لاڙڪاڻي جو مور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: ڊاڪٽر غلام علي سانگي
تاج محمد خان کي سندس والد ننڍيءَ ٽهيءَ ۾ وڇوڙو ڏئي ويو. ان ڪري پاڻ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي محمد عثمان ميمڻ سان رهڻ لڳو، جيڪو پوليس ۾ آفيسر هو. سندس پڙهيل ڳڙهيل همشيره هن جي تعليم ۽ تربيت لاڏ ڪوڏ سان ڪئي. پرائمري تعليم قمبر ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ويو، جتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري واپس لاڙڪاڻي وريو.
ورهاڱي کان پوءِ ٽائون ٿاڻي جي ڀرسان اتر ۾ هڪ هندڪي جاءِ، جيڪا ڪنهن مهاجر کي الاٽ ٿي، هن ڪوشش ڪري ڳنهي ورتي، جتي ابڙي صاحب وڪالت جو ڌنڌو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جلد ئي قانون جي پيشي ۾ نالو پيدا ڪري ورتائين. سندس اوطاق جيڪا لاڙڪاڻي ۾ مشهور اوطاق هئي، جتي هر قسم جي سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن جي اچ وڃ رهندي هئي. هتي هميشه ڪچهري متل رهي. ابڙي صاحب سياست، ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ نالو پيدا ڪري ورتو. تاج محمد روايتي دوستيءَ کي ته قائم رکيو، پر سياست ۾ نواڻ کي ضروري سمجهيائين. ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي آڇ ۽ سڏ تي ان سان سٻنڌ جوڙيائين. بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بقاپور يونين جي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ ساڳيءَ يونين جو چيئرمين چونڊجي ويو. 1972ع ۾ عدالتي کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪيائين. ڪافي سال لاڙڪاڻي کي خيرباد چئي، سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي نوڪري ڪندو ڦرندو رهيو. نيٺ عدالتي کاتي تان سيشن جج جي ڪڙي مان آزادي وٺي، وري لاڙڪاڻي ۾ آيو. مون کي جڏهن خبر پئي ته مان ساڻس ملڻ ويس. ساڳي ئي سپت هئي – ”سپت ڀريا سپرين، ڪپت مور نه ڪن“ جيان پاٻوهه جو پتلو ۽ رهاڻ جو راڻو هو. پوءِ ته ميل ميلاپ ٿيندو رهيو. ساڳئي ئي سال ۾ مان سنڌ يونيورسٽيءَ کان پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري ورتي. انهيءَ ڪري ڪچهريءَ ۾ ڪنهن به موضوع جي رس رهاڻ ۾ ربط ۽ ضبط رهندو هو، ان ڪري ريجهه ۽ رهاڻ ۾ ساءُ ۽ مزو رهندو آيو.
وقت گذرندي ويرم نه لڳي ”پلڪن مان پهر ٿي، لنگهيو ورهه وڃن“ جيان 1986ع جو سال پهچي ويو، جنهن جو پهريون جنوري به لنگهي ويو، نيٺ مارچ اچي ڪڙڪيو. هن ماهه موت جو اڀاڳو نياپو آندو، جنهن کي هن خوشيءَ سان مڃيو. هڪ فارسي شاعر چيو آهي:
ترجمو: ”توکي ياد آهي، تنهنجي ڄمڻ سان اسين کليا هئاسون ۽ تون روئين پيو. جڏهن تنهنجي مرڻ جو وقت آيو، تڏهن اسين روئون پيا ۽ تون وري کلين پيو.“
تاج محمد خان ابڙي جي ڏکوئيندڙ موت تي سندس ڪن دوستن جا تاثرات هيٺ ڏجن ٿا:
جي.ايم سيد:
ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس.
تنوير عباسي:
تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. اهڙن دلبرن کي وساري نٿو سگهجي.
مير علي احمد ٽالپر مرحوم:
مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي:
تاج محمد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، جڏهن کان تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۾ شام واري ڪچهري ختم ٿي، تڏهن کان وري مان ڪنهن دوست وٽ لڙي نه ويو آهيان، ڇوته تاج محمد جي ڪچهريءَ کان پوءِ ڪا ڪچهري ڪانه رهي آهي ۽ دل ڪانه ورندي آهي ته ڪنهن وٽ وڃي ڪو ڏُک سور ونڊجي، ڇوته تاج محمد وانگر وري ڪوبه وڪيل دوست ۽ ساٿي ساڳي Wave length تي نه رهيو آهي.
نواب نبي بخش خان ڀٽو:
تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي.
(هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، سرواڻ، پڪار )