شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

آزاديءَ جي شمع جو پروانو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: برڪت علي آزاد

تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت 1948ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي.
تاج محمد ابڙو مرحوم 1970ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون.
حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس.
تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا.
تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن.
جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي.
تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس.
مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي.ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو.
هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.
اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن.
تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن.

(عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد)