مهاڳ
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين جو جائزو وٺڻ کان اڳ توھان جي اڳيان ھڪڙو ڪيس پيش ڪيان ٿو، سمجهو ته ان ڪيس ۾ توھان امين (جج)مقرر ٿيا آھيو، سو توھان کي فيصلو ڪرڻو آھي.
ھڪڙي عورت جيڪا ھڪ آسودي گهراڻي جي ھئي، مائٽن، پنھنجن ۾ ئي سندس شادي ڪرائي، وڏو ڪاڄ ٿيو ھو، دعوت تي وڏا خرچ ۽ بندوبست ڪيا ويا ھئا، الائي ڪٿان ڪٿان کان ماڻھو اچي شريڪ ٿيا ھئا، گهوٽيتن طرفان مھيني کن کان لاڏا ۽ سھرا ڳايا ويا ۽ جهمريون به لڳيون، اوڙي پاڙي وارن طعام پئي کاڌا، ھفتي ڏيڍ کان راڳ رنگ جون محفلون پئي ھليون، گهوٽ جا يار دوست، ويجها پري جا، قرب وارا ۽ واقف ڪار سڀ ڪيترن ئي ڏينھن کان شادمانا ڪري رھيا ھئا... خير سان گهوٽ جي ماءُ جا لايا ته سجايا ٿي ويا، پٽ جي ڪنوار به گهر ۾ اچي وئي. اوڙي پاڙي وارن جون واڌايون ۽ مبارڪون به موصول ٿي ويون. پر ڪجهه ڏينھن ئي ڪو نه گذريا ته گهوٽ جي ماءُ، ان جي ڌيئرن ۽ نُنھن کي نئين ڪنوار جون سرگرميون مشڪوڪ محسوس ٿيڻ لڳيون.
ڪنوار جا ڪجهه ئي ڏينھن ۾ پرڪار پڌرا ٿي پيا. اڌ رات جو اُٿي گهران نڪري، الائي ڪنھن سان ملڻ ويندي ھئي. ڪنوار جو ايئن اڌ رات جو گهران نڪري وڃڻ، رڳو گهر جي عورتن ئي ڪونه ڏٺو، پر گهوٽ کي به ھڪڙيءَ رات جو ان ڳالهه جي کُڙڪ پئجي وئي.
کُر پير کنيا ويا ته گهوٽ کي خبر پئي ته ڪنوار شاديءَ کان پھرين ڪنھن ھمراھ سان کريل ھئي...ھاڻي شاديءَ کان پوءِ به ڪنوار وجُهه وٺي، اڌ رات جو اُٿي، گهران نڪري، پنھنجي ان يار وٽ پاڻ کي ٺارڻ ويندي آھي... قصو ڪوتاھ، ڪنوار جي ڪرتوتن جي خبر پھرين ويجهن مائٽن، پوءِ پاڙي اوڙي جي ماڻھن ۽ نيٺ سڄي ڳوٺ وارن کي پئجي وئي... پيڪا به پريشان ته ساھرا به سرگردان !
سڳ سوڌو ڪو چور جهلجي ته اول ته ٻڏڻھارڪو ٿيندو، ڪنڌ ھيٺ، نگاھون جهڪيل، شرمندو ۽ کِکو وِکو پيو ڏسڻ ۾ ايندو... پر ھيءَ نڪ جي پڪي ڪنوار، جنھن کي ڪو شرم ئي ڪو نه پئي آيو، گهوٽ کي چوڻ لڳي، “تنھنجي پاسي ۾ ھجان ٿي ته پليت ٿي ٿيان.”
برادريءَ جا چار چڱا، معزز ۽ راڄ جا اشراف گڏ ٿيا، سڀني اھو گڏجي فيصلو ڪيو ته ھن کان وڌيڪ ڪا خراب چال واري مائي ڪونه ٿيندي، سو ھن عورت کي اھڙي سيکت ڏجي جو ڪا ٻِي عورت ايئن ڪرڻ جو تصور به نه ڪري سگهي. اتفاق سان ڀر پاسي ۾ ھڪڙي ننڍڙي ڍنڍ جي ڪناري جي ڀرسان، واريءَ جي دڙن جي پريان ھڪڙو پِير رھندو ھئو، ذات جو شاهه ھئو، ڪي مريد به ھئس، ان کي جو خبر پئي ته ان جي فتويٰ ئي عجيب، چئي ته اھا عورت صحيح آھي، راڄ وارا سڀ غلط آھن.
توھان ئي ٻُڌايو ته ھڪ طرف چار چڱا، اشراف، ڳوٺ جامعزز ماڻھو ۽ سڄي راڄ جون مايون ۽ مرد ھجن ۽ ٻئي طرف اھا عورت جيڪا گهوٽ کي ڇڏي، ڪنھن غير مرد سان وڃي ميلا ملھالا ڪري ٿي، اھا صحيح آھي، ۽ ٻيو وري ھُو شاھ جيڪو اُن عورت جو وڪيل ھجي ۽ ان کي دعائون به ڪري؟ توھان جو ڪھڙو فيصلو آھي؟
توھان ڪنھن جي پاسي آھيو؟
جيڪڏھن توھان ان عورت، جيڪا گهوٽ کي ڇڏي، ڪنھن غير مرد سان وڃي ميلا ملھالا ڪري ٿي ۽ ان سيد جا طرفدار آھيو، جيڪو اُن عورت جو وڪيل ۽ دعاڳو آھي، ته پوءِ ياسمين چانڊيو جو ڪتاب ڀلي پڙھو، دل کولي پڙھو، جو ياسمين چانڊيو به اھڙين عورتن جي وڪيل آھي ۽ انھن کي پنھنجي ڪھاڻين جا ڪردار بنايو اٿائين...
ياسمين چانڊيو به ان سيد وڪيل جي پوئلڳ آھي... ان سيد وڪيل لڳ ڀڳ331 سال اڳ سرعام ان عورت جي تعريف ڪندي چيو ھئو:
سياري سهه رات ۾ جا گهِڙي وسندي مينھن،
ھلو ته پڇون سھڻي، جا ڪر ڄاڻي نِينھن،
جنھن کي راتو ڏينھن. ميھار ئي من ۾.
ان سيد وڪيل جنھن کي اسان پيار ۽ دل جي حضور سان ڀٽائي گهوٽ يا لطيف سرڪار سڏيندا آھيون، جنھن اسان کي ٻڌايو ته تن جو محبوب ٿيندو ئي اھو آھي، جيڪو من جو محبوب ھوندو آھي، ڀلي پوءِ ان سان نڪاح ٿيل نه ھجي.
ميھاران مِرِڪَ پيتائين پريم جي
تنھن مُنڌ متوالي ڪِي، سنديءَ ساءَ سُرِڪَ
لڳيس ڪام ڪِرِڪَ، لوھان تِکي لطيف چئي.
[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[
“ڪام” جو تعلق جسم سان ھوندو آھي، ھن بيت ۾ ڀٽائي سرڪار ميھار جي پريم جي پِڪَ جو تاثير ٻڌائين ٿا.جنھن تي سھڻي، مست ۽ متوالي ٿي وئي ۽ جسماني محبت جي ڇھاءَ کي ڪنھن لوھ جي اوزار کان وڌيڪ تکو ۽ مضبوط محسوس ڪري ٿي. بلڪه ان کان به اڳتي وڌي لطيف سرڪار فرمائين ٿا ته سھڻي ميھار کان ڌار ٿئي ٿي ته ناپاڪ ٿئي ٿي:
ساھڙ ڌاران سھڻي نسوري ناپاڪ،
نجاست ناھه ڪري، اُنين جي اوطاق،
ھُو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي.
ياسمين چانڊيو پنھنجي ڪھاڻين ۾ انھن سھڻين ۽ سھڻيءَ جھڙن ٻين ڪردارن کي سمايو آھي، جن تي سماج صدين کان ھڪڙو نشان ھڻي ڇڏيو آھي...اھڙن ڪردارن لاءِ ياسمين جو لھجو ڏاڍو چِٽو آھي، لفظ بلڪل واضح آھن، ھن جون ڳالھيون صاف صاف آھن... ھن جو انداز بيباڪ ۽ آواز بي خوف آھي...
ممڪن آھي ته ڪجهه ماڻھن شاھ جي رسالي ۾ موجود سُر سھڻي نه پڙھيو ھجي يا سمجهه ۾ نه آيو ھجين، سو اھو عين ممڪن آھي ته ھن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ ھن ڪتاب تي ڪو فحاشيءَ جو الزام ھڻن، سنگ باري ڪن ۽ ڪو نئون پڙھندڙ انھن جي اثر ۾ اچي، انھن ماڻھن کي اھا صلاح ڏبي ته اھي عصمت چغتائي، واجد تبسم، سعادت حسن منٽو، خيرالنساءِ جعفري، منير احمد ماڻڪ، غلام نبي مغل ۽ ضراب حيدر کي پڙھن.
ڪھاڻين جو جائزو وٺون ٿا.
جيئن ڪنھن خوبصورت ماڻھوءَ جون اکيون ئي، سندس چھري
ڏانھن کڄندڙ نگاھن جو پھريون پڙاءُ ھونديون آھن، تيئن ھڪڙي ڪھاڻيءَ ۾ جوت سان جرڪندڙ جملا، ڪمال جي ڪرشماتي ڪشش رکندا آھن. ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ موجود انھن جملن منجهان ڪي مثال طور پيش ڪجن ٿا:
.....ڪيترا ئي سال ان مرد سان سمھندي رهي، جنھن کي ھن ڪڏهن دل سان تسليم ئي نه ڪيو ھئو. ھڪ ڏينھن ھن پاڙي جي
مُلياڻيءَ کان پڇيو ھئو ته: “نڪاح جو مطلب ڇا آهي؟”
ھُن ٻڌايس ته: “شرعي حڪم تحت ھڪٻئي جي رضامنديءَ سان مرد ۽ عورت جو ھڪ ٿيڻ.”
“پر منھنجي شاديءَ ۾ منھنجي رضامندي ڪونه ھئي ته ڇا اھو نڪاح ٿيو؟” ھن مُلياڻي جيجي کان سوال پڇيو.
تڏهن جيجيءَ ڪنڌ مٿي کڻي ھن جي اُداس نگاھن ۾ نھاري، وري ڪنڌ ھيٺ ڪيو ھئو...
.... ھن دعا لاءِ ھٿ مٿي کنيا ۽ آسمان ۾ نِھارڻ لڳي. پرھه اڃا ڪونه ڦُٽي ھئي، پر تارا اڳواٽ ئي سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي ڄڻ لِڪي رھيا ھئا، زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته ھو به ته اُنھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي تاءَ ۾ لوڪ کان لِڪندا رھندا آھن...
... جلديءَ ۾ جست جو ھڪڙو وڏو ديڳڙو کڻي، اڱڻ تي لڳل ھٿ واري نلڪي کي گيڙيندي ڀرڻ لڳي، پر ديڳڙو به ھنن جي غربت واري زندگيءَ جيان چٻو ٿي ويو هئو، زيبوءَ ان کي نلڪي ھيٺان رکڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پر ديڳڙو، نلڪي مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان پري ٿي پيو وڃي، بلڪل ايئن، جيئن ھنن جي چِٻِي ٿيل قسمت جو ديڳڙو، وقت جي ونڊ کان ھٽِي ويو ھو.
.....زيبوءَ جي ھٿ ۾ جھليل ٻارڙي مسلسل “اوئان اوئان” ڪري روئي رھي ھئي، زيبوءَ کي لڳي رهيو هئو ته ڄڻ، ٻارڙي سندس گھر ۾ اچڻ تي خدا کان شڪايت ڪري رھي ھجي ۽ چئي رهي ھجي ته: “اي خدا پيدا ته ڪيئي، پر اھڙي گھر ۾ جتي عورت کي انسان ئي ناهي سمجھو ويندو.” ايتري ۾ پڻھنس جو آواز آيو:
”ڇا ڄڻيو آھي ماڻهين؟”
زيبو چيو: “ادڙي.....”
پڻهنس ٻڌندي ئي چيو: “لک لعنت اٿس، ڀلا ماڻھين نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي به ڇا ؟”
.....ھن ٽشو پيپر سان فورن پنھنجو اکيون صاف ڪيون، جيڪي ھن جي دل تائين آليون ٿي چڪيون ھيون، ھن پنھنجا لڙڪ اکين جي بجاءِ دل ۾ وھايا ھئا...
.....منھنجا محبوب! توکي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ کان وڌيڪ مون کي، توکي وڃائڻ جو خوف رھندو آهي...
.....ھِن چيس: “بلڪل صحيح ٿا چئو، عشق خدا سان ھجي يا انسان سان، ان کي قائم رکڻ لاءِ ھرڀيري ۽ ھر وار اظهار ڪرڻ تمام ضروري آهي. چاهه جي غذا به روز گهرجي، روز الفت جو اٽو کڻبو آھي، پيار جي پاڻيءَ سان ڳوھبو آھي، ويلي ويلي تي محبت جي ماني پچائبي آھي. پيار به ساهه کڻڻ وانگر، پساھن ۾ پلجندو آھي. عشق ته اٺ ئي پھر قائم رھڻ واري ڪيفيت جو نالو آھي. جيڪو دم پيار کان خالي ھجي، ڄڻ حيات جو ڪو حصو ئي ناھي.”
.....رنگ، بُرش ۽ منھنجي آرٽ جو اثاثو. مون کي ننڍپڻ کان رنگن سان عشق ھئو، مون کي رنگ برنگي شيون وڻنديون هيون، ننڍي هوندي جڏهن بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ڏسندي هئس ته ٽي وي ڏسڻ دوران اسڪرين تي پنھنجي پسند جا رنگ ڀريندي هئس. منھنجا خيال ايڏا ته پُختا ۽ پڪا ٿي ويندا هئا جو بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪرين تي مون کي هر چُر پُر رنگين نظر ايندي هئي. مان جڏهن سامائي هئس ته مون کي پنھنجي ئي اندر ۾ عجيب رنگ ڦٽندي محسوس ٿيا هئا. مون کي لڳندو هئو ته، رنگ آهن ته زندگي آهي، نه ته ڪجھه به ناهي...
... اهو منظر به عجيب منظر هئو، نغارن سان گڏ هجوم ۾ بادشاهه کي لفظن جي هڪ سنگتراش جي تخليق جي رونمائي ڪري سندس هٿ ڪپڻا هئا. منھنجي تاج محل تان سُرمائي بخملي ڪپڙي کي هٽايو ويو ته ڏسندڙن هڪ عجيب منظر ڏٺو... تاج محل جي جاءِ تي موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي روپ ۾ تون بيٺي هئينءَ. پنھنجن پورن جلون سان بي لباس، تنھنجا ارهه تاج محل جي گنبذن جيان خوبصورت لڳي رھيا ھئا ۽ تنھنجي سونھري جسم مان روشنيون پئي ڦٽيون، تنھنجي انگ انگ مان نڪرندڙ تجلين، ڏسندڙن جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيو هو... سرمائي بخمل جو ڪپڙو جنھن مان گلاب ۽ عطر جي خوشبو ٿي آئي تنھنجن قدمن ۾ پيو هئو ... تنھنجو مرڪندڙ مهتاب جهڙو چهرو روشن هئو ... جلاد جڏهن منھنجا هٿ ڪپڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بادشاهه طرفان حڪم ٿيو... “هي تخليق ته تاج محل کان به خوبصورت آهي”...
.....“رات جو پويون پھرُ به گذري ويو آهي، ھاڻي ھن اسٽيشن تي فجر کان پھرين ڪا به ريل ڪانه ايندي توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي، شام کان وٺي توهان ويٺل آھيو.”
تنھن تي قليءَ کي جواب ڏيڻ کان پهرين سانول پنھنجي چپن تي ھلڪي مرڪ آڻيندي چيو: “اسان ھاڻي اھڙا مسافر آهيون جن کي ٽرين جي نڪري وڃڻ جي ڳڻتي ناهي ھوندي.”
سانول جي جواب تي قلي حيران ٿيندي اڳتي ھليو ويو. ڀرسان بيٺل ھٿ ۾ ڪٽلي جھليل چانهه واري چيو: “صاحب چانهه پيئندا؟”
سانول ڪنڌ جي اشاري سان ھا ڪئي.چانهه واري پياليءَ ۾چانهه اوتي سانول کي ڏني ۽ ٻي پيالي ڀرڻ لڳو، سانول چيس: “ھڪ پيالي ڪافي آهي.”
.....منھنجو ھڪ ھٿُ دردَ پنھنجي ھٿَ ۾ پڪڙيو ۽ ٻيو ھٿُ خوشيءَ پنھنجي ھٿَ ۾ جهليو ۽ مونکي جھوپڙيءَ کان ٻاهرِ وٺي آيا، ڪاري انڌاري رات، دردَ مونکي اشارو ڪندي چيو: “ھي انڌاري راتِ دردُ آهي، پر جيڪڏهن انڌيرو نه ھجي ھا ته ھي تارن جو ٽمٽمائڻ تون ڪيئن محسوس ڪرين ھا، جيڪي انڌيري جي جوڀن ۾ ئي پنھنجو وجود زندهه ڪندا آهن.”
خوشيءَ ھڪدم مٿي اشارو ڪندي چيو:“ھوُ ڏِسُ ٽٽندڙُ تارو، جنھن جي ٽٽڻ جي دردَ ۾ ھزارين اُميدوُن سمايل آهن، ھو پاڻ کي پنھنجي ولرَ کان الڳ ڪري ٻين جي اُميدَنِ لاءِ اُجالو بڻجي ٿو.”
اُنَ وقت مون کي پنھنجو دردُ، بي معنيٰ ۽ اڌورو لڳڻَ لڳو.
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين مان ڪجهه جهلڪيون ڏسي، اسان ھن جي زور قلم جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. ياسمين جي بي ساختگي ۽ پُر شورسادگيءَ کي ڏسندي بي انتھا خوشي پئي ٿئي ته ھڪ اھڙي ڪھاڻيڪارہ اُڀري رھي آھي، جنھن وٽ ڪيئي ڪھاڻيون ۽ داستان آھن. پر ٻئي طرف اھو خدشو به ٿئي ٿو ته ليکڪا کي، سندس ڪردارن ۾ ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. پر ساڳئي وقت اھو اطمينان به آھي ته ڪھاڻي “سائيڪل وارو” ۾ جيڪا “ياسي” آھي، سا ھڪڙي ويڪري چادر پائي بيٺي آھي ۽ ان چادر ھيٺان لڪايل ھٿ ۾ پٿر به آھي ۽ ھاڻي ته ھن جا ڀائر به ھن سان گڏ آھن. سو سڀني سائيڪل وارن کي خبردار رھڻ گهرجي ته “ياسي” اڪيلي ناھي.
ياسمين جي ڪھاڻين ۾ اربنائزڊ سماج جون به ڪھاڻيون آھن، جن ۾ “ڪي خواب اڌورا”، “عشق آرزو، عشق التجا”، “ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر”، “ڪِني”، “سنگ مرمر ۽ سنگ تراش”. ان کانسواءِ ھڪ ڪھاڻي “ڀانڊارو” جيڪا ٽائٽل ڪھاڻي به آھي، اھا ٻنھي يعني شھر ۽ ڳوٺ جي لينڊ اسڪيپ ۾ آھي.
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ جن ڳالھين جي نشاندھي ٿئي ٿي، اھي آھن، اسان جي مسڪين ماڻھن سان ٿيندڙ آزار. ڪھاڻين کي پڙھندي خبر پئي ٿي ته درد وڏو بي درد آھي. اھو درد بي پھچ ماڻھن جي بيوسيءَ منجهان جهلڪي ٿو. ڪھاڻيون: “مُڪتي”، “نياڻي”، “ڀانڊارو”، ڳولا، “ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر” ۽ “زندگيءَ جي ريل گاڏي” پڙھڻ کانپوءِ جيءُ جهڄي ٿو پئي. پر ھنن ئي ڪھاڻين ۾ ھڪڙو حوصلو به آھي، ھمت به آھي ۽ رستو به ڏيکاريل آھي. ھر ليکڪ ايئن رستو ڪونه ڏيکاريندو آھي، جيئن ياسمين ڏيکاري ٿي. ان جو ڪارڻ پڪ سان ياسمين جي پوليٽيڪل اوريئنٽيشن آھي. ھن ڪتاب تي لکيل ٻين تبصرن منجهان معلوم ٿيو آھي ته نياڻي ياسمين چانڊيو، ھڪ قومي ڪارڪن به آھي، سندس ڪھاڻي “ڳولا” جون ڪجهه سٽون ھتي حوالي طور ڏيان ٿو، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته ھن وٽ مزاحمت آھي، رستو آھي، جذبو آھي:
“...درويش ! تو اڄ تائين ڪڏھن پسيو آھي خدا کي؟،نه ڪڏهن به نه،سڀ ڪجهه انسان ئي ڪندو آھي، ان ڪري انسان ئي خدا آھي، تون پنھنجو رهيل حساب، ڌرتيءَ تي رهندڙ خدائن سان ڪري سگھين ٿو، جيڪي تنھنجا ازلي ڏوهي آهن، جن توکي هن معاشري ۾ جيئڻ جي لائق نه ڇڏيو.”
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ اوھان کي جارگنز ڪونه ملندا، ڪٿي به غير ضروري فيمينزم ڪونه نظر ايندو، ڪٿي به ڪنھن لاءِ ڪا فتويٰ يا سُويپنگ اسٽيٽمينٽس ڏسڻ ۾ نه ايندا، پر ھڪ معصوم انداز سان سڀني پيڙھيل ماڻھن جو درد ملندو، مرد ۽ عورت جي تفريق کان سواءِ. ڪجهه ڪھاڻيون احساساتي تاثرن جھڙيون آھن جن ۾ “مَنَ اندر جي وِڄُ”، “اُڃايل آشائون”، “پيڙائن جي پاڇن ۾”،“لُڙڪن سان لئوُن” ۽ “خوشيءَ ۽ درد جو ميلاپ”. سنگ مرمر ۽ سنگتراش ڪھاڻي ھڪ آرٽ مووي جھڙي ڪھاڻي آھي ھن ڪھاڻيءَ جو ھيپي اينڊ پڙھي دل کي راحت محسوس ٿي ته ياسمين وٽ پُرخطر سان گڏ بي خطر وصال به آھي ۽ فقط ھجر يا ياس وَ الم ڪونھي. ڪھاڻي “کنوڻين جا ميلاپ” پڙھندي، سنڌ جي ھڪ ٻئي سٺي ۽ رائزنگ ڪھاڻيڪار يار محمد چانڊيو جي ڪھاڻي “اربعا خطا” ياد اچي وئي، ٻنھي جا موضوع جدا جدا آھن، پر ھڪجھڙائي اھا آھي ته ٻنھي ڪھاڻين ۾ ھڪٻئي کي چاھيندڙ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ھوندا آھن ۽ ان رشتي جي خبر فقط سندن اربابن کي ھوندي آھي.
سنڌ ۾ وڏن نالن جي اجارہ داري آھي، ان ڪري اسان وٽ عظيم ڪھاڻي ته لکجي ئي ڪونه ٿي. رحمت الله ماڃوٺي، منظور ڪوھيار، ضراب حيدر، امر لغاري، جان خاصخيلي، ممتاز بخاري، مُشتاق ڀرڳڙي، عزيز چنڊ، الطاف ملڪاڻي، اختر رند، ايوب عمراڻي، منور سراج، رسول ميمڻ، اڪبر سومرو، محمد صديق منڱيو، آدرش، ممتاز لوھار، طارق قريشي، بانو محبوب، فرزانه شاھين، ناھيد مغل، جھان آرا سومرو کي ڪير ٿو سڃاڻي ؟ وڏن ۽ نالي وارن اديبن لکڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي ته انھن کي پڙھن به ڇو؟ ۽ ڀلا ھاڻي جيڪڏھن عين سحر، نصرت چانڊيو، سيما عباسي، ارشاد سومرو، ميان جي ايم ڪلھوڙو، يار محمد چانڊيو، محمد دين راڄڙي، احساس ابڙو، قربان جتوئي، ناصر قاضي ۽ وفا صالح راڄپر ڪھاڻيون لکن پيا ته انھن کي پڙھي ڪير ٿو؟
نه ايئن ناھي، سنڌ ۾ جيڪي عظيم ھئا، انھن منجهان ڪي وارو وڄائي ويا، ڪي ورھين کان وٺي وڪيٽ تي بيٺل ڏسون پيا، رنسون وٺن ڪونه ٿا، رڳو ٻين کي رن آئوٽ ڪرائي رھيا آھن... پراھو کيل به ختم ٿي ويو... ڇو ته نوان نوان ليکڪ ميدان تي اچي ويا آھن. ياسمين چانڊيو کي ڏسو، جيڪا ڳوٺ جي گرائونڊ ۾ ٽيپ چڙھيل بال سان، کڙٻڙ کڙٻڙ پِچِ تي کيڏندي رھي، ھاڻي ھن مجموعي سان ڊيبيو ڪري رھي آھي، ھيءُ ڪتاب سندس پھرين اننگ آھي... پڙھي ڏسو، پھرين اننگ ۾ ئي رڳو سڪسرز ۽ بائونڊريز پئي ھڻي.
[b]طارق قريشي[/b]