سنڌ جي گهڻي رُخي شخصيت: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : نور سنڌي
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دنيا جي سياسي صورتحال ۽ انقلابي تبديلين بابت تازو مواد هٿ ڪري پنهنجن نوجوان دوستن کي پڙهائيندو هو. پاڻ عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ ٻين اهڙين سياسي پارٽين ۾ سرگرم رهيو، جن وٽ غريب، مسڪين ماڻهن جي ڀلائي ۽ آجپي لاءِ جدوجهد جو پروگرام هو. پاڻ انهن پارٽين، تحريڪن ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو، پر سندس ڪم ۽ جدوجهد انهن پارٽين ۽ تحريڪن جي ليڊرن کان به وڌيڪ تيز هو. پاڻ 1947ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ڪراچي کان اباڻي شهر لاڙڪاڻي پهتو. پاڻ مظلوم ۽ غريب ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ لڙڻ لڳو. سندس ويجهن دوستن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، شيخ اياز، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين، ڪامريڊ برڪت آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي.ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، مخدوم طالب الموليٰ، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي، ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي، محمد عثمان ڏيپلائي، سيد قادر ڏنو شاهه ۽ ٻيا سوين شامل آهن.
صدر ايوب خان جي دؤر ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، فاطمه جناح گروپ جي حمايت جو اعلان ڪيو ته صدر ايوب، ذوالفقار علي ڀٽو کي چيو ته پنهنجي دوست ڪامريڊ تاج محمد کي منهنجو پيغام رسايو ته هو فاطمه جناح بجاءِ اسان جي حمايت ڪري. پاڻ ايوب خان جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ صدر ايوب انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون ته بلوچستان ۾ ڪامريڊ جي بلوچ دوستن اڪبر بگٽي، عطاءَالله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، خير بخش مري ۽ ٻين کيس بلوچستان اچي سياسي پناهه وٺڻ جو چيو ۽ پاڻ سنڌ مان جلاوطن ٿي ڪافي عرصو بلوچستان ۾ رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، صدر ايوب کان بغاوت ڪري پ پ جو اعلان ڪري رهيو هو ته ڀٽو صاحب نه صرف ڪامريڊ سان مشورو ڪيو، پر پ پ کي سنڌ ۾ فعال ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي. ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪيترن ئي قوم پرست انقلابي ڪامريڊن سان گڏ مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر کي پ پ ۾ آندو ۽ پ پ کي فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ جي لاڙڪاڻي واري اوطاق سياست ۽ انقلابي ميڙاڪن جو مرڪز بڻيل هئي. روزانو رات جو ڪامريڊ جي اوطاق تي اديبن، شاعرن، دانشورن، انقلابي ذهن رکندڙن جا ميڙا متل هوندا هئا. پاڻ ڪراچي ۾ رهڻ دوران ڊان ۽ الوحيد ۾ ڪم به ڪيو. بعد ۾ الوحيد جا ايڊيٽر ٿيا. الوحيد، ڊان ۾ آزادي واري تحريڪ ۽ مظلوم غريبن جي مسئلن تي سندس آرٽيڪل، اداريه صحافتي تاريخ ۾ سُنهري اکرن ۾ لکڻ جهڙا آهن.
پاڻ ڪافي عرصو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر به رهيا. 1972ع ۾ سندس ذهانت جو فائدو وٺندي، ذوالفقار علي ڀٽو کيس ايڊيشنل سيشن جج مقر ڪيو. 13 سال ان عهدي تي رهڻ بعد سيشن جج جي عهدي تي پهچي پاڻ رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد واپس لاڙڪاڻو اچي ساڳيا سياسي، سماجي، ادبي ميڙاڪا مچائڻ لڳا. سيشن جج جي حيثيت ۾ پاڻ ڪابه سفارش نه مڃي ۽ انصاف ڀريا فيصلا ڪيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اها عظيم شخصيت هئي، جو غريبن جي اولاد کي تعليم لاءِ همٿائيندا هئا ۽ نياڻين جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ورتيون. پاڻ پنهنجي ٺٽي جي دوستن جي بيحد اسرار تي مڪلي تي عظيم الشان گهر ۽ اوطاق ٺهرائي اتي اچي رهيا. هيڏي وڏي شخصيت هئڻ جي باوجود فقير منش، انتهائي سادگي پسند هئا. هي قول جو پڪو سچو هڪ آدرشي انسان پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو ۽ هڪ تحريڪ هو. سندس ڪوششن ۽ همٿائڻ سان ڪيترا ئي نوجوان وڏا اديب، شاعر ۽ دانشور بڻيا. اها جدا ڳالهه آهي ته هاڻي اهي ماڻهو ڪامريڊ کي سندس ورسي تي به ياد نٿا ڪن.
10 مارچ 1986ع تي عظيم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ڪامريڊ وٽ بهترين ڪتابن تي جتي وڏي لائبريري هئي، سندس وفات بعد سندس وارثن ڪتابن جو وڏو تعداد سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻو کي تحفي ۾ ڏنا. ڪافي قيمتي ڪتاب پڙهڻ جي بهاني ڪامريڊ جا دوست کڻي ويا، جيڪي بعد ۾ واپس نه ڏنا. اڄ هن عظيم هستي جي 25 ورسي آهي. اسان سندس عظمت، جدوجهد، سچائي کي سلام پيش ڪريون ٿا. سندس جدوجهد واري زندگي ايندڙ هر نسل لاءِ روشنيءَ واري واٽ هوندي. اڄ سڄي سنڌ ۾ مختلف ادبي ثقافتي ادارن ۽ سنڌ صحافي سنگت پاران سندس ورسي ملهائي پئي وڃي.
(روزانه مقدمو، عبرت، تعميرِ سنڌ، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، برسات، سنڌو، عوامي آواز)