سنڌ جو خاموش خادم تاج محمد ابڙو تحرير: امان شيخ
اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو.
لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق.
مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“.
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو.
مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته:
”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“
(روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ)