شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڏيئو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو! : آڪاش سنتورائي

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، اهو نالو ته اسان ننڍپڻ کان ئي ٻڌندا ۽ پڙهندا پيا اچون، پر مون کي هن وراسٽائيل شخصيت جي پروڙ ان وقت پئي، جڏهن سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي طرفان سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ پڙهيم. حقيقت ۾ اها ان دؤر جي سحر انگريز سنگت چئجي، يا کڻي ٻيو ڪجهه، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت گهٽ ۾ گهٽ هن وقت اسان کي ڪٿي نظر نٿي اچي. هڪ ئي وقت اديب، سماج سڌارڪ ۽ سرڪاري ملازم، ائين کڻي چئجي ته سماج جي هر ذميداري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي سر تي کنئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ اهڙن املهه هيرن جي کاڻ آهي، جن پنهنجو رت، ست، ڌڻ ۽ دولت ٻين کي ارپي، پاڻ هميشه اهڙي ڏيئي مثل بڻجي ويا، جيڪو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي اهڙو ئي هميشه ٻرندڙ ڏيئو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن سماج کي هڪ سوچ ڏني ۽ هڪ اهڙو گس ڏنو، جيڪو سنڌي قوم ۽ حقيقي انقلاب آڻڻ واري منزل طرف ئي گامزن رهيو آهي. تاج محمد ابڙي 8 آگسٽ 1924ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ قادر بخش ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد هن دنيا ۾ کيس اڪيلو ڇڏي ويو ۽ سندس ننڍپڻ پيءُ جي شفقت کان محرومي ۾ گذريو، پر ننڍپڻ ۾ ئي کيس اهڙي تربيت ملي، جو اڳتي هن پوري سماج جو بار پنهنجي سر تي کڻڻ جو عزم ڪيو. استاد، وڪيل، جج، سياستدان، اديب ۽ صحافي هجڻ جو اعزاز شايد ئي تاج محمد ابڙي کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ هجي. هن پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي. ان دوران سندس زندگي ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا مشاهدا ۽ تجربا ٿيا، جنهن بعد هو ڪراچي ويو، جتي هن ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهڻ کان وٺي سماجي، سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز سندس اوطاق هوندي هئي ۽ ائين کڻي چئجي ته 50ع واري ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق ڏينهن رات ڀريل رهندي هئي. ان وقت جون علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتون ذوالفقار علي ڀٽو، انيس انصاري، تنوير عباسي، سائين جي.ايم سيد، رسول بخش پليجو، فاضل راهو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جمال ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون سندس اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ شامل رهيون. ائين کڻي چئجي ته ادبي تحريڪن کي جنم ڏيڻ ۾ تاج محمد ابڙو ۽ سندس اوطاق جو پڻ وڏو ڪردار رهيو آهي. ون يونٽ جي زماني ۾ ڪيترا ئي اديب گوڏي ڀر گسڪي وڃي آمرن جي پيرن ڀيڙا ٿيا، پر تاج محمد ابڙي ون يونٽ خلاف ادبي تحريڪ جي شروعات ڪئي. ڪراچي ۾ رهڻ دوران تاج محمد ابڙو ريڊيو ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر به رهيو ۽ ”الوحيد“ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. هو سماج سڌارڪ ۽ سوشلسٽ خيالن جو ماڻهو هو. ڪراچي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي کي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو، جتي هو ڪميونسٽ پارٽي طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم تي هلندڙ ڪلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪندو هو. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ قاضي فضل الله سان تاج محمد ابڙو جا نه صرف گهرا لاڳاپا هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ هجڻ جي ڪري ضلعي جي ڪيترن ئي مسئلن تي ساڻس مشورا به ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي ترقي پسند ادب جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو به تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو. لاڙڪاڻي ۾ سندس ئي ڪوششن سان سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو ۽ شاهه لطيف لائبريري وجود ۾ آئي. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي سنگت جي پهرين صف وارن ساٿين ۾ شامل رهيو. هتي هڪ ڳالهه افسوس سان چئي سگهجي ٿي ته اسان وٽ ون يونٽ خلاف تحريڪ جو جڏهن به ذڪر نڪري ٿو، ته اتي هر ڀيري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي وساريو ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق ڪچهري نه هجي ها، ته شايد ون يونٽ خلاف ادبي تحريڪ اهڙي نموني نه اُڀري ها، جو ان وقت جي آمر کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا. تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”هو روشني جو پهريون ڏيئو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين.“ تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته مرحوم تاج محمد ابڙو اهڙو ڏيئو آهي، جيڪو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو.

روزانه ڪاوش ڇنڇر 8 آگسٽ 2009ع