سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت تاج محمد ابڙو / تحرير: ستار ڀٽي
سال 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو.
حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال 1965ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن 1954ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن 1956ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو.
سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 1972ع کان 1985ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت 62 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 10 مارچ 1986ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو.
اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن.
مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي
ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون
(اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت)