سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: مونس بخاري
سائين تاج محمد ابڙو به اهڙي بيقدري جهان ۾ جنب گذاريو، پر پوءِ به خوش نصيب هو جو کيس سائين جي.ايم سيد، جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، خان عبدالوالي خان، عطاءَ الله مينگل، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد خان ٽالپر ۽ اياز قادريءَ جهڙا دوست ۽ قدردان مليا، جيڪي سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق تي هر روز شام جو ٿيندڙ ڪچهرين ۾ اڪثر ساڻس شريڪ ٿيندا هئا، جتي علم، ادب، سياست، فلسفي سميت هر موضوع تي محفلون مچنديون هيون.
تاج محمد ابڙي جهڙا ناياب ۽ نرالا ماڻهو مون پنهنجي مختصر ڄمار ۾ ڪونه ڏٺا آهن. پنهنجي سنگت ۽ صحبت ۾ ”ڪامريڊ“ سڏيو ويندڙ سائين تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ايماندار جج، سياستدان، اديب، صحافي، دانشور، ڪامياب وڪيل ۽ سماجي شخصيت طور به پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش ابڙو 8 آگسٽ 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهدادڪوٽ تعلقي ۾ جنم ورتائين. پرائمري تعليم قمبر شهر جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائون، جڏهن ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ تائين ڪشالا ڪاٽيائون.
1948ع دوران قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ شرط لاڙڪاڻي ۾ علائقي جي مشهور وڪيل شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائون. ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران سائين تاج محمد ابڙي ان وقت جي وڏيءَ سنڌي اخبار ”الوحيد“ ۽ انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر طور پارٽ ٽائيم نوڪريون به ڪيون ۽ ريڊيو ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر پڻ رهيا. انهيءَ عرصي دوران پاڻ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي ويجهو اچڻ ڪري ڪميونسٽ ۽ ٽريڊ يونين ڪارڪنن سان گڏجي ڪم ڪيو. ان کان اڳ انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پڻ شامل رهيا. بعد ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو ته سائين تاج محمد ابڙي کي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج بڻايو ويو.
جج جهڙي حساس منصب تي رهڻ باوجود سندس يار ويس طبيعت ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. جج جي حيثيت ۾ سنڌ جي جنهن به شهر ۾ سندس مقرري هوندي هئي، اتي به هم خيال ساٿين جا هشام گڏ ڪري محفلون مچائيندا هئا. سندس يار ويس طبيعت جو اولڙو سندس هڪ دوست ۽ سنڌ جي معتبر شخصيت سائين عبدالغفور ڀرڳڙيءَ ائين لکيو آهي ته: ”هر قسم جي ماڻهن سان تاج محمد ابڙي جي دوستي هئي. ڪي شراب جا شوقين هئا ته ڪي وري زاهد ۽ عابد هئا، ڪي چور چڪار ۽ بدمعاش هئا ته ڪي شرافت جا مجسما هئا، ڪي دوستيءَ جي نشي ۾، ڪي سياست جي خارزار ميدان تي خاڪ نشين هئا.“ حيرت جي ڳالهه آهي، هن ملڪ ۾ جتي ججن کي تقريبن ۾ وڃڻ ۽ عام ميل جول کان روڪيو ويندو آهي، اتي اهڙي ماحول ۾ سائين تاج محمد ابڙو نه رڳو محفلون مچائي ويٺو هوندو هو، پر روپوش سياسي ساٿين کي پناهه ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو.
ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم سان سندن تعلقاتن بابت سندن هاءِ اسڪول جو دوست ۽ ناميارو ليکڪ سائين اياز قادري لکي ٿو ته: ”لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي تاج محمد ابڙي جي سياست ۽ ماڻهن جي نفسيات بابت ڄاڻڻ سبب هن کان ڪيترن ئي مسئلن جي حل لاءِ صلاح مشورا وٺندا رهندا هئا. اليڪشن واري زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خاص طور تاج محمد ابڙي وٽ ايندو هو يا کين پاڻ وٽ گهرائيندو هو.“ ڪامريڊ برڪت علي آزاد پنهنجي هن دلبر دوست لاءِ لکيو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو مرحوم 1970ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو جو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره هئا.“
عجب جهڙي ڳالهه آهي ته سائين تاج محمد ابڙي صاحب، ننڍي کنڊ جي سرموڙ سياستدانن ۽ اديبن سان صحبت هوندي به، سڄي عمر ڪا لکڻي به نه لکي. هونئن ته پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ جي باني ڪارڪنن مان هڪ هئا ۽ ادبي سنگت ٺاهڻ لاءِ پهرين گڏجاڻي به لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي ٿي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا اديب، شاعر شريڪ ٿيا هئا ۽ هو سڀ کيس صرف ”ادب دوست“ لکن ٿا، پر آءٌ سمجهان ٿو ته تاج محمد ابڙو هڪ اهڙو genius جينيس هو، جيڪو اديب، دانشور جهڙن لقبن کان گهڻو ۽ تمام گهڻو مٿانهون هو. سائين تاج محمد ابڙو 62 سالن جي ڄمار ۾ 10 مارچ 1986ع تي هيءَ دنيا ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
(هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل)