ناميارو وڪيل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: عبدالرزاق سومرو
مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟
سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو.
مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿر پارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين.
تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو.
عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو 10 مارچ 1986ع تي وفات ڪري ويو.
(قانوندان ، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل)