جاڳر جوڳيئڙن جو / تحرير: زيب نظاماڻي
سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو.
(شاهه لطيف)
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون.
اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون.
هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو.
پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها!
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا
(شاهه لطيف)
1947ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو.
هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا.
ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي.ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا.
ابڙو وڏ وڙو، سُوڙو سمو سونهن سڀن
تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي
(شاهه لطيف)
ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع 27 آگسٽ 2003ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي.
تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا!
واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي
(اياز)
اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين
هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان
(شاهه لطيف)
ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي.
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه
(شاهه لطيف)
لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان 10 مارچ 1986ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي.
پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو:
اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو
ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو
پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا
(شاهه لطيف)
(روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت)