شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ـ هڪ مها منش / امبرين هيسباڻي

دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گھٽ هوندا آهن، جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن. خاص طور تي ڪو وڏو عهدو رکندڙ ماڻهو پنهنجي خوشين بدران ٻين جي خوشين کي ترجيح ڏئي، مايا جي موهه ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري، جيڪڏهن ڪو اهي گڻ رکي ٿو ته اهوئي مها منش آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙو ئي هڪ منش هو. جج جي عهدي تي رهڻ باوجود هن پنهنجي زندگي انتهائي سادگي سان گذاري. ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنهن کي ڏکيو ڏسي پاڻ به ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته ان جو دک دور ڪري. هو غريبن جي هڙان وڙان مدد ڪندو هو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها ئي انسانيت آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو ننڍي عمر کان ئي ادب سان ۽ سياست طرف لاڙو هيو. 1942ع ڌاري هن جڏهن اڃان مئٽرڪ ڪئي پئي تڏهن هو سياسي بحثن ۽ ادب سان سلهاڙيل هو. ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هن سياسي گڏجاڻين خاص طور ڪميونسٽ پارٽي جي گڏجاڻين ۾ شرڪت شروع ڪئي. ائين هو عملي طور سياست ۾ آيو. تاج محمد ابڙو جا دوست اڄ به سندس وڪالت جي دؤر ۾ لاڙڪاڻي واري اوطاق تي ڪيل ڪچهرين کي سارين ٿا. انهن ڪچرين ۾ به ڪامريڊ هميشه غريب ماڻهن جو اونو هجڻ جو تاثر ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد جھڙا سچا، کرا ۽ ڏاها ماڻهو ورلي ئي ملندا. سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فهرست ۾ مٿڀرو آهي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ هو اهو وڏو خزانو ڇڏي ويو ، جو ڪامريڊ جي ڪري سندن هن معاشري ۾ مانُ ۽ مريادا آهي. ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاءِ تمام گھڻو مانُ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي پيار، پاٻوهه، انسانيت واري جذبي ۽ هڪ هڏ ڏوکي طور گذاري ويو آهي. 2 آگسٽ 1924ع کان 10 مارچ 1986ع تائين جي زندگي ۾ هو حرس، نفرت ۽ وڏائي کان پري ۽ بالاتر رهيو. نوڙت، نهٺائي، پيار، عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا. جنهن ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي. اهڙا ماڻهو امر هوندا آهن ۽ جُڳ جُڳ جيئندا رهندا آهن.

(روزانه ڪاوش 10 مارچ 2011ع)