شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: جمال ابڙو

چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين.
هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون.
نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪوبه جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي.
ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ 70-1971ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد 4 ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم.
مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو.


(”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل)
(روزانه سچ، هلچل)