شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هڪ عظيم انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: انيس انصاري

منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين 1939ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“
پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو.
تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو.
تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو.
اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو.
ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو.
ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو.
تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال 1972ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال 1978ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو.
ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو.
شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو.
پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون.
مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو.
تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال 1946ع کان وٺي 1986ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن.
سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا.
تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا.
هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو.
منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي.
دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو:
”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي.
تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“
تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين.
تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو.
ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو.
سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو.
پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن.
تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو.
تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو.
اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين.
قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shahnawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا.
اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن.

سال 1985ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو.

ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون.
ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا.

باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي.
فيبروريءَ 1986ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ 10 مارچ 1986ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو.

(هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار)