تاج محمد ابڙو مرحوم ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري: منير چانڊيو
اڃان به پاڻ کي وڏو خوشنصيب ڀانيان ٿو جو سنڌ جي نامياري عالم، اديب ۽ دانشور جامي چانڊئي صاحب جهڙي استاد جي رهنمائي اٿم ! تڏهن سچ پچ ته پاڻ کي واقعي وڏو خوشنصيب ڀائيندو آهيان ۽ ان وقت منهنجي من ۾ اُتساهه جا ڪيئي آبشار وهڻ لڳندا آهن ۽ خوشيءَ ۾ ٻهڪي پوندو آهيان.
جڏهن مان هاءِ اسڪول قمبر ۾ ڏهين درجي ۾ پڙهندو هوس، تڏهن جهڙوڪر مونکي سنڌي ادب جي شهنشاهه ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جون ڪهاڻيون ايتريون ته وڻيون هيون جو مون ڄڻ ته انهن کي حفظ ڪري ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ خبر پئي ته جمال ابڙي صاحب جو سڀ کان ويجهو دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب آهي. پوءِ جڏهن جمال ابڙي جي آتم ڪهاڻين جو ڪتاب ’’ڏسين ڏوهه اکين سين‘‘، ’’اونهي ڳالهه اسرار جي‘‘، ’’ٿوهر ۾ ڳاڙها گل‘‘، ’’ايندو نه وري هي وڻجارو‘‘ پڙهيم ته ڪجهه خبر پئي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سچو سرگرم پورهيت عوام دوست اڳواڻ ، قابل، مددگار ۽ بهادر انسان هو. پوءِ جيئن جيئن منهنجي علمي ۽ ادبي واڌ ويجهه ٿيندي وئي تيئن تيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويا ۽ ان جي لاءِ منهنجي من ۾ بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويو. هو مونکي پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو لڳو .هن جي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجهد ته غير معمولي هئي پر سندس ذاتيءَ سڀاءُ ۽ طبيعت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهن. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته ’’تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبارن ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو، ان بابت مون سان اصلاح ڪندو هو، مان هميشه چوندو هو مانس تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو ‘‘ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون، اخبار جي عياشي نه ڪري سگهنداسين ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه دوستن کان هٿ ڪري ’’نوجوان‘‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مونکي مقرر ڪيائين‘‘ ان مٿي ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان سال 1956ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي، جڏهن ته ورسيءَ جو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيون پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي ڪڏهن نه ٿي هئي، مان سمجهان ٿو هو ڇا ته شخص هو ! اصل ۾ جن ماڻهن کي پنهنجي نالي جي بک نه هوندي آهي اهي ئي حقيقي وڏا ماڻهو هوندا آهن، اهڙي اخلاقي عظمت مان اڪثر سائين محمد ابراهيم جوئي ، رسول بخش پليجي ۽ جامي چانڊئي جهڙي آدرشي انسانن ۾ ڏسندو رهيو آهيان، جيڪي بهتري لاءِ پيش پردا ۽ پس پرده اهڙا اڻ ڳڻيا قدم پئي کڻندا رهيا آهن جن سان ملي ناڪاره کان ناڪاره ماڻهو به پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ عملي طور تيار ٿي ويندو آهي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو ماڻهن سان اٽوٽ رشتو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جتي پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب، مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذاريو، پنهنجي هڙان، وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، اتي شخصي حوالي کان پڻ سندس ڪردار انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو رهيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته ’’پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو، کين سٺي سواري لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو‘‘ اها ڳالهه پڙهي مون سوچيو پئي ته اڄ جي دؤر ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترائي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن، اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو بلڪل عظيم آهي ان ئي حوالي سان مونکي سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون ’’سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي، چور سڄو گهر ٻهاري ويا، چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البت پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيو ر پنهنجا ڪن پراون تي هٿ نه رکن، انهن زيورن ۾ ڪوبه زيور سندس ڪونه هو ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون‘‘ اهو واقعو پڙهي سچ ته مان ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهيس ۽ سندس سچائي تي به بي پناهه پيار ايندو رهيو.
ان وقت مون سوچيو پئي ته اڄ جي دؤر ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازي جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتي جي چپل پائي ايندو آهي پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو ! گهر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گهڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگهن ٿا هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته ’’منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا، انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو اخلاقي فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا، کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا، ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا، ۽ مونکي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا، مون تي منهنجا محسن دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان‘‘ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الائي ته ڪهڙي جڳ جو ماڻهو هو ! مان سوچان ٿو ته هو لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمدصه جي انساني ڀلائي واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو ! هوءَ اصل ۾ هو ڇا؟ پر منهنجي خيال ۾ يقينن هُو اهو سڀ هو.
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ا ن ري
(لطيف سائين
( روزانه عوامي آواز، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان، عبرت)