ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو : عبدالغفار تبسم
نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪابه پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي.
ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر 131 تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“
اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته:
مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو
هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي
سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته:
هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ
ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي (اياز)
اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي 22 هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا.
(روزانه عوامي آواز، سومر 10 مارچ 2008ع)