سائيڪل وارو
ڪڏهن ماسي نوران سڏ ڪندي ھئس ته“او امان ياسي مٿي کي سير ته ڏي، مار پوي جوئن کي مٿو ئي کائي ڇڏيو اٿن، کنھي کنھي مٿي ۾ ڦٽ ٿي پيا آهن.”
ڊوڙ پائي وڃي ماسي نوران جي مٿي ۾ اھڙي سير ڏيندي ھئي جو ماسيءَ کي ننڊ وٺي ويندي هئي، ايئن ڪڏهن ريل جي ڦاٽڪ تي ٺهيل قاسم چاچا جي زال کان سئيٽر اڻڻ سکڻ ويندي هئي، ڪڏهين ادي شاھدہ سان گھر جي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي ۽ ھوءَ بدلي ۾ کيس سلائي سيکاريندي ھئي، پنھنجي گهر ۾ به ماءُ جو ھر ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي، جنھن ڪري سڄي ڳوٺ ۾ سگھڙ جي نالي سان سڏيندا ھئس. اسڪول ۾ به ماسترياڻيون ھن جي سٺي سڀاءُ ڪري تعريف ڪنديون ھيون. هوءَ شرارتون به جام ڪندي ھئي، بھادر به حد کان وڌيڪ ھئي.
رستي ويندي جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڪجهه چوندو ھئس ته مردن جيان ان سان مھاڏو اٽڪائيندي ھئي ۽ گاريون ڀونڊا ڏئي، جهيڙا ڪندي، ٽھڪ ڏيندي، بنان ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي ٺينگ ٽپا ڏيندي گھر ايندي هئي، گھر جو سودو سامان به پاڻ وٺي ايندي هئي.
ايئن ئي ھڪ ڏينھن دڪان تان سودو وٺي واپس اچي رھي ھئي ته پويان کان ڪنھن سائيڪل واري گھنٽي وڄائي، ھن بي اختيار پوئتي مڙُي سائيڪل واري ڏي نھاريو. سائيڪل تي سندس پاڙي واري مسجد جو مؤذن ملان جُوسو هو. جيئن ئي هنُ جي سائيڪل واري ملان تي نظر پئي ته ملان جُوسي هن کي متوجهه ٿيندو ڏسي، پنھنجي قميص مٿي ڪئي. هنُ ڏٺو ته ملان جُوسو کيس پنھنجو جنسي عضوو ڏيکاري رهيو هو. ھيءَ اھو سڀ ڪجهه ڏسي وائڙي ٿي وئي ۽ تيزيءَ سان ڊوڙندي، سھڪندي اچي گھر پهتي، گهر پهچي سندس دماغ گهمڻ لڳو ۽ چهري تان پگهر ريلا ڪري وهڻ لڳُس. هوُءَ ڏاڍي بي چين ٿي پئي ھئي. ھر ھر ھن جي اڳيان ملان جوُسي جو چھرو ۽ قميص ھيٺيان لڪيل عضوو ياد پيو اچيس، هوُءَ ڪافي پريشان هئي ٻه ڏينھن ته گهر کان ٻاهر ئي ڪونه نڪتي، نه ڪو وري اسڪول وئي. ٽئين ڏينھن ماسي نوران ڀت تي چڙهي آواز ڏنس: “او امان ياسي ڪٿي آهين اچُ مٿي تي سيرته ڏي.”
ياسي ھائو چئي ماسيءَ ڏانھن وئي، سير ڏيڻ مھل رکي رکي ھن جي دماغ ۾ ملان جوسي جو چهرو ۽ سندس قميص هيٺيان لڪيل عضوي جو خيال اچي رهيو هو، ھن کي سمجهه نه پئي آيو ته آخر اهو ڇا هو.
ملان جوسي آخر پنھنجو جنسي عضوو شلوار کان ٻاهر ڇو ڪڍيو ھو؟ ھن جي ننڍڙي دماغ ۾ سوالن جو طوفان ڇوليون هڻي رهيو هو.
ھن ماسي نوران کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ پئي چاهيو پرڇا ۽ ڪيئن ٻڌائي، سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه ٿي آيس، کيس خيالن ۾ گم سم ڏسي ماسي نوران چيس: “امڙ ڪٿي ڌيان اٿئي؟ اڄ سير به سهي ڪونه پئي ڏين.”
هن جان ڇڏائڻ لاءِ چيو: “بس ماسي اڄ ٿڪجي پئي آهيان، سڀاڻي سٺي سير ڏينديسانءِ.”
“چڱو چڱو امڙ تون آرام ڪر، سڀاڻي اچجان ۽ ھا امڙ چاڏيءَ ۾ تنھنجي لاءِ ڏڌُ ۽ مکڻ چاڻو رکيو اٿم سو کڻي وڃ.”
ماسي نوران جنھن وٽ ٻه مينھون ھيون. ھڪ مينھن جو کير وڪرو ڪندي ھئي ۽ ھڪ مينھن جي کير مان گھر وارن کي ڏيندي ھئي ۽ ڪجهه کير چاڏيءَ ۾ ڌوئنرو ٺاهي صبح سوير ڏُڌ ولوڙي مکڻ ڪڍندي ھئي. اوڙي پاڙي وارا به ماسي کان ڏڌُ وٺڻ ايندا هئا، سو ڏڌُ ۾ پاڻي وجهي ڇڊو ڪري ڏيندي ھئن، پر ياسي ته ماسي ۽ ٻين سڀني جي دادلي ھئي سو ياسيءَ لاءِ چاڏيءَ ۾ ئي گھاٽو ڏڌ ۽ مکڻ چاڻو رکندي ھئي. ياسي، ماسي نوران کان ڏڌ مکڻ کڻي گھر پهتي، پر دماغ ۾ ساڳي ملان جوسي جي تصوير بار بار پئي اچيس، کيس اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ملان جوسو جيڪو مسجد جو مؤذن آهي، سڀُ سندس وڏي عزت ڪندا آهن، ان ايئن ڇو ڪيو؟خيالن ۾ اهو ڏينھن گذري ويس، ٻئي ڏينھن جيئن ئي ماڻھنس جي چوڻ تي ياسي بيبو جي ھٽ تان سودو وٺي روڊ جي پاسي کان اچي رهي هئي ته ساڳو منجهند جو ٽائيم ھو ته وري پويان کان سائيڪل جي گھنٽي وڳي ھن جيئن ئي پوئتي مڙي ڏٺو ته وري ساڳي طرح سائيڪل تي ملان جوسو سوار هو، جنھن ساڳي طرح قميص مٿي ڪئي، اهو ڏسي ھن ڊوڙ پاتي ھن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، ھڪ اڻڄاتل خوف هو، جيڪو ھن کي وڪوڙي ويو هو، ٿورو اڳتي پهچي پويان ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته ماڻهو سائيڪل سوار کي “مولانا سائين” ڪري سلام پيا ڪن. ھن ڪجهه لمحن لاءِ اھو لقاءُ ڏٺو.
پوءِ تيز ڊوڙندي گھر پھتي، اڄ اڳ کان به وڌيڪ ھن جي طبيعت عجيب ٿيڻ لڳي، ھن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ھوءَ ڪنھن سان اھا ڳالهه ڪري ۽ ڪيئن ڪري ان سوچن ۾ اڄ ھوءَ قاسم چاچا جي گھرواريءَ ڏانھن به ڪونه وئي ايئن سوچيندي بي چينيءَ ۾ رات ٿي وئي. ماڻھنس چيو: “ياسي تو اڃا تائين ماني ناهي کاڌي.”
ھن منھن مٿان رلي اوڍيندي وراڻيو: “امان بک ناهي.”
ماڻھنس پڇيو: “ڇو خير ته آهي؟ طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟”
ياسي: “ھا امان ٺيڪ آھيان، بس بک ناهي لڳي.”
ڪافي رات گذري چڪي هئي، پر ھن جي اک ڪانه لڳي، ھن جي اکين سامهون اهو ئي ڏينھن وارو منظر پئي ڦريو. کيس بار بار ملان جوسي جو ڪارو رڇ جھڙو ھيبت ناڪ چھرو ياد پئي آيو. سوچيندي لڇُندي، ڪڙهندي آخر صبح ٿي ويو پر ھن جي اک ڪونه لڳي، صبح جو ھنڌ تان اٿڻ شرط ھن فيصلو ڪيو ته اڄ جيڪڏهن سائيڪل وارو نظر آيو ته ھيءَ ڇا ڪندي، سو تڪڙي تڪڙي اٿي تيار ٿي چانهه پي ناشتو ڪري، ساھڙين سان گڏ اسڪول وئي. اسڪول ۾ به رڳو ساڳيو منظر سندس ذهن ۾ پئي ڦريو. اسُڪول کان واپس گهر پهتي ته امڙ ڏانھن پئي نھاريائين ته امڙ سودو وٺڻ موڪلي ته ذهن ۾ تيار ڪيل پنھنجي منصوبي تي عمل ڪري.
آخر جڏهن امڙ ڪو ڪم نه ٻُڌايس ته ھن ماءُ کي چيو: “امان ڪجهه بيبو جي ھٽ تان گھرائڻو آهي ته پيسا ڏي ته آڻيان.”
ماڻھنس پيسا ڏيندي چيس: “هارات لاءِ چانور ناھن وٺي اچ.”
اڄ هُن ماءُ جي وڏي چادر اوڍي هئي. روڊ جي پاسي کان سروٽو کڻي گنديءَ جي ھيٺيان ساڄي ھٿ ۾ لڪائي ڇڏيو، هوءُ جيئن ئي بيبوءَ جي ھٽ تان سودو وٺي نڪتي ۽ هلندي روڊ جي پاسي تي پھتي ته پويان سائيڪل سوار گھنٽي وڄائي، ھن بيهي پھريان ڀرپاسي جو جائزو ورتو، کيس بيھندو ڏسي اڄ سائيڪل سوار ٿورو سندس ويجهو آيو، ھن ڏٺو ته موقعو ڀلو آهي، ھر ڪو ماڻهو پنھنجي ڪم ۾ رڌل آهي سو چادر جي اندر ساڄي ھٿ ۾ لڪايل وڏو سروٽو ڪڍي پنھنجي پوري طاقت سان سائيڪل سوار ملان جوسي کي مٿي ۾ وھائي ڪڍيائين ۽ تمام تيزيءَ سان پاڻ اتان کان پرتي ٿي بيھي رهي، جيئن ڪنھن کي ھن تي شڪ نه ٿئي، سمجھدار ته ھوءَ اڳي ئي ھئي، ھن جي سروٽي لڳڻ شرط ملان جوسو ھيٺ ڪري پيو ماڻهن ڏٺو ته سائيڪل تان ملان جوسو ڪريو آهي سو ڀڄندا آيا ۽ اچي کيس کنيائون. ملان جوسي جي مٿي مان رت وھي رهيو هو. کيس روڊ جي ڪناري تي ويھاريو پئي ويو ته سندس قميص مٿي ٿي وئي. ماڻهو اھو ڏسي حيران ٿي ويا ته ملان جوسي جو جنسي عضوو شلوار کان ٻاهر نڪتل ھو.
****