شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: هدايت منگي

اٺين آگسٽ 1994ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي 69 هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا.
جي.ايم سيد:
ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس.
ڪامريڊ ڄام ساقي:
سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو.
تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي:
تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن – محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي.ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي.
ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي.
مان تقريباََ پنج سال 1959ع کان مارچ 1964ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي.
تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. 10 مارچ 1986ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو.
تنوير عباسي:
تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات 1956ع ۾ ٿي.
ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو.
اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
نواب نبي بخش خان ڀٽو:
تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو.
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر:
لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن.
ڊاڪٽر اياز قادري:
تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. 1942ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو.
تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو.
تاج محمد ابڙو 48-1947ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي.ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو.
تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي.
هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو.
انيس انصاري:
منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين 1939ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو.
شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا.
تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي.
انور پيرزادو:
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي.
امان شيخ:
هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا.
مير علي احمد ٽالپر مرحوم:
مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري.
ادل سومرو:
سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.
ڪامريڊ برڪت علي آزاد:
تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو.
سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن.
چيف جسٽس نعيم الدين:
مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان.
محمد علي پٺاڻ:
تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.

(عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو )