هڪ ابڙي وڏ وڙي جي سار : عديل مهر
سدائين اهڙي الڪي ۾ رهندڙ سنڌ جي ساهه کي روز سٽان آهي. هن جي ”ماضي“ ۽ ”موجود“ ۾ ان لحاظ کان ڪو فرق ڪونهي ته ان جي اولاد هڪ جهڙي عذاب ۾ آهي. اولاد جا اهي عذاب امڙ جي آجپي واري جدوجهد جي ڪري آهن. خلقڻهار جيئن ساهه جو مالڪ آهي، جنم ڏيڻ واري هستي تيئن ان حساب سان محسن آهي ته انسان جو جسم ان مٽيءَ مان جڙي ٿو، جنهن کي ڌرتي ماتا چئبو آهي. اهڙي طرح هن جهان ۾ هر جنم وٺندڙ ڌرتيءَ جي جگر جو ٽڪرو آهي. جنم هڪ قرض ٿئي ٿو، جيڪو فرض جي ادائيگيءَ سان ادا ٿئي ٿو. واجب الوصول جو حصول ته هتي هر ڪنهن جو مطالبو آهي، پر واجب الادا جي ادائيگي ڪي تمام گهٽ ماڻهو ڪن ٿا. جن ائين ڪيو، اُهي امر ٿي ويا. انهن امر انسانن ۾ لاڙڪاڻي جو لعل تاج محمد ابڙو به هيو، جنهن پنهنجي ڪردار سان اهو قرض لاٿو، جيڪو جنم ڏئي سنڌ هن تي چاڙهيو هو، وجود ڏئي سنڌ هن تي جيڪو واجب ڪيو هو. ڪامريڊ جي زندگي ان جي ادائيگي هئي. اڄ ان جو اعتراف سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جو ساڃاهه وارو سڄو نسل ڪري ٿو.
ڳڻڻ ۾ تمام ٿوريون ٿينديون اهي شخصيتون، سنڌ جي جن سينڌ ڪڏهن ميري ٿيڻ نه ڏني آهي. ڪردار ۾ مگر اهي ايڏا مهان آهن، جو سنڌ انهن تي صديون فخر ڪندي. لاڙڪاڻي واري هنڌ جن عظيم ماڻهن جو جنم ٿيو، انهن ۾ هڪڙو هي ابڙو به هو، تاريخ جنهن کي تاج محمد جي نالي سان سڃاڻي ٿي، ڪردار جنهن کي ڪامريڊ بڻائي ٿو ۽ جدوجهد جنهن کي لطيف جي هنن لفظن جو حقدار بڻائي ٿي:
ابڙو وڏ وڙو سوڙو، سَمون سُونهن سڀن
تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي
اهڙي سهڻي وڙ ۽ صوفياڻي طبيعت وارو تاج محمد ابڙو زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ پورهيت ڪردار به هو، پر هن معاش به ڪمايو عزت به ڪمائي، نوڪريون به ڪيون ۽ محنت جي جهان جو مهان ڪردار هو. استاد به رهيو، وڪيل به بڻيو، وڪالت جن حقن ڏيارڻ لاءِ ڪبي آهي، اُهي حق انصاف جي صورت ۾ ڏيڻ لاءِ وقت هن کي جج جي منصب تي به ويهاريو، هن ضلعي جي سطح تي ڪجهه عرصو عدالت به ڪئي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهي جهڙي جيڪي ماڻهو ڪورٽن تائين پهچندا هئا، انهن جو انصاف به ڪندو هو ۽ آئنده لاءِ سمجهه ڌارڻ جون صلاحون به ڏيندو هو، وس پُڳي هو هنن ۾ ساهه جي ۽ سنڌ جي ساڃاهه به ڏيندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن جو پورو وقت سماجي شعور جي تحريڪ ۾ صرف ٿيو. هُو جڏهن وڪيل هو، سياست هن جي ڪردار جي ڪٺ جنهن کي ڪرڻي هجي، اهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بابت محمد ابراهيم جويو جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ پڙهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تنوير عباسي، انيس انصاري، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ڪامريڊ برڪت آزاد ۽ ادل سومرو جهڙن ڏاهن ۽ ڏوٿين سندس بابت وڏي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي.
هو سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن منجهان هو. لاڙڪاڻي ۾ انهيءَ پليٽ فارم تان هن ون يونٽ جي خلاف جنگ وڙهي ۽ جيستائين اهو نه ٽٽو، تيستائين ساهه نه پٽيائين، پر ڪامريڊ جذباتي ۽ وقتي معاملن ۾ جاڏي ڪاڏي ۽ جتي ڪٿي نظر نه ايندو هو. انهيءَ ڪري سياستدانن وانگر شهرت هن جي حصي ۾ نه آئي. امان شيخ جي لفظن ۾ هو ”سنڌ جو خاموش خادم“ هو. عظيم شخصيتون ائين خاموش نظر اينديون آهن، جيئن گهرو ۽ اجهاڳ سمنڊ خاموش هوندو آهي، پر ان جي اندر ۾ وڏيون موجون پلجنديون آهن ۽ رکي رکي ڇوليون اٿنديون آهن ته ڪنارا انهن کي سمائي نه سگهندا آهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي اها تحريڪ هو، جيڪا تڪڙي نه پر تمام پائيدار هجڻ جي ڪري ڊگهو وقت هلي، سنڌ ۾ پنهنجا اثر ڇڏي وئي آهي. اڄ انهن اثرن کي سنڌ جي نئين نسل تائين پهچائڻو آهي. اهو ڪم ڪوئي ڪري نه ڪري، سنڌي ادبي سنگت ضرور ڪندي، جيڪا سنڌ سان ساهه ۽ ساڃهه وارو ساڳيو رشتو رکي ٿي، جهڙو تاج محمد ابڙي رکيو هو ۽ ان جهڙن ڪردارن جي ڪيترن ڪامريڊن ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ رکيو آهي، اڄ انهن سڀني کي گڏجي اماڙ کڻڻي آهي، جيڪا انڌيرن سان وڙهي سماج ۾ سوجهرو ڪري.
ڪامريڊ جي 21 هين ورسي هن جي وڇوڙي پڄاڻان 21 هون دفعو اسان کي اهو رمائنڊر آهي ته رند تي ان راهه تي اچو جنهن تي هلندي تاج محمد ابڙي پنهنجو وقت ۽ فرض پورو ڪيو، جنهن تي سنڌ جو قرض اڃا باقي آهي. اهي سڀ شعور جي ان شاهراهه جا مسافر ٿين ته جيئن اها منزل ويجهي ٿئي، جنهن کي پاڻ وهيڻي سنڌ جي خوشحالي چئجي ٿو.
اڄ سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جا سڀ ساڃاهه وند وڏي اڪير سان ان توقير واري شخصيت جو شان ڳائيندا، جنهن پنهنجي عمر انهيءَ جاکوڙ ۾ گذاري ته منهنجي سنڌ سُکي ٿي پوي. سنڌ جو سُکيو ٿيڻ ته اڃا اکڙين جو خواب آهي، پر انهيءَ جدوجهد ۾ جن عمر گذاري، انهن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سرفهرست هو. سنڌ ۾ اڄ جيتري ساڃاهه آهي، اها اهڙن ڪامريڊن جي ڪوشش سان آهي. سنڌ جيتري ڪامريڊ آهي، اها اوتري پنهنجن ڪامريڊ ڪردارن جي ٿورائتي آهي. سنڌ جڏهن پاڻ وهيڻي ٿيندي، تڏهن اول اهي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندي، تيستائين انهن اجيبن ۽ مجيبن جا ڳڻ ڳائي سگهجن ٿا. اڄ سنڌ انهن مان هڪ محسن جا ڳڻ ڳائيندي ۽ دنيا کي ٻڌائيندي ته هو جيڪو تاج محمد ابڙو هو، ڪيڏو وڏ وڙو هو.
ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ پنهنجي انهيءَ سائينءَ کي سارڻ جو سلسلو جاري آهي. اڄ ورسيءَ جي ڏهاڙي وڏا پروگرام رٿيل آهن ۽ ڪيترا ڏينهن اڃا شعور جون صدائون ٻڌڻ ۾ اينديون. سنڌ جو سَنڌ سَنڌ ڪامريڊ جو قرض لاهڻ جي ڪري ٿو، شهر شهر انهيءَ شعور جو شڪرگذار بڻجڻ چاهي ٿو، جتي ڪٿي پروگرام ٿين ٿا، نوجوان اچن ٿا، پنهنجن سينيئرس کان ٻڌن ٿا، ته ڪامريڊن ڪيئن سنڌي جيئاري پئي ۽ جيئڻ جي هن ڏکي وقت ۾ سنڌ کي ڪيئن جيئڻ گهرجي؟ جيئڻ جو اهڙو ڏس ۽ گس نوجوانن کي اهڙن پروگرامن ۾ ملندو آهي، هر سال حاضريءَ جو تناسب وڌندڙ آهي، سال اندر نئين سانڀر ماڻيندڙ نوجوان اچن ٿا ۽ ساڃاهه جو سبق پرائين ٿا. اڄوڪي ڏينهن تي هر سال جيان اڄ به ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سنڌ کي ڏنل سمجهه ۽ سُرت جون سُرڪيون ڀريون وينديون. ورسي هڪ وڏو موقعو آهي، هونئن عقل ۽ ڏاهپ جي هر موقعي تي تاج محمد ابڙو هڪ مثال حوالي طور موجود هوندو آهي، اڄ ته آهي ئي هن جو ڏينهن. سنڌ ان سائينءَ کي ڏاڍو ساري ٿي.
سنڌ کي ياد پوي ٿو ته ڪيئن نه ”ون يونٽ“ ڪامريڊن جي ڪوششن سان ٽُٽو هو. سنڌ جي ڳلي مان اهو گهوگهو ڪڍڻ لاءِ ۽ هٿن پيرن مان اهو زنجير ٽوڙڻ لاءِ، ان زنجير ۾ جيڪي هٿ پيا هيا، تن ۾ ڪامريڊ تاج جو هٿ به هو ۽ سنڌ جي ساهه جي جيڪا مالڪي ٿي هئي، تنهن ۾ ان مالڪ جو ڪردار به هو. سنڌ کي تعليم جي شعبي ۾ به ان ڪامريڊ جون خدمتون ياد ٿيون اچن، استاد ڪيئن آداب سيکاريندو آهي، اهي آداب به ياد اچن ٿا ۽ اها وڪالت به سنڌ کان نٿي وسري، جيڪا تاج محمد ابڙو سنڌ جي ماڻهن جي ڪئي. ڪيئن ڪنهن غريب کي قانوني حق ڏياربا آهن، ڪيئن ڪنهن مسڪين جو بغير في جي ڪيس کڻبو آهي ۽ ڪيئن انهن جي دعائن کي پنهنجي في ڄاڻبو آهي ۽ ڪيئن ڪنهن مظلوم کي ڪورٽ ۾ وٺي اچبو آهي ۽ هو جيڪو ٿاڻي تي فرياد ڪرڻ جهڙو به نه هوندو هو، اهو مظلوم ڪورٽ ۾ بيهي ڪيئن انصاف گهرڻ لڳندو هو ۽ اهو ان کي ملي به ويندو هو. اهو سڀ ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان تاج محمد ابڙي ممڪن بڻايو هو. ها، هو پوءِ جج جي حيثيت سان به ته منصف جي منصب تي ويٺو هو. اهي انصاف به ته سنڌ کي ياد پون ٿا. اٻوجهه ماڻهو جهالت سبب جيڪي جهيڙا ڪري عمريون ڪورٽن ۾ ڳاريندا هئا، انهن کي تڪڙو ۽ ترت انصاف، اهو ڪامريڊ جج ڏيندو هو، ڪهڙو جج آهي جيڪو ججمينٽ کان پوءِ ڌرين کي ويهي اها سرت ڏئي ته سياڻا ٿيو، سمجهه ڌاريو، جهيڙا ۽ فساد ڇڏي امن ۽ محبت سکو. پر اهو ڪم جسٽس تاج محمد ابڙو ڪندو هو ۽ ڪامياب ويندو هو. زندگيءَ جي ڪيترن شعبن ۾ هو مثالي ڪردار هو، اهو ڪردار سنڌ اڄ به فخر سان پنهنجي نئين نسل کي آڇي ٿي، سنڌ سالن کان اڄوڪي ڏينهن تي نوجوان نسل کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ته جنهن به شعبي ۾ هجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٿي ڏيکاريو.
سنڌي ادبي سنگت کي اهو ابڙو ته هڪ ابي جيان ياد ٿو اچي. هو ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هو، هو اسان سڀني اديبن جو انهيءَ ڳالهه ۾ بزرگ هو. ادبي سنگت اختلافن کان بچيل وقت ۾ جيترو ڪم ڪيو آهي، تنهن جو ڪريڊٽ ان ڪامريڊ ڏي به وڃي ٿو. سماج جو ڪو شعبو ناهي، جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو اثر نه هجي. هن کان هڪ نسل متاثر هو، ٻيو نسل متاثر ٿي رهيو آهي ۽ اڃا الائي ڪيترا نسل اهڙي جنم جي انتظار ۾ هوندا، جهڙو ڪامريڊ تاج هو ۽ هو جيئن چاهيندو هو. هن ذاتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪيل ڪم جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهڙي ڪنهن به خفي ۽ اهتمام کان پري بيهندو هو، جتي سندس ذات تعريف جو موضوع بڻجي. انهيءَ ڳالهه ۾ هو سنڌ جو خاموش خادم هو ۽ هو اڄوڪن ڪيترن وڙهي پاڻ مڃائڻ وارن کان وڏو هو ۽ وڏ وڙو هو. اڄ انهن سڀني کي ان وڙ ۾ ڀڙ ٿيڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ليکي پاڻ کي وڏو سمجهي اهڙي ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ به نه ٿيندا آهن، جن ۾ کين خاص مهمان يا صدر نه بڻايو ويو هجي، اڄ ڪامريڊ جي 22هين ورسي ٻاويهون ڀيرو اڄوڪن ”وڏن“ کي هٿ ٻڌي اهو ڄڻ عرض ڪري ٿي ته اوهان به سنڌ جا اهڙا خادم ٿي ڏيکاريو، جهڙو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هو.
(روزانه خبرون 10 مارچ 2008ع)