ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

نياڻي

روز جيان، پاڙي واري ٻانگي جي ٻانگ جي آواز تي زيبوءَ جي اکِ کُلي، ھر روز جيان اک کلڻ تي ھو پنھنجي آس پاس جو جائزو وٺندي هئي، انڪري جو، ھوءَ جيڪو ڪجھه پنھنجن سپنن ۾ ڏسندي ھئي، اُن جي پڪ ڪرڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن نِھاريندي ھئي ته ڪٿي اڃان خوابن واري محل ۾ ته ناھي! پر ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ به ساڳئي غريباڻي پڌر ۾ ڇڳل کٽ تي سُتل ھوندي ھئي. اُن لمحي ھوءَ ھڪڙو ٿڌو ساھه کڻي آسمان ڏانھن نِھاريندي ھئي. ھڪدم آسمان ڏانھن نظر ڪندي دل ئي دل ۾ ڄڻ ڪا شڪايت ڪندي ھئي.
اڄ به اک کُلڻ شرط ھن جي نظر کٽ ڀرسان پيل لٺ واري پکي تي پئي، جيڪو ھوا گھٽ ۽ کڙڪو وڌيڪ ڪندو هئو، اُن پکي جي سامھون سندس کٽ سميت قطار ۾ کٽون رکيل ھونديون ھيون. جتي سندس ڀينر، ڀائر ۽ آخري کٽ تي پيءُ سُتل ھوندو ھو. ھاڙ جا ڏھاڙا ھوندا ھئا ۽ مڇرن ھُجڻ ڪري کٽن تي مھارا وجهي سمھندا ھئا، سندن اڱڻ ڪشادو ھئڻ ڪري جيڪڏھن ڪڏھن ڪا تيز ھوا ھلندي ھئي ته مھارن جا کٽ سان ٻڌل لڪڙا ڪِري پوندا هئا، جيڪي پِڻھنس ڀڻ ڀڻ ۾ گاريون ڏيندي، کٽ جي پاون سان ٻيھر ڇڪي ٻڌندو هو.
زيبو، الله اڪبر جي آواز سان ڪلمو پڙهي، مھاري کي مٿي ڪري اُٿي، ھٿ منھن ڌوئي رڌڻي ۾ آئي ته ماڻهنس چيلهه کي ھٿ ڏئي پريشاني ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رهي هئي. ھونئن اڪثر ماڻهنس اَٽو بيٺي ڳوھيندي آھي. زيبو سمجهي وئي ته امان کي سورَ ٿيا آهن.
گھر جي وڏي ڌيءَ ھئڻ ڪري زيبو ماءُ جو ھر ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي نه صرف ايترو پر چوڏھن سالن جي وھيءَ تائين چار ڀيرا ماءُ کي ايئن سور کائيندي ڏٺو ھيائين. زيبو ماءُ کي ھٿ مان وٺي اچي کٽ تي ليٽايو ۽ پاڻ نماز پڙھڻ لاءِ پڌر ۾ مُصلو وڇايائين. نماز جي آخري رڪعت مڪمل ڪري، جڏھن سلام ورايائين ته ماءُ تي نظر پيس جيڪا پڌر ۾ تڪليف وچان چڪر ڪاٽي رھي ھئي. ھن دعا لاءِ ھٿ مٿي کنيا ۽ آسمان ۾ نِھارڻ لڳي. پرھه اڃا ڪونه ڦُٽي ھئي، پر تارا اڳواٽ ئي سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي ڄڻ لِڪي رھيا ھئا. زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته ھو به ته اُنھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي تاءَ ۾ لوڪ کان لِڪندا رھندا آھن. ڪٿي به ڪڏھن به کين ڪنھن اميد ۽ خوشيءَ جو پاڇو يا ڇانورو نصيب نه ٿيو. ھن وري ٿڌو ساهه کنيو ۽ ماءُ کي ڏسڻ لڳي، مُصلو ويڙهي اُٿي ماءُ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، وري وڃي پيءُ جي کٽ ڀرسان بيھي غور سان پيءُ کي ڏسڻ لڳي، جيڪو رات پنھنجو نشو پَتو ڪري گھري ننڊ سُتل ھو. ھُن پنھنجي پيءُ کي اُٿارڻ ۽ ٻُڌائڻ چاھيندي به کيس اُٿارڻ نه پئي چاھيو جو کيس گذريل سال جو واقعو اکين اڳيان تري آيو. جڏهن ماڻھنس کي سُور ٿيا هئا ۽ ھن پيءُ کي اٿاريندي چيو هو ته:” بابا اُٿو دائيءَ کي وٺي اچو، امان کي سُور ٿيا آھن.”
ته پڻھنس گار ڏيندي چيو ھئس ته:” ماڻھين روز روز ٿي ٻار ڄڻي، اسان نوڪر آهيون، جو ننڊ ڦٽائي دائيون ڳوليندا وتون ۽ ٻيو ته ھت پيا به نوٽ آهن جو دائيءَ کي ڏينداسين.”
اُن لمحي زيبو جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. ھوءَ سوچڻ لڳي ته امان جي سُورن ۽ ٻارن ڄڻڻ جو سبب ڪير آھي؟ شايد کيس اندر مان جواب ملي ويو جو ھوءَ عمر جي حساب سان سياڻي ٿي چُڪي ھئي. ھُن اڪثر ماءُ کي سندس پيءُ کي چوندي ٻڌو هو ته:
” زيبوءَ جا پيءُ ! ڪجھه ته خدا جو خوف ڪر ڀلا، وقفو به ڪر کڻي، مان روز روز ٻار ڄڻي مري پئي آھيان.”
تنھن تي پڻھنس گار ڏيندي چوندو ھئس:
”شودي رَنَ وقفي ڪرڻ سان الله ناراض ٿيندو، جيڪڏھن اُن جي قدرت سان ھٿ چراند ڪندينءَ ته قيامت ۾ ڪارو منھن ٿيندو تنھنجو به ته منھنجو به.”
۽ وري سُورن مھل چوندو ھو ته رَنَ روز ٿي ٻار ڄڻي، اھو سوچي ڪاوڙ ۽ ڏک وچان زيبوءَ جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا، هن پنھنجا لڙڪ اگهندي ورانڊي ۾ رکيل وڏي پيتيءَ مان چادر ڪڍي ۽ ماءُ کي چيائين: “امان! سج به نڪتو آهي، مان پاڻ وڃان ٿي راڻي ماءُ ڏي ته، ھوءَ مونسان گڏجي ھلي دائيءَ کي وٺڻ لاءِ.”
ماڻهنس کيس ڏک ۽ تڪليف مان شڪست کاڌل ھرڻيءَ جيان، نماڻين اکين سان ڏٺو، ڄڻ کيس پنھنجي ھُجڻ جو پڇتاءُ ھجي، زيبو ننڊ سُتل ننڍي ڀيڻ زريءَ کي ڌوڻا ڏيندي اُٿاريندي چيو:
”مان وڃان ٿي دائيءَ کي وٺڻ لاءِ جو امان کي سُور ٿيا آھن، تون اُٿ امان جو خيال ڪر ۽ چانھه ڍُڪ ٺاهي امان ۽ ڀائرن کي ڏي.”
زري، زيبوءَ کان ٻه سال ننڍي ھئي سو دائيءَ جو ٻڌي ٽپو ڏيئي اکيون مھٽيندي کٽ تان اٿي. زيبو چادر ڍڪي پاڙي ۾ رهندڙ راڻي ماءُ جي گهر پھتي، سامھون کان راڻي ماءُ، زيبو کي صبح سوير ايندو ڏسي سمجهي وئي ته زيبوءَ ماءُ کي سور ٿيا ھوندا. ان کي خبر هئي ته زيبوءَ ماءُ ڀري پيٽ سان ھئي ۽ مھينا به اچي پورا ٿيا ھئس. زيبو ويجھو آئي ته راڻي کيس مُرڪي نھاريو جيڪا اسڪول وڃڻ جي تياري ڪري رھي ھئي، زيبو کي ويجھو ايندي ئي راڻيءَ ماءُ چيس:
”خيرته آھي زيبو صبح ساڻ ئي ڀڄندي آئي آھين، ماڻھين کي سُور ٿيا آھن ڇا؟”
زيبو جواب ته ڪونه ڏنو پر سندس اکين مان لُڙڪ وھي پيا. راڻي ماءُ زيبوءَ کي ڀاڪر پائي آٿت ڏيندي چيو:
”اُلڪونه ڪر ڌيءَ، رب سڻائي ڪندو.”
ايتري ۾ راڻي به سُري سندن ويجھو آئي ۽ ماءُ کي چيائين:
”امان مان اڄ اسڪول نه ٿي وڃان جو زيبو سان ڪم ڪار ۾ گڏ ھونديس.”
راڻي زيبوءَ جي پڪي ساھيڙي ھئي، ٻئي ننڍڙي ھوندي کان ئي گڏ کيڏيون ۽ ھڪ ئي اسڪول ۾ پڙھنديون ھيون، سڄي پاڙي ۾ زيبو ۽ راڻي جي دوستي مشهور ھئي. ٻئي ساھيڙيون سڄي پاڙي جو نڪ ھيون جھڙيون سمجھدار ۽ سياڻيون ھُيون، تھڙيون ئي وري اخلاق واريون به ھُيون، ھر ڪنھن سان پيار محبت ۽ اخلاق سان ڳالھائينديون ھُيون. جيڪڏھن پاڙي ۾ ڪا عورت بيمار ٿيندي ھئي ته اُن جي گهر جو ڪم ڪار ٻئي ڄڻيون ملي ڪنديون هيون. تنھن ڪري سڄي پاڙي وارا زيبو ماءُ کي، زيبو جي نالي سان ۽ راڻي ماءُ کي راڻي جي نالي سان سڏيندا هئا. راڻي ماءُ به سڄي پاڙي ۾ مشهور ھئي، پاڻ وڏيري جي ٻي زال ھئي، سھڻي سٻاجھڙي، پڙھيل لکيل هئي. وڏيري جو بنگلو سڄي پاڙي ۾ سڀني کان سھڻو ۽ وڏو ٺھيل ھو سو راڻي ماءُ جي نالي ڪيو ھيائين ۽ وڏي زال کي ڳوٺ ۾ الڳ حويليءَ ۾ رکيو ھيائين. راڻي ماءُ جيتوڻيڪ پڙھيل لکيل ھئي پر زيبوءَ ماءُ جي سٺي تعلق ۽ دوستيءَ جو به مٿس اثر ھو، جو زيبو ماءُ غريب ھوندي به ڏاڍي سٻاجھي ۽ ڳُڻن واري ھئي. سو راڻيءَ کي جواب ڏيندي چيائين:
“راڻي تنھنجو اسڪول وڃڻ ھن مھل ٺھي ڪونه ٿو.”
راڻي ماءُ پنھنجي نوڪرياڻي شھزادي کي سڏ ڪندي چيو:
“شھزادي! ڊوڙ ڪري وڃي دائيءَ کي وٺي اچ.”
شھزادي، اُن جون ٻه ڌيئرون ۽ مڙس راڻي ماءُ جي گھر ۾ ڪم ڪندا
ھئا. شھزادي جي شادي به راڻي ماءُ ڪرائي جيڪا اصل وڏيري جي ڳوٺ جي ھئي. زيبو اڃان ڳوڙھا به نه اُگھيا ته کيس راڻي ماءُ چيو:
“زيبو تون پريشان نه ٿي، شھزادي ڄاڻ دائيءَ کي وٺي آئي ۽ پيسن جو فڪر نه ڪر مان پاڻ دائيءَ کي پئسا ڏينديس.”
ھي ٻئي ڄڻيون نائين ڪلاس ۾ پڙھنديون آھن، زيبوءَ جي سڄي پڙھائيءَ جو خرچ راڻي ماءُ ڪندي آهي، زيبوءَ جو پيءُ موالي آهي، سو ڪڏھن مزدوري تي ويندو آهي ته ڪڏھن نه. مزدوري تي ويندو ته ڪو ھڪ ويلو گھر ۾ پچندو آهي، ۽ ٻيو ويلو وري بک تي گذران ڪرڻو پوين ٿو. اُن حالت ۾ به راڻي ماءُ سندن پرگھور لھندي ھئي. زيبوءَ ماءُ جيتري سھڻي اوتري سٻاجھڙي، بس حالتن ۽ تڪليفن کيس ماٺ ڪرائي ڇڏي ھئي. ھوءَ خاموش خاموش رھندي ھئي بس اندر ئي اندر ۾ سوچيندي ۽ لوچيندي رھندي ھئي. روز روز مُڙس جي گارين مار موچڙي زيبوءَ ماءُ جي وجود کي جنجھوڙي ڇڏيو هو. بس ڪو وسيلو نه ڏسي ٻارن خاطر پنھنجا چپ ھميشه لاءِ سبي ڇڏيا ھيائين. ڪجھه دير ۾ شھزادي دائيءَ کي وٺي آئي، زيبوراڻي ماءُ ۽ شھزادي دائيءَ کي وٺي سندن گھر آيا. دائيءَ زيبو ماءُ کي ڏٺو ۽ زيبو کي چيائين ته:
“چلھي تي پاڻي ديڳڙو رکُ گرم ٿئي ته آڻي ڏي.”
زيبو جلديءَ ۾ جست جو ھڪڙو وڏو ديڳڙو کڻي، اڱڻ تي لڳل ھٿ واري نلڪي کي گيڙيندي ڀرڻ لڳي، پر ديڳڙو به ھنن جي غربت واري زندگيءَ جيان چٻو ٿي ويو هئو، زيبوءَ ان کي نلڪي ھيٺان رکڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پر ديڳڙو نلڪي مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان پري ٿي پيو وڃي، بلڪل ايئن، جيئن ھنن جي چِٻِي ٿيل قسمت جو ديڳڙو، وقت جي ونڊ کان ھٽِي ويو ھئو. سو زيبوءَ زري کي سڏيندي چيو:
“زري اچ ديڳڙو جھل ته پاڻي ڀري رکان.”
زيبو ديڳڙو ڀري چلھه تي رکيو، ديگڙو چُلھه تي رکي ھوءَ ڪوٺي ۾
وئي ۽ ڪوٺيءَ جي ھڪ ڪنڊ تي پراڻيون ڳوڻيون وڇائي انھن مٿان پراڻي رِلي وڇائي ڇڏيائين ۽ اُن ڀرسان ھڪڙي ڇَلي رکي ڇڏيائين جنھن ۾ ماڻهنس ٻار جا ڪپڙا ٽوال رِلِڪا ۽ ناڙو ڪٽڻ لاءِ بليٽ تيل ۽ ٻيون شيون رکيون ھيون، جيئن اڳ ھوءَ ماءَ جي ويم وقت سدائين ڪندي ھئي.
ايتري ۾ دائي ماڻهنس کي ھٿ ڏيندي وٺي ڪوٺي ۾ آئي ۽ زيبو کي چيائين جلد ڪرگرم پاڻي کڻي اچ، بس ٿوري دير ۾ ٻار اچڻ وارو آهي، زيبو ماءُ کي دائي انھن وڇايل ڳوڻين تي سمھاري، پيٽ کي لوڏا ڏيڻ لڳي ۽ راڻي ماءُ کي چوڻ لڳي زيبو پاڻي آڻي ته چويس ڪوٺيءَ جو در بند ڪري. زيبوءَ جيئن پاڻي کڻي اچي رکيو ته راڻي ماءُ چيس:
“ڌيءُ در بند ڪر ۽ تون ڪوٺيءَ کان ٻاهر وڃ.”
زيبو، جنھن صبح کان چانهه جو ڍڪُ به ڪونه پيتو ھو، ڳڻتي ۽ ڏک وچان مٿو ڦري رھيو ھيس. ڪوٺي جو در بند ڪري اُتي ئي ويھي رھي. سامهون پڻھنس سلفيءَ ۾ چرس جا سوٽا ويٺي لڳايا، ھو اُنھن سمورين پيڙائن کان بي خبر ھو. زيبوءَ جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا کيس ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ پڻھنس گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو ھجي، جنھن کي زال جي تڪليف جي لُڇ ۽ پرواهه ئي نه آھي. ھُن کي پيءُ کان ڪِراھت اچڻ لڳي، جنھن جو ڪم بس ماڻھنس سان سمھڻ ۽ جانورن جيان ٻار پيدا ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ ھو.
ٿوري دير ۾ ڪوٺيءَ اندران “اُو ئان اُو ئان” جا آواز اچڻ لڳا گڏوگڏ دائي زيبو کي سڏ ڪندي چيو:
“زيبو جلد اچ...”
زيبو ڪوٺيءَ جو در کولي اندر وئي ته دائيءَ کيس ٽوال ۾ ويڙھيل ٻار ڏيندي چيو:
“مبارڪ ھُجئي، ڀيڻ ڄائي اٿئي.”
زيبو پنھنجي نئين ڄاول ڀيڻ جھولي ۾ جھلي دائيءَ کي ڏسڻ لڳي ته ڇا واقعي به خير مبارڪ چوان يا نه!؟ جو اُھا ٽيون نمبر زيبو به ھن زندگيءَ جي آڙاهه ۾ جلڻ لاءِ آئي ھئي. زيبوءَ جي ھٿ ۾ جھليل ٻارڙي مسلسل “او ئان او ئان” ڪري روئي رھي ھئي. زيبوءَ کي لڳي رهيو هئو ته ڄڻ، ٻارڙي سندس گھر ۾ اچڻ تي خدا کان شڪايت ڪري رھي ھجي ۽ چئي رهي ھجي ته: “اي خدا پيدا ته ڪيئي، پر اھڙي گھر ۾ جتي عورت کي انسان ئي ناهي سمجھو ويندو.” ايتري ۾ پڻھنس جو آواز آيو:
“ڇا ڄڻيو آھي ماڻهين؟”
زيبو چيو:“ادڙي.....”
پڻهنس ٻڌندي ئي چيو: “لک لعنت اٿس، ڀلا ماڻھين نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي به ڇا ؟”
اُھي لفظ زيبو جي دماغ ۾ ڪنھن تير جيان لڳا ۽ ڏُک وچان سمورو اندر وڍجي ويس، اندر مان ھڪ آھه نڪتس، ھُن ننڍڙي ڄاول ڀيڻ کي ھٿن تي ٿورو مٿي ڪري، الله کي التجا واري انداز ۾ چيو:
“اي منھنجا رب ھن معصوم کي ھِن روح کي واپس موٽائي وٺ، ھن گھر ۾ نياڻي رحمت جي ڪا به ضرورت ڪونھي، رھندو پئي سموري عمرلعنت وسندس ۽ سواءِ تڙپڻ ۽ بُڇڙو ٿيڻ جي ڪجھه ڪونه ملندس.”
اُھا ئي ساعت ھئي، شايد زيبو جي دُعا قبول پئي يا وري دائيءَ ڪو کيس ڄڻائيندي، زور ايذاءُ ڏنو ھئو، جنھن ڪري ٻارڙي ڳيتون ڏيندي روئڻ بند ڪري ڇڏيو. زيبو، ڄاول ڀيڻ کي ڏٺو ته ھوءَ نيري پيلي ٿي وئي آھي ته زيبو رڙ ڪندي راڻي ماءُ کي سڏ ڪيو:
“ماسي! ھي ڏسو ننڍڙي روئي به نه ٿي ۽ ڪاراٺجي نيري ٿي وئي آھي.” راڻي ماءُ ۽ دائي، زيبو ڏانھن ڊوڙنديون آيون، دائي يڪدم کڻي ٻارڙي، زيبوءَ کان ورتي، ٻارڙي ته پساھ ڏئي چُڪي ھئي. دائيءَ ڏُک وچان راڻي ماءُ ڏانھن نھاريو ۽ چيائين:
” سانئڻ! ڏک نه ڪجانءِ، ننڍڙي جتان آئي ھُئي تيڏانھن ھلي وئي.”
پريان زيبو ماءُ جي سُڏڪن جو آواز اُڀريو پر زيبو ڄڻ سڪتي ۾ ورتل ھئي.
****