زندگيءَ جي ريل گاڏي
لاڙڪاڻي، ان ڪري پھرين ويندي هئي جو، اتي سندس وڏي نياڻي ھئس جنھن جي قسمت خراب ھئي جو غريب گهراڻي ۾ پرڻجي وئي ھئي، پنھنجي ٻچڙن سميت، ڏکن، ڏولاون ۾ ھئي، بس زندگيءَ جو گاڏو گھلي رهي هئي. ميرزادي ھر ٽئين مھيني جيڪو ڪجهه ميڙي چونڊي پنھنجي ڪمائيءَ مان گڏ ڪندي ھئي سا ڳنڍڙين ۽ ڳوڻين ۾ ٻڌي ڪجهه وڏي نياڻي ڏي ۽ ڪجهه سکر جيل کڻي ويندي هئي.
ڳپل دير گذرڻ کان پوءِ سيٽي وڳي ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو ته لاڙڪاڻي وڃڻ واري بولان ميل اچڻ واري آهي، سو مسافر تيار ٿين. ميرزادي به الرٽ ٿي ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نظر ڦيرائڻ لڳي، ڪنھن قليءَ کي ڳولڻ لاءِ، سو ريل به “ڇوُ ڇو” ڪندي پنھنجي نخريلي انداز سان اچي اسٽيشن پڳي. ميرزادي پريان بيٺل ڳاڙهي رنگ جو پھرياڻ پاتل قليءَ کي سڏ ڪندي چيو:
“او ابا! ھيڏانھن اچ، ھي ھڙون ته کڻانءِ.”
قليءَ ميرزادي جي سڏ تي ڊوڙي اچي چيس:“حڪم ڪر امڙ.”
ان قليءَ ويجھو ايندڙ ھڪڙي ٻِئي قُليءَ کي به سڏيو ۽ چيائين: “اچ ته امڙ جو سامان ريل ۾ رکون.”
ٻنھي ڄڻن سھڪندي سھڪندي ڳوڻيون ۽ اجرڪ ۾ ٻڌل ڳنڍيون کڻي ريل ۾ رکيون، ميرزادي دعا ڏيندي کين ڏھن روپين جو نوٽ ڪڍي ھٿ اڳيان ڪندي چيو: “ابا الله وڌائيندوَ ھي وٺ.”
قليءَ چيو: “امڙ پيسا پاڻ وٽ رک، بس دعائن ۾ ياد رکجو.”
ايترو چئي ٻئي ڄڻا پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽ ميرزادي پنھنجي سامان کي سوري سيٽن جي ھيٺيان ڪيو ۽ پاڻ ڪنڊ وٺي دريءَ جي پاسي منھن ڪري ويھي رھي، آھستي آھستي ريل “ڇُڪ ڇُڪ” ڪندي ايئن لوڏن سان ھلڻ لڳي، جيئن ميرزاديءَ جي زندگي لوڏن ۾ ھئي، جيڪا ڪڏهن به ھموار ناھي ٿي، ڪيڏي نه خوش ھئي ميرزادي انُ ڏينھن جڏهن پنھنجي پٽ ملوڪ جي شادي جا، ڇوڪرين سان گڏ لاڏا ڳائي رهي هئي جيڪي زبردستيءَ ميرزاديءَ جو ھٿ پڪڙي جھمر ھڻائي رھيون ھيون، ان ڏينھن ميرزادي پنھنجي شاديءَ جا سڀ زيور پاتا ھئا ۽ پنھنجي دُھري جيڪا جڏهن پائيندي ھئي ته پاڙي واريون ريس ڪنديون ھئس، ھڪ ڏينھن نوران چيو ھئس:
“دُھري پائي تون راڻي لڳندي آهين، اھا دُھري ھڪ ڏينھن چوري ڪنديس.”
نوران جو گهر ميرزادي جي پاڙي ۾ ئي ھو، ٻنھي جا دروازا گڏ ھئا. سڄو ڏينھن اچڻ وڃڻ ۽ گڏ کائڻ پيئڻ ھوندو ھئن. نوران جا جوان پٽ بغير پڇي، ميرزاديءَ جي گهر ايندا هئا ۽ ميرزادي به پنھنجي پٽن جيان انھن کي پاليو ھو.
ميرزاديءَ وڏي لاڏ ڪوڏ، خوشين ۽ ڀتن جي ديڳين سان گڏ پنھنجي پٽ ملوڪ جي شادي ڪرائي. ڪيترو نه خوش ھئي ميرزادي تنھن ڏينھن، پر اھا خوشي ميرزاديءَ کي ڀانءِ ڪونه پئي، ملوڪ جي شاديءَ کي ڪجهه ڏينھن ئي گذريا ھئا جو، ھڪ ڏينھن ميرزادي پنھنجي مائٽن جي شاديءَ تي ويل ھئي ته اوچتو اتي پاڙي وارن جي فون آيس ته: “ميرزادي تنھنجي پٽ ملوڪ قهر ڪري ڇڏيو آهي، تنھنجي نُنھنَ ۽ نوران جي پٽ کي قتل ڪيو اٿس اھو ٻڌي نوران ڏندڻجي پئي.”
مائٽن مٿي تي پاڻيءَ جي بالٽي ھاري ھوشَ ۾ آندس، ميرزادي چرين جيان پنھنجي ماسات جي ڪار ۾ ويهي گھر پھتي. ميرزاديءَ کي نئون وڳو ۽ سڀ ڳهه پاتل ھئا، جيئن ئي پنھنجي گھٽيءَ وٽ پھتي ته ماڻهن جا ميڙ لڳل ھئا، جن ۾ ڪيترائي پوليس وارا بيٺل ھئا، ميرزادي چرين وانگر ڪار مان لٿي ۽ ميڙ کي پري ڪندي پنھنجي گهر جي دروازي ڏانھن آئي ته کيس ھڪڙي پوليس واري روڪيو. ماڻهن پوليس کي چيو ته ھيءَ گھر جي مالڪياڻي آهي، پوليس واري ميرزادي کي غور سان ڏٺو ۽ اندر وڃڻ ڏنو. ھن اھو هنيانءُ ڏاريندڙ منظر ڏٺو جنھن جو ھن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. ڄڻ ته سندس پيرن هيٺان زمين کِسڪي وئي ھئي، سامهون ڏسي ته رتُ ۾ ٻڏل ٻه لاش پيا آهن، ھڪڙو ھن جي ننھن جو ۽ ھڪ نوران جي وڏي پٽ ملھار جو، نوران جيڪا رانڀاٽ ڪري پٽ جي لاش تي روئي رھي ھئي، جيئن ئي نظر پيس ميرزاديءَ تي جنھن کي شاديءَ جو وڳو ۽ سڀُ ڳھه پاتل ھئا. نوران ميرزاديءَ کي ڏٺو ته امالڪ گار ڏيندي ڳچيءَ ۾ ھٿُ وجهي ميرزاديءَ کي پاتل دھريءَ کي سٽ ڏئي ڇڪيو، دُھري ڇڄي پئي، جنھن۾ جڙيل نگ يڪدم ڇڙڪاٽ ڪري وڃي اڱڻ تي ڪريا، ھيءَ اھا ئي دُھري ھئي، جنھن لاءِ ملوڪ جي شاديءَ تي نوران ڀوڳن ڪندي ميرزاديءَ کي چيو هو ته: “ھڪ ڏينھن تنھنجي دھري چورائينديس.”
اڄ نوران ڏُک وچان ميرزاديءَ جي دھري ڇني ڇڏي هئي. ميرزاديءَ جا ھوشَ ته نُنھن ۽ نُوران جي پٽن جا لاش ڏسي اڳي ئي خطا ٿي چڪا ھئا، ڏکَ پيڙاءَ ۽ صدمي ۾ پنھنجو مٿو پٽِڻَ لڳي، رانڀاٽ ڪري زاروقطار روئڻ لڳي. جنھن ننھن کي ڪجهه ڏينھن اڳ جھمريون پائي پرڻائي آندو ھئائين ۽ جنھن جي وجود مان پنھنجي پٽ جي ٻارن پيدا ٿيڻ جا خواب ڏٺا ھيائين، سا اڄ رتُ ۾ وھنتل ھن جي اڳيان بي سُڌ پئي ھئي. ايتري ۾ پوليس وارا لاشَ ايمبولينس ۾ رکائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻي ويا. ڪجهه ليڊيز پوليس اهلڪار ميرزاديءَ کي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي تي وٺي ويون. ملوڪ فرار ٿي چڪو ھو، جنھن پنھنجي زال کي نوران جي پٽ ملھار سان ٽھڪ ڏيندي ڏٺو ۽ بندوق کڻي ٻنھي کي قتل ڪري ڇڏيو.
ملوڪ جيڪو ننڍي هوندي کان ئي ملھار جو دوست هو، ننڍي هوندي کان ئي ھڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا، تنھن کي پنھنجي ونيءَ سان ڳالھائڻ ڪو ايترو خراب لڳو ھئو جو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ڏٺائين ته سندس وني ملھار سان ڳالھائي رهي آهي ته بغير ڪجهه ڳالھائڻ ۽ چوڻ جي ٻنهي کي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيائين.
ميرزاديءَ جي خوشين ڀريو جھان اهڙي خاڪ جو ڍيرُ ٿي ويو، جتي ڪڏهن گل ناھن ڦٽندا، ان ڏينھن ميرزادي پنھنجي نالي مان ڦِري فقيرزادي ٿي وئي ھئي.
ميرزاديءَ کي ٿاڻي تي اڄ ٻيو ڏينھن ٿي چڪو هئو، ملوڪ جو پتو ئي ڪونه هئو ته ڪٿي آهي. ميرزاديءَ جي حالت تمام خراب ٿي وئي هئي.آخر ٽئين ڏينھن تي ملوڪ ٿاڻي تي آيو گرفتاري ڏنائين، ان ڪري جو دوستن ٿُڪ لعنت ڪيس ته“ٻيلي غيرت ڪر تنھنجي ماءُ ٽن ڏينھن کان ٿاڻي تي بند آهي، غيرتي ! زال کي ته ڪارو ڪيئي، ھاڻي ماءُ کي ته بچاءِ.”
ايئن ملوڪ کي ويهه سال سزا لڳي. انَ صدمي ۾ ملوڪ جو پيءُ گذاري ويو. ميرزاديءَ جي زندگي ويرانين سان ڀرجي وئي، ھاڻي ان کي پنھنجو گهر ڪوسُ گھر لڳي رهيو هو، ڪجهه عرصي کان پوءِ ميرزاديءَ جا ڀائر کيس ڪراچيءَ وٺي آيا، جتي ھُن ويچاريءَ ڪنھن مِل ۾ نوڪري ورتي. باقي گھر، زيور سڀ ڪجهه ملوڪ کي ڇڏائڻ لاءِ، وڪيلن جي ور چڙهي ويس پر ملوڪ تي ڪيس پڪو ھو،سو سزا اچي ويس.
ايئن ميرزادي جيڪي پئسا ڪمائيندي ھئي، سي گڏ ڪري ھر ٽئين مھيني ملوڪ کي سامان ۽ ڏوڪڙ ڏيڻ لاءِ سکر سينٽرل جيل ويندي هئي ۽ ريل جيڏي پنھنجي زندگيءَ جي پيڙائن کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. ريل “ڇُڪ ڇُڪ” ڪندي، ھلندي رھي ۽ ڪنھن اسٽيشن تي رڪجي وئي ۽ ميرزاديءَ جي ماضيءَ جا ڏکن سان ڀريل اولڙا به کن پل لاءِ ريل گاڏيءَ جيان رڪيا، انڪري جو انھن جي به ڪٿي پڄاڻي ڪونه ھئي بس ھلندا پيا رھن ريل جي پٽڙين جيان. ميرزادي به ھلي رھي ھئي.انڪري جو ميرزاديءَ لاءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه هو، بس ڏکن جي پٽڙي ھئي، جتي ھن جي زندگيءَ جي ريل گاڏي ھلي رھي ھئي.
****