اڄ وري منھنجي مَنَ اندر جي وِڄُ نئين اميد جا چمڪاٽ ڪيا. جڏهن جڏهن آسمان تي وِڄُ چمڪاٽ ڪندي آهي ته اُھا منھنجي من اندر جي وِڄُ سان ملي، اُميدن آسن ۽ اڳتي ھلڻ ۽ نه ٿڪجڻ جا چمڪاٽ ڪري روشنين جا ديپ جلائيندي آهي، مون پنھنجي من اندر جي وِڄُ کي ڪڏهن ڪرڻ نه ڏنو ان ڪري جو جيڪڏهن اُھا ڪرندي ته آئون خاڪ ٿي وينديس پر مون اُن وِڄُ کي پنھنجي اندر امانت طور سانڍي رکيو، جيئن ان مان اُميدن جا نوان ديپ جلائي سگھان، آسمان وري ڪارو ٿي ويو، گجگوڙ سان گڏ ان کي اُميد جي روشني ڏيڻ لاءِ وِڄُ پنھنجا پر کولي چمڪاٽ ڪندي سڄي وايو منڊل کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ ان اُميد جي روشني ڏسي، بادلن کي پنھنجي شڪست محسوس ٿيڻ لڳي. بادل ڏک وچان لڙڪ لاڙڻ لڳا، انھن جي لڙڪن سان ڌرتيءَ جي دل نَرَمُ ٿي، پنھنجي اندر جي مَھڪ ھوائُن کي عرض ڪري آسمان طرف اُڏائڻ لڳي. اُن مھڪ تي آسمان خوش ٿي جھومڻ لڳو ۽ ھر طرف ٿڌڙين ھيرن مٽيءَ جي مھڪ بادلن جا ٽھڪ ۽ وِڄُ جا چمڪاٽ سڀ ھڪ ٿي ويا، اُميدن جا نوان گيت گونجڻ لڳا. مان کڙڪيءَ جا ٻئي تاڪ کولي پنھنجو ڪنڌ آسمان طرف ڪري، ڪائنات جي تخليق ڪيل انھن رنگن کي ڏسڻ لڳيس جيڪي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ وِڄَ جي چمڪاٽ سان تمام خوبصورت نظر اچن پيا. اڄ مونکي منھنجي زندگيءَ جي اُها انڌاري ۽ اڻانگهي رات ياد اچڻ لڳي. جڏهن ڪارن بادلن منھنجي آس پاس انڌيرن جا اولڙا ڪري ڇڏيا هئا. مٽيءَ جي مھڪ خاموش ھوائُن تي نراش ھئي، وِڄَ پنھنجا پر کولي ٿڪجي پئي ھئي ان ڪري بادلن پنھنجي نھٺائي قائم رکي آسمان ۾ انڌوڪار ڪري ڇڏيو. مون پنھنجي مَنَ اندر جي وِڄُ سان، اُميدن جا نوان ديپ جلايا ھئا، اھو ڏسي آسماني وِڄُ شرم وچان، اُٿي چمڪاٽ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڪارن بادلن انھن چمڪاٽن سان مھاڏو نه اٽڪائيندي شڪست ۾ لڙڪ لاڙڻ شروع ڪيا ۽ انھن لڙڪن سان آس پاس گلڙَنِ ڦُلڙَن مھڪڻ شروع ڪري ڇڏيو. مان کڙڪيءَ جا تاڪ کولي مسلسل آسمان کي تڪي رهي ھيس، آھستي آھستي آسمان جي ڪاراڻ ھلڪي ٿيندي وئي، وِڄُ چمڪاٽ ڪندي ٿڪجي پئي ھئي، بادلن لڙڪ لاڙي ڌرتيءَ کي مھڪائي ڇڏيو هو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ اُميدن جي سجَ جي ڪرڻن انڊلٺ جا رنگ آسمان تي وکيري ڇڏيا.