سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت تاج محمد ابڙو / تحرير: غلام قادر بروهي
شروعات کان وٺي سندس لاڳاپو هاري، مزدور ۽ سوشلسٽ خيالن جي ماڻهن سان رهيو ۽ سندس تعلق ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽي آفيس ڪراچيءَ سان رهيو. سندس گهرائي ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان ٿي ۽ ٻين ٽريڊ ورڪرن سان پڻ تعلقات قائم ڪيائين. وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ خاصو عرصو سرڪاري وڪيل به ٿي رهيو. سندس لائبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن کان علاوه سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ادب تي به خاصو مواد موجود آهي، جنهن ۾ دنيا جا ناياب ۽ انمول ڪتاب موجود آهن، جن مان نوجوان ڪامريڊ ڪافي فائدو حاصل ڪندا آهن. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق غريب غربي ۽ عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. مسڪين ماڻهن کان علاوه، سندس اوطاق سردارن، نوابن، پيرن، اميرن، آفيسرن ۽ مختلف سياسي اڳواڻن جو ڳڙهه هوندي هئي. مرحوم بي واهن، اڙين ۽ مسڪين ماڻهن جي ڪم ڪارين ۾ خاصي دلچسپي وٺندو هو ۽ بنا لالچ جي دوستن احبابن ۽ اڙين جا ڪم ڪاريون ڪندو هو. سندس گهر ۽ اوطاق هميشه دوستن، ڪامريڊن ۽ سياسي ورڪرن لاءِ کليل هوندي هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي دوستي ۽ ياري غريب، مسڪين ۽ پيرن اگهاڙن ماڻهن سان به هوندي هئي ۽ انهن سان ملڻ ۾ ڪنهن به قسم جو عار يا وڏائي ڪونه ڪندو هو، بلڪه انهن کي پنهنجو دوست ڪري سمجهندو هو. اها ئي مرحوم جي وڏي خاصيت هوندي هئي، جنهن ۾ مختلف سياسي خيالن جي ماڻهن جي ڪچهري رهندي هئي، جيڪي تقريبًا روزانو حاضري ڀريندا هئا. انهن ۾ جمال الدين بخاري، مولوي نذير احمد، پروفيسر اياز قادري، سوڀو گيانچنداڻي، الاهي بخش شاهه، شمس الدين ابڙو، عبدالحميد ابڙو، فتح محمد سومرو، قربان علي بگٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان، اديب، آفيسر ۽ زميندار شامل هوندا هئا.
تاج محمد ابڙي جي ادب سان تمام گهڻي چاهت هوندي هئي. پاڻ 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب سنگت جو بنياد رکيائين. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ چڱو پاڻ پتوڙيائين. پاڻ اڪثر هر ميٽنگ ۾ حاضر رهندو هو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ ادب تي ڪيترا ئي اڻ لڀ ڪتاب موجود آهن. کيس ادب جي ميدان ۾ تمام سٺا ۽ بهترين دوست مليا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، جمال ابڙو، شمشير الحيدري، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، رشيد ڀٽي، اي.ڪي بروهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نسيم کرل، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، علي نواز وفائي، زيب عاقلي ۽ ٻيا ڪافي اديب شامل آهن.
لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم جي صلاح سان وڌو ويو، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ هڪ واحد قسم جي لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد، اديب، دانشور ۽ عام پڙهندڙ ماڻهو فيضياب ٿي رهيا آهن. انهيءَ کان علاوه پاڻ ڪافي غريب شاگردن کي خرچ پکو ڏئي، پڙهائي، روزگار سان لڳائيندو هو. بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بيٺو، جتي ڪافي اڪثريت سان کٽي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي، عوام جي خدمت ڪيائين ۽ ان سان گڏ ڪيترا ئي ثواب ۽ خير جا ڪم ڪيائين.
تاج محمد ابڙو مرحوم ڪميونسٽ نظريي جو هو ۽ شروع کان وٺي سياست ۾ سرگرم رهيو. مختلف سياسي پارٽين ۾ به ڪم ڪيائين، جن مان سنڌ هاري ڪميٽي، ستپ ۽ پيپلز پارٽي قابلِ ذڪر آهن. پاڻ پ پ جي بنياد رکڻ وارن مان هو. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪامياب بنائڻ ۾ مرحوم وڏو ڪردار ادا ڪيو. سياست جي ميدان ۾ کيس بيشمار سٺا دوست مليا، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، فاضل راهو، حاڪم علي زرداري، جي.ايم سيد، ممتاز علي ڀٽو، نواب نبي بخش ڀٽو، سردار امين کوسو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، مير غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيا گهڻا دوست قابلِ ذڪر آهن.
تاج محمد ابڙو مرحوم 1972ع ۾ سيشن جج جي عهدي تي فائز ٿيو، جيڪو رٽائرمينٽ تائين ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو. 1985ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پراڻي اباڻي روايت برقرار رکندي، اچي اوطاق کي ٻيهر آباد ڪيائين. آخرڪار هيءُ موتين جهڙو ماڻهو، پورهيتن جو دوست، باشعور سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن تاريخ 10 مارچ 1986ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. خدا شل جنت ۾ جاءِ ڏئيس.
(آمين)
(عبرت، هلال پاڪستان، ڪاوش، پڪار، آفتاب، مهراڻ)