شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: عبدالغفور ڀرڳڙي

تاج محمد ابڙو 1924ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو!
1947ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين.
جج:
جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني.
معاشري ۾ مقام:
اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي.
فقير راهه نشين است ودل غني دارد
(دل جو غريب نه هو مگر غني هو.)
ذهانت ۽ مطالعو:
تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي.
من مثل لالئه صحرا هستم
سياست:
اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي!
تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو.
اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي 1965ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي.
بيماري ۽ وفات:
تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو.
تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن
تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن
تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي
نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار 10 مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن.

(روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت)