابا کي اشارن ۾ آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. سندن زندگي تي نظر ڦيرائڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن جا نظريا به ڪڏهن پوڙها ڪونه ٿيا هئا ۽ نه نوجوانن سان محبت پوڙهي ٿي هئي ۽ پاڻ لطيف جي ڪردارن وانگر هميشه جوان رهيا ۽ رهندا.
سندن زندگي تي نظر ڦيرائڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ هر ميدان ۾ پاڻ مڃرايو اٿن، توڙي جو اها ماستريءَ واري زندگي هجي، صحافت واري زندگي هجي، براڊ ڪاسٽر واري زندگي هجي، جج واري زندگي هجي، وڪيل واري زندگي هجي، پاڻ هرهڪ ڪردار سان پنهنجي پوري ايمانداريءَ سان نڀائي ويا. وري کڻي پيءُ واري زندگيءَ تي نظر وجهون ته سندن سمورو پڙهيل ڳڙهيل اولاد توڙي جو کڻي نياڻيون هجن يا پٽ، پنهنجن پيرن تي بيٺل ٻڌائين ٿا ته هو هڪ ڪامياب پيءُ به هو. جڏهن مون بابا جي جتيءَ ۾ پير وجهڻ شروع ڪيو ۽ سول جج ٿي نوڪريءَ تي چڙهيو هئس ته پاڻ ٻئي وڇڙي چڪا هئا. پهرين پوسٽنگ سجاول ۾ ٿي هئي. ٺٽي شهر ۾ ڀرسان لنگهندي الشهباز سروس اسٽيشن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃي بيهي رهندو هوس. ائين لڳندو هوم ته چاچا تاج محمد ۽ بابا ٻئي مون کي ڏسي رهيا آهن. هڪ دفعي ڪنهن بحث دوران ڪنهن کي علامه اقبال جي خودي وارو فلسفو سمجهائيندي چيو هئائين: لفظن جي هير ڦير سان علامه اقبال واري خوديءَ جي فلسفي کان لطيف جو فلسفو اسان کي اسان جي ماحول جي مناسبت سان وڌيڪ سوٽ ڪري ٿو. علامه اقبال چوي ٿو ته:
خودی کو کر بلند اتنا کہ ہر تقدیر سے پہلے
خدا بندی سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا ہے
انهيءَ ئي پيرائي ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته:
سپريان جي طرهي ٻڌي هٿ مَ لاءِ
سڀان ائين چونداءِ، اسين تو تاريو
چاچا تاج محمد پڻ سڄي زندگي انهيءَ فلسفي تي قائم رهيا ۽ مون به سندن فلسفي تي ڳنڍ ٻڌي عمل ڪيو ۽ جڏهن سڀ ليڪا لتاڙي سروس جي ڪيريئر جو آخري پروموشن وٺي نوابشاهه ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ انچارج ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي حيثيت سان پوسٽنگ جو انتظار ڪري رهيو هئس، اوچتي انهيءَ گهڙي فيڪس مشين مان پني چرڻ جو احساس ٿيو هو ته ڇرڪي پيو هوس. بجاءِ جو گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي گهرايان، پاڻ اٿي پنو ڪڍي پڙهيم ته اهو پنو منهنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي پوسٽنگ وارو نوٽيفڪيشن هو. اڄ منهنجو پير بابا جي بوٽ ۾ پورو پورو اچي ويو هو ۽ چاچا تاج محمد ابڙي سان ڪيل واعدو پورو ٿي ويو هو. کن پل لاءِ ته ڄمي ويو هوس، ان جاءِ تي جتي هوس ۽ ائين محسوس ڪيو هيم ته ڄڻ چاچا تاج محمد ابڙو سامهون بيٺو آهي ۽ چوي پيو: چاچا! دنيا گول آهي، موڪلاڻي ڪونهي.
(روزانه مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، هلچل، سنڌ، عبرت مئگزين، عوامي آواز)