پنهنجي دؤر جو هڪ يادگار ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: جمن جيساڻي
سندس سڀ دوستن پنهنجين پنهنجين آتم ڪٿائن ۾ تاج محمد ابڙي کي ياد ڪندي لکن ٿا ته: هميشه ٻين جي مدد ڪرڻ ڄڻ سندس فرضن ۾ شمار ٿيل هوندو هو. وقتي حالتن تحت هلڻ ۽ ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، اي مرڪ مانجهيان“ وانگر سندن يادگيريون ڪرڻ، قيدين جي سار سنڀال لهڻ، يارن دوست ۽ انهن جي پويان اهل اولاد تي هٿ رکڻ، وڙ ڪرڻ، غريب غربي جي دانهن فرياد ٻڌڻ، انهن جي هر طرح جي مدد ڪرڻ، مطلب ته ڪهڙا چئي ڪهڙا چئجن سندس ڀال ۽ ڀلايون. سندس ڪو دوست پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته: آءٌ سندس جاءِ جڳهه تي مهمان ٿي ويس. اها جاءِ پوليس ٿاڻي جي ڀرسان هئي. اسين رات جو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ مشغول هئاسين ته دانهون ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون ۽ پاڻ هڪدم ڪن ڪيٽا ڪري ٻڌڻ بعد چوڻ لڳو ته: ”اڄ وري هنن حرامين پوليس وارن ڪنهن غريب کي ڦرڻ، ڦاسائڻ لاءِ جهلي آندو آهي، جنهن تي جسماني تشدد ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻ ٿا چاهين.“ ان وقت لاڙڪاڻي جو ڪمشنر عبدالله چنا هو، جيڪو مخالفن ۽ ٻين جي چوڻ تي ابڙن سان گهٽ ٺهندو هو. تاج محمد ابڙو اوڏيءَ ئي مهل اٿيو ته وڃان ٿو عبدالله چنا وٽ، هينئر ئي ملندو، جي نه مليو ته پوءِ صبح جو ڏسي وٺندس. ائين چئي آڌيءَ رات جو پيرين پيادو ڪمشنر هائوس پهچي عبدالله چنا کي گڏ وٺي اچي واپس پهتو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي ويهي ٻڌ اهي ڪوڪون ۽ دانهون. جي توهان جا فرمانبردار ماتحت مسڪينن کي ماري مڃائي، صبح جو 164 ڪرائيندا. هينئر هلي روبرو اکين سان ڏسي وٺ، متان صبح جو اهي توهان جا فرمانبردار ۽ سندس سفارشي چون ته ”ڪامريڊ ڪوڙ ٿا ڳالهائين.“ غريب مسڪين ماڻهن جون اهي ڪوڪون، دانهون ۽ آهون توهان بالا عملدارن جي ڳچيءَ جو ڳٽ نه بنجي پون! ۽ عبدالله چنا، جيڪو ابڙن جي مرڻي پرڻي مهل پرمٽ تي اڌ مڻ کنڊ ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونهي، سو ماڻهو آڌيءَ رات جو ٿاڻي تي ڇاپو هڻي، بنا انٽري ٿيلن کي ڇڏائي ۽ انهن جي ملم پٽي ڪرائي! ڇا ٿا سمجهو، هئي نه مڙسن ۾ مڙسي!
لاکا لک سمجهن ڦولاڻيءَ پير ٻيو!
جسماني تشدد جو نوٽيس وٺندي، پوليس جي ڇڙواڳيءَ کي باقاعده لغام ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي جي ٿاڻن تي مارڪُٽ وارو رواج ختم ٿيو، جيڪو ڪيترو وقت هلندو آيو. پوءِ اها وبا پ پ پ جي بانيءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ مخالفن کي مڃائڻ لاءِ ٻيهر شروع ٿي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين پنهنجن زورن تي آهي. ٻيو هڪ مشهور واقعو يعني ”غنڊه ائڪٽ“ کي هميشه هميشه ختم ڪرائڻ وارو هو. لاڙڪاڻي وارا جرئت منداڻن ڪمن جي حوالي سان منهنجو مٽ پاڻ رهيا آهن. ها، ”غنڊه ائڪٽ“ کي خدا ختم ڪرايو، اهو به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ شمس الدين ابڙي جي هٿان. يوسف پٽيل بهاري نالي شمس الدين ابڙي وٽ ملازم هوندو هو. ملازم يوسف پٽيل بهاريءَ کي ”غنڊه ائڪٽ“ تحت چالان ڪرايو ويو. تاج محمد ابڙي، شمس الدين کي چيو ته: ”اڄ ملازم انهيءَ ائڪٽ ۾ چالان ٿيو آهي، سڀاڻي مالڪ به ٿي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري اهڙي قانون کي ختم ڪرائجي، جو سڄيءَ سنڌ ۽ ملڪ تان ڏرت لهي پوي.“ پوءِ هنن مڙسن مٿيرن هن قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ عدليه جو سهارو ورتو. سيشن ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ ۽ نيٺ سپريم ڪورٽ کان اهو ڪڌو قانون ”غنڊه ائڪٽ“ هميشه هميشه لاءِ ختم ڪرائي، پوري ملڪ تان اهو ڏرت لهرايو. سپريم ڪورٽ مذڪوره پٽيشن تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته قائدو قانون گورنر، گورنر جنرل يا صدر کي به پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا سان ٺاهڻ جو ڪوبه اختيار ناهي. اهو اختيار صرف ۽ صرف پارليامينٽ کي آهي، جيڪو عوام جو نمائنده ايوان آهي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قانوني خدمتون ساراهڻ جهڙيون آهن. پاڻ هميشه چوندو هو: ”بابا، نياڻين کي تعليم ڏياريو. جيستائين ماءُ اڻ پڙهيل هوندي، تيستائين سنڌ ۽ سنڌي معاشرو ترقي نه ڪندو.“ ڪنهن ڏاهي جو قول ته ’هر نيڪ ڪم پنهنجي ئي گهر کان شروع ڪريو‘ ان قول تحت عمل ڪندي، ڪامريڊ تاج محمد پنهنجين ۽ پاڙي پتيءَ جي نياڻين کي علم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ باقاعده مهم شروع ڪئي، جنهن جو اثر اهو ٿيو جو ماڻهو پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ لڳا ۽ جن پنهنجين نياڻين کي علم جي زيور سان نوازيو، سي اڄ عزت ڀري زندگي گذاري، ڪارو ڪاريءَ جهڙيءَ لعنت کان بچيل آهن. ڇا اڄ محمد حسن ابڙو ۽ شير محمد ابڙو، تاج محمد ابڙي ۽ شمس الدين ابڙي جهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندا؟
(هلال پاڪستان، سومر 10 مارچ 2003ع)