ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان : منظور ڪوهيار
انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو.1947ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن.
1965ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو.
اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام
جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا.
ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو.
مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره.
ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي.
ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي.
صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. 1970ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي1971ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي.
خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگـﺆ چل پيڇـﺆ چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو.
پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟
جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دوران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.
مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي.
تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو.
1972ع جي دوران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم:
’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘
ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو.
1979ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو.
هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛
”هاڻي چئو.“
مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“
”مثلن؟“
”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“
”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“
”ڇا چيو؟“
”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“
مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“.
ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون،اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“
مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس:
”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“
”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ،ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي،ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“
ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو.
۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو.
ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو:
”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“
مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي.
ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو.
ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن.
8 آگسٽ 1924ع ۾، هي شهدادڪوٽ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي 10 مارچ 1986ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي.
(منظور ڪوهيار جي سوانحي خاڪن جي ڪتاب ’ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر‘ تان ورتل)