شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

آئيڊيل شخص – ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (86-1924ع) : تاج بلوچ

سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو.
منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا.
اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي.ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو.
ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان 40 سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو!
تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو.
اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي.
اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار.
ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو.
مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!!
شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي.
لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو.
سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“
هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي.
لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران
مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين
(شاهه)
ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان.
سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين

(شاهه)

(ماهوار سوجھرو مارچ 2010ع تان ورتل)