مسلط محبت ۽ گم ٿيل احساس
ھن ھڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اٿي ڀت تي لڳل آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو. ڪيترن سالن کان پوءِ اڄ پھريون ڀيرو ھن کي پنھنجو چهرو وڻڻ لڳو، ھن ڪيترن سالن کانپوءِ پاڻ کي ايترو غور سان ڏٺو. کيس اڄ پنھنجي انھيءَ وجود سان عشق ٿي ويو هو، جنھن وجود سان ھي نفرت ڪندي رھي ھئي. جنھن کي ھر رات ڳِجهه جهڙو مڙس جسم جي گوشت کي پَٽيندي اھو چوندو هو ته: “تون منھنجي ملڪيت آھين، تنھنجي عيوض پنجاھ ھزار ۽ سڱُ ڏنو آهي.”
اوهه... ! ڪيترن سالن کان هوءَ اھو جملو ٻڌندي، جيئندي ۽ مرندي پئي اچي. کيس مرد جي نالي کان ئي نفرت ٿي وئي هئي، دنيا جو ھر مرد ھن کي ڳِجهه لڳندو هو، جيڪو صرف عورت جي جسم کي ڇِيڇاڙي کائڻ جي خواهش ۾ رڌل ھوندو آھي، پر ان ڏينھن مرد جي باري ۾ ھن جي سوچ پاسو مٽايو جڏهن دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ آواز آيو:
“نورل او نورل...!”
نورل ھن جي مڙس جو نالو آهي. تنھن ڏينھن نورل سميت سڀ گهر ڀاتي ڪٿي ويل ھئا، ھي گھر ۾ اڪيلي ھئي، ايتري ۾ در زور، زور سان وڄڻ ۽ ڪنهن جي سڏڻ جو آواز اچڻ لڳو:
“نورل او نورل...”
ھن ڊوڙ پائي در جو پردو مٿي کنيو سامھون بيٺل ساجن تي نظر پوندي ئي سندس دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. ساجن ھڪدم حيران ٿيندي چيو:
“رضي تون...ھتي ؟؟؟ ڪٿي ھلي وئي ھئينءَ....؟”
ھن اتاولو ٿي رضيءَ کان سوال ڪيو.
ھوءَ ڪهڙو جواب ڏئي، بت بڻجي بيھي رهي. ساجن ھن جي ننڍپڻ جو دوست ۽ پاڙيسري ھو، جنھن کي هوءَ دل سان چاھيندي ھئي، پر ھن جي پيءُ ٽڪن عيوض سندس شادي نورل سان ڪرائي ھئي. انهن ڏينهن ۾ ڪنھن مجبوريءَ سبب ساجن وارا لڏي ويا ھئا پر اڄ ايترن سالن کان پوءِ ساجن کي پنھنجي ايڏو ويجهو ڏسي ھوءَ حيران ٿي وئي هئي.
آرسيءَ جي اڳيان بيھندي کيس ڪافي دير ٿي وئي هئي، اڄ ھن جو وجود ڪنھن ڳجهه نه پر ھن جي محبوب جي خوبصورت ٻانھن جو ھار بڻيو هو، ھن پنھنجي ڳلن تي ھٿ ڦيريو جن تي ساجن جي چپن جو ڇھاءُ ھو، ھن پنھنجي ڇاتيءَ مان پنھنجي محبوب جي پگھر جي خوشبو محسوس پئي ڪئي، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ھن جي دل وھنجڻ نه پئي چاهيو، متان ھن جي جسم مان پنھنجي محبوب جي پگھر جي خوشبو نه نڪري وڃي. اڄ ڪيترن سالن کان پوءِ ھن جا گم ٿي ويل محبت جا احساس لڀي ويا هئا.
****