ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

مُڪتي

ولوءَ جا چَپ سُڪي ٺوٺ ٿي چڪا ھئا. اکيون اندران ڏرا ڏيئي ويون ھئس، پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳو ھيس. مسلسل چوٿون ڏينھن تيز بخار. اڄ ته بخار جي دوا به ختم ٿي چڪي ھئس، جيڪا چار ڏينھن اڳ پڻھنس ھن کي سرڪاري اسپتال مان وٺي ڏني ھئي. اڌ ڏينھن گڏھ گاڏي تي ويندي ۽ اڌ ڏينھن اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي انتظار ۾ گذريو ھو. ھڪ ڊاڪٽر مٿان سوين مريض ۽ اسپتال ۾ رڳو اڇيون گوريون ۽ ڳاڙھي پاڻي واري دوا، رھندو اسپتال کان موٽندي تيز برسات شروع ٿي، رستي تي ٿڌ لڳڻ ڪري ولوءَ جي طبيعت ويتر خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر چيس: “ھن کي پائوڊر واري دوا پيار يا شھر واري خانگي اسپتال آڻيس.” جيڪا ان ڊاڪٽر جي خانگي ڪلينڪ ھئي. تڏهن اکين ۾ ولوءَ جي پيءُ لڙڪ آڻيندي ڊاڪٽر کي عرض ڪيو هو ته: “ڊاڪٽر صاحب سڄو ڏينھن بٺي تي سرون ٺاھيندو آھيان، شام جو وڃي ايترا پيسا ملندا آهن جو گھر جو پورو سودو به ناهي ايندو، مٿان ھن ويچاري گڏهه لاءِ به پيسا ناھن بچندا جو ڪو داڻو پاڻي ڏيان، سواريءَ جو ھيءُ ئي واحد ذريعو آهي، اسان جو ڳوٺ اسپتال کان ڏهه ڪلو ميٽر پري آهي، نه روڊ آهي نه ئي اتي ڪا سواري ايندي آهي.”
ڊاڪٽر چڙ کائيندي ولوءَ جي پيءُ کي چيو هو ته: “بس ھاڻي پنھنجي رام ڪھاڻي بند ڪر وڃي محنت ڪر، اسان به ته محنت ٿا ڪيون.”
تنھن تي ولوءَ جي پيءُ ڊاڪٽر کي خالي نظرن سان ڏٺو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري ولو کي گڏھ گاڏي تي ويھاري روانو ٿيو.
اسپتال ۾ جيڪي ٿوريون گھڻيون دوائون سٺيون اينديون ھيون، سي ڊاڪٽر پنھنجي خانگي اسپتال ۾ وڪرو ڪندو هو. تنھن ڳالهه جي سڀني کي چڱي ريت خبر ھئي. ولو جي پيءُ کي به خبر ھئي، پر ڊاڪٽر کي ڇا چئي...؟ رھندو جيڪا ٿوري گهڻي ڳاڙهي دوا ملي رھي ھئي، تنھن کان به رھجي وڃڻ جو ڊپ، سو ان ڏينھن گھر ايندي جام برسات ٿيڻ سبب ولوءَ جو بخار وڌي ويو. اڄ چوٿون ڏينھن ھو پر برسات بيھي ئي ڪونه پئي، ولوءَ جي پيءُ جو روزگار به سرن جو، سو برسات سبب بٺو به بند لڳو پيو هو.
ڪلهه وڃي سيٺ کي ايلاز منٿ ڪيائين ته ٻه ٽي ڏوڪڙ اڌارا ڏي، پر سيٺ اھو چئي واپس ڪيس ته برسات سبب ھو پاڻ نقصان ۾ ويو آهي.
گهر ۾ ڪلهه کان ڪا شئي کائڻ لاءِ ڪونه ھئي، ويچاري گڏھ به بک کان دانھون پئي ڪيون ۽ ولوءَ کي ھڪ تيز بخار ٻيو ڪلهه کان ماڻھنس رڳو پاڻي پئي ڏنس، ولوءَ ڏاڍي نماڻائيءَ وچان جھيڻي آواز ۾ چيو: “امان ڀلا ڪو ماني ڳڀو آهي؟”
ھي ستن سالن جو معصوم ٻار جيڪو چار ڏينھن کان سيءَ بخار ۾ تپجي رهيو هو.جيڪا ٿوري گهڻي رٻ گھر ۾ پئي ھئي سان به ڪلهه ختم ٿي وئي. جيڪا به جام پاڻي وجهي ماڻس ڇڊي ڪري پچائي ھئي، ڪلهه کان سڀ بک تي ھئا.جھوپو به سڄو جُھري پيو ھئن، ايتري ۾ وري ولوءَ چيو: “امان ڀلا مانيءَ ڳڀو ڏي.”
ولوءَ جي ماءُ ڏک ۽ پيڙاهه مان لڇندي پنھنجي ٻچڙي کي بخار ۽ بک ۾ تڙپندو ڏسي اندران اڌُ ٿي پئي، ھاڻي ته ويچاريءَ جا ڳوڙها به سُڪي ويا هئا، ولو جو پيءُ ڪک ڪانا ميڙي جھڳي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويو، پاڻ به ٻن ڏينھن کان بک تي پاهه ھو، سندس پنھنجي غربت ۽ ناڪاميءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آيس. ڦاٽل پھراڻ ۽ پراڻي گوڏ پاتل برسات ۾ پورو آلو ٿي ويو هو.
ڪنھن جي در تي وڃي ھا اٽي لپ لاءِ آس پاس سڀ مارو ماڻهو ھن جھڙا ئي ھئا، سڀني جا پيٽ بکايل ۽ جھوپا جھريل ھئا، تقريبن ڳوٺاڻا سڀ زائفون ۽ مرد ڳوٺ جي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندا هئا، سيٺ ايترا ڏوڪڙ ڏيندو هو جو مس وڃي ٻه وقت جي مانيءَ جو بندوبست ڪندا هئا، پنھنجو پيٽ ڪاٽي ڪجهه داڻو پاڻي ويچاري گڏهه لاءِ آڻيندا هئا، جيڪو پڻ ھنن جيان لاچار ۽ ڪمزور بڻيل ھو. شايد ان بي زبان کي به ھنن جي حالت تي ڪھڪاءُ ايندو هو، پرسيٺ کي مٿن ڪڏهن ڪو رحم ڪونه آيو.
برسات تمام وڏو زور لڳايو رات جو پھريون پھر ختم ٿي ويو ھو. ولوءَ کي بخار ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. ماڻهنس سيرانديءَ کان ويٺي ڳوڙها ڳاڙي رھي ھئي. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيائين ته صبح جو وڃي سيٺ اڳيان پاڻ کي ارپي ڇڏيندي، سيٺ ڪيترائي چڪر آڇ ڪئي ھيس پر ھن پنھنجي ور جي عزت کي مانُ ڏيندي چيو ھئس سيٺ اسان تنھنجي مزدوري پيا ڪيون جيڪڏھن جسم وڪڻڻو ھجي ھا ته پوءِ ھيترا ڪشالا نه ڪيون ھا، اسان کي پنھنجي زندگيءَ کان وڌيڪ لڄ پياري آهي، سو اڄ ولوءَ ماءُ کي لڄ کان وڌيڪ پنھنجي ٻچڙي جي زندگي لڳي رھي ھئي، اندر ئي اندر لڇي تڙپي رهي هئي.
وري ولوءَ جھيڻي آواز ۾ چيو: “امان ماني...!!!”
مشڪل سان ولوءَ جي نڙيءَ مان اڌ آواز نڪتو. ولوءَ ماءُ اتان اٿي ٿورو اڳتي آئي. ھنن جو جھوپو پورو پاڻيءَ سان ڀرجي چڪو هو، اڌ کٽ جا پاوا پاڻيءَ ۾ ٻڏي چڪا هئا. ولوءَ ماءُ جھوپي کان ٻاهر آئي ڪنڌ مٿي ڪري آسمان طرف ڪيائين اڄ آسمان مان قھر وسي رھيو ھو، جيڪو ھنن جي جھوپن سان گڏ ھنن جي جيون کي جھوري رهيو هو. ولوءَ ماءُ پوري آلي ٿي وئي. پريان ولوءَ پيءُ جھوپي کي پراڻن رسن سان ٻڌي رهيو هو، ولوءَ ماءُ مسلسل آسمان کي تڪي رهي ھئي. اوچتو زوردار ٺڪاءُ ٿيا، پورو آسمان روشن ٿي ويو ۽ ان ئي ويل روشنيءَ جو زوردار گولو اچي ھنن جي جھوپي مٿان ڪريو. سڀ ڪجهه خاموش ٿي ويو. ...ولوءَ جو ماني ماني ڪرڻ ۽ ماڻهنس جو آسمان طرف ٻاڏائڻ.... صبح جو ڳوٺاڻن ولوءَ وارن جي جھوپي تي ڇار جو ڍير ڏٺو جتي رات وڄ ڪري ھئي.