ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

اُڃايل آشائون

اڄ وري منھنجي مٿي ۾ سور جي شدت وڌي وئي هئي، بيڊ تي ليٽي به ڪانه پئي سگهيس، ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ مٿو ٺڪاءَ سان ڦاٽي پوندو. ڇت ۾ لڳل پکي جا پر ھڪ ٻئي پويان ڊوڙ لڳايو ھلندا پيا وڃن، بلڪل منھنجي زندگيءَ جيان، انھن جي ھوا جي زور تي، ٽيبل تي رکيل ڪتاب جا پنا ڪر، ڪر ڪرڻ لڳا. ھڪ ھڪ پنو آواز ڪري اٿلڻ لڳو، ڄڻ اهي پنا منھنجي زندگيءَ جا سمورا ورق ڏيکاري رھيا ھجن، جنھن تي منھنجي زندگيءَ جو داستان اُڪريل ھجي ۽ چئي رھيا ھجن چري! شڪست زده نه ٿيءُ،تنھنجي داستان ۾ شڪست ناهي لکيل، تون اڏول آھين پنھنجن جذبن جيان،تون حوصلو نه ھار، ان ڪري جو تون انھن کٽڻ وارن منجھان آھين جيڪي ڪڏهن ھار نه مڃيندا آهن، درحقيقت ھارائڻ، وڌيڪ کٽڻ جي جستجوءَ جو نالو آهي، تون جستجو آھين، جيت جي.
ڏسندي ئي ڏسندي ڪتاب جا ورق بند ٿيڻ لڳا، ڇَتِ تي لڳل پکي جا پَرَ آھستي آھستي ھِڪَ ٻئي پويان ھلي ھلي رُڪجي ويا مان سڄي پگھر ۾ شَلُ ٿي ويس.
لائيٽ ھلي وئي هئي، مشڪل سان اُٿي چارج ٿيڻ واري لائيٽ ٻاريم، جنھن جي ھلڪي ۽ ٿڌي روشنيءَ ۾ گھر جي ھر شئي خوبصورتيءَ جو منظر پيش ڪري رھي ھئي، بلڪل منھنجي مَنَ اندر جي ڪيفيت جيان، جنھن کي مون ڄاڻي واڻي، ڌنڌلو ڪيو ھو جيئن ڏکن پيڙائن جا پاڇا چٽا ٿي منھنجي زندگيءَ تي نروار ۽ اڳتي وڌڻ جي آشائن تي حاوي نه ٿين.
مان پنھنجي اُڃايل آشائن کي ايئن مرڻ نه ڏينديس، مان ھِنَ سماج جي سڀني ناانصافين جو مقابلو ڪنديس، اھو سوچيندي سوچيندي، فرج جي مٿان رکيل دٻي مان ٻه گوريون ڪڍي تريءَ تي رکي، انھن کي غور سان ڏسڻ لڳيس، پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳيس ته: “ڇا ھي ننڍڙيون گوريون منھنجي تڪليف کي ختم ڪنديون؟”نه نه ايئن ناهي ھي ته وقتي طور تي منھنجي دماغ کي منھنجي سوچ کي سمھاري ڇڏينديون ۽ وري ڪجهه دير کانپوءِ منھنجي ڪيفيت ساڳي ٿي ويندي، نه نه مون پاڻ کي چيو، “ڇا مان انھن پتڪڙين گورين کان به وڌيڪ ڪمزور آھيان....”
هن واري پاڻ کي وراڻيو:“نه نه مان اٽل آھيان، منھنجو نالو اُميدَ آهي، آشا آهي ۽ جيت آهي.”
ايتري ۾ لائيٽ اچي وئي، ٿوري دير پهرين گھر جون شيون ھلڪي روشنيءَ ۾ خوبصورت منظر پيش ڪري رھيون، سي تيز روشنيءَ ۾ بدنما لڳي رھيون ھيون پر اُن تيز روشنيءَ سان گڏ مون پنھنجي اندر به اُجالا محسوس ڪيا جنھن ۾ مونکي ھن سماج جا داغَ چٽا نظر اچڻ لڳا ۽ مان پنھنجي اندر جي اُڃايل آشائن کي نئين سر نون جذبن سان زندهه ڪري ھڪ ٿڌو ساهه ڀريو، جنھن سان منھنجي اندر جي اُميد وري اُلري، اُڀري ۽ اڏول ٿي پئي.

****