شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جو سجيلو سپوت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : يوسف لغاري

سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا.
ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا.
اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن 1976ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو.
دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو.
جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو.
وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو.

(روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز)