خوشي ۽ دردَ جو ميلاپ
ڪڏهن اُن تي پنھنجي محبت جو وڏڦڙو وسائيندو...!؟
منھنجي ريزه ريزه وجود کي پنھنجي ھٿن سان ميڙي، پنھنجي سيني سان لڳائيندو، ڪاش ھِنَ دنيا ۾ دردنِ جو وجود نه ھجي ھا، درد ڪيڏو نه ڏُکائيندڙ لفظ آهي، جڏهن ڪو ڏئي ٿو يا جيڪو ان مان گذري ٿو.
ھڪ ڏينھن مان نڪري ويس درد جي تلاش ۾ ھلندي ھلندي، رستي تي رات ٿي وئي، پريشانيءَ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪڻ لڳس، اوچتو ڪنھن کي پنھنجي طرف ايندي ڏٺم، ھڪ روشني، جيڪا منھنجي ويجهو ايندي پئي وڃي ۽ ويجهو اچڻ تي روشنيءَ جي پويان ھڪ خوبصورت نوراني چھرو، وار اڇا چانديءَ جھڙا، اُن پنھنجي ٻاجھاري آواز ۾ چيو:“تون ھن وقت جھنگل ۾ ڇا ٿي ڪرين..؟”
ھنُ اڇو کيرَ جھڙو ھٿُ منھنجي مٿي تي رکندي چيو: “ھل ڀر ۾ منھنجي جھوپڙي آهي.”
مان ٻي ڪا واٽ نه سمجهي اُن جي پويان ھلڻ لڳس، ڪجهه پنڌ تي اُن جي جھوپڙي ھئي، جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته سامھون ويٺل ھڪ ٻئي نوراني چھري منھنجي آجيان ڪئي ۽ ھٿُ وڌائيندي چيائين: “مان درد آھيان، جنھن جي تون تلاش ۾ آئي آهين.”
پويان بيٺل نوراني چھري چيو:“”مان خوشي آھيان ۽ اسان صدين کان گڏُ آھيون.”
مان حيران ٿيندي پڇيو: “درد ۽ خوشي...”
”ها.....”
انھن ٻنھي نوراني چھرن ھم آواز ٿي مونکي جواب ڏنو ۽ ويھڻ جو اشارو ڪيو. خوشيءَ ڀرسان رکيل ڪٽليءَ مان چمڪيلي پيالي ۾ ڪجهه اوتي مون ڏانهن ھٿ وڌائيندي چيو: “ھي پي، جيئن توکي ٿورو سڪون اچي.”
مون سوال ڪندي چيو: “ھي ڇا آهي؟”
درد جوابُ ڏنو:“محبت جو جام...”
مون پڇيو: “مان پي چُڪي آھيان ۽ اُنَ پِيتَل جامَ، جيڪي بي وفائيءَ جو دردُ ڏِنُو تنھن کي ڳولڻ لاءِ ئي ھن بيابان ۾ ڀٽڪان ٿي.”
دردَ چيو: “ھِڪُ دفعو ٻيهر پي، پوءِ توکي دردَ جي اصليت ٻڌايان ٿو.”
مون ڍڪُ ڍڪُ ڪري ھِڪُ دفعو ٻيهر محبت جو جامُ پيتُو، جنھن جي پيئڻ سان منھنجي اندر بي وفائيءَ جو دردُ گهٽجڻ لڳو. منھنجو ھڪ ھٿُ دردَ پنھنجي ھٿَ ۾ پڪڙيو ۽ ٻيو ھٿُ خوشيءَ پنھنجي ھٿَ ۾ جهليو ۽ مونکي جھوپڙيءَ کان ٻاهر وٺي آيا، ڪاري انڌاري رات، دردَ مونکي اشارو ڪندي چيو: “ھي انڌاري راتِ دردُ آهي، پر جيڪڏهن انڌيرو نه ھجي ھا ته ھي تارن جو ٽمٽمائڻ تون ڪيئن محسوس ڪرين ھا، جيڪي انڌيري جي جوڀن ۾ ئي پنھنجو وجود زنده ڪندا آهن.”
خوشيءَ ھڪدم مٿي اشارو ڪندي چيو:“ھوُ ڏِسُ ٽٽندڙُ تارو، جنھن جي ٽٽڻ جي دردَ ۾ ھزارين اُميدوُن سمايل آهن، ھو پاڻ کي پنھنجي ولرَ کان الڳ ڪري ٻين جي اُميدَن لاءِ اُجالو بڻجي ٿو.”
اُنَ وقت مونکي پنھنجو دردُ، بي معني ۽ اڌورو لڳڻَ لڳو.