ڪِني
ائين لڳو ڄڻ مونکي ڪوئي آدجگاد کان اُن نالي سان سڏيندو رهيو آهي، هُن جو “ڪِني” چوڻ ڄڻ ته منھنجي وجود کي واچوڙي جيان وڪوڙي ويو. اُن لمحي مان الائي ته ڪھڙي دنيا ۾ کوئجي ويس، وجود ۾ محبت جي سترنگيءَ جا سُرَ وڄڻ لڳا. محسوس ٿي رهيو هو ته چوڏس پکين جون لاتون آهن، وڻ به ڄڻ مونسان ڳالھائي رهيا آهن. لفظُ “ڪِني” چوڻ سان چوڏس هٻڪار پکڙجي وئي. هر پاسي خوشبوءِ ۽ رنگ، زمين کان آسمان تائين رنگ ئي رنگ، منھنجي دل جي آسمان تي رنگن جي انڊلٺ اڀري آئي هئي. هُن جي ايئن سڏڻ سان محسوس ٿيو ته منھنجي هستي ۽ هوڏ ھڪ ئي پل ۾ الائي ڪيڏانھن هليا ويا آھن، مان ڄڻ ته مِٽي بڻجي پيس. مونکي پنھنجو پاڻ مان مھڪ ايندي محسوس ٿي، اُها مھڪ جيڪا ڌرتيءَ تي وسڪاري سان اُٿندي آهي. حيرت اٿم هُن جي هڪ پُڪار سان سمورو وايومنڊل ئي بدلجي ويو، سمورا منظر رنگين ٿي ويا، منھنجي دنيا ئي بدلجي وئي. هڪ لمحي لاءِ هلڪي نِسري آيل پگهر سان مان پريشان ٿي ويس، هُن وري ڳالهايو:”الا...هو ڏس، گُل جي پتين تي جيئن ماڪ ڪِرندي هُجي.”
مون پارڪ ۾ ڏسڻ شروع ڪيو، هُن جا ٽھڪ ٻڌڻ ۾ آيا.
”ڪِني! مان پارڪ جي ٻوٽن جي ڳالهه نٿو ڪريان، مان ته تنھنجي مُک تي نِسري آيل هلڪي پگهر جي ڳالهه پيو ڪريان.”
مان شرم ٻوٽي جيان ڪومائجي ويس، ويترمحبت سان سرشار بڻجي، اُن منظر ۾ ٻُڏي ويس، اُن لفظ “ڪِنيءَ” مونتي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. ايئن لڳو ڄڻ مان ڪو سنگيت بڻجي پئي آهيان ۽ منھنجو وجود ۽ روح اُن سنگيت جي رڌم تي رقص ڪري رهيو آهي. وري منصور مون سان مخاطب ٿيو:
“چري ! ڪٿي گم ٿي وئينءَ؟”
مان تصور جي اُنَ خوبصورت دنيا مان نڪري آيس، مٿي نھارَ ڪيم ۽ آسمان ۾ انڊلٺ جا رنگ ڳولڻ لڳس، منھنجي من ۾ منصور جي محبت ڀريل لفظن جي بھار ھئي، مونکي آس پاس ۽ آسمان ۾ به رنگ نظر اچي رھيا ھئا، هر طرف ڄڻ گل ۽ مُکڙيون.
نومبر جي ٿڌڙيءَ شام جو ٽائيم ھو، اسان ٻئي بيد مشڪ جي وڻ ھيٺان ويٺل هئاسين، پري کان سنڌوءَ جي ڇولين جو منظر ڏسي رهيا هئاسين. مان بس عجب سحر ۾ گُم هيس، ته منھنجي ھٿ تي ڪو گرم ۽ نرم ڇھاءُ محسوس ٿيو، ڏٺم ته منصور پنھنجا چپَ منھنجي ھٿ تي رکي ڇڏيا هئا. سندس چپن جي ڇھاءُ منھنجي اندر ۾، سنڌوءَ جي ڇولين وانگر ھڪ لرزش پيدا ڪري ڇڏي. اُن لمحي منھنجي مُنھن تي لالاڻ لھي آئي، ساهن جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. الائي ڪيئن منصور اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪري ورتو، منھنجي ڪيفيت کي سمجهي ويو، تنھنڪري ئي شايد مونکي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي سيني سان لڳائيندي چيائين:
” ڪني گهٻرائجي ڇو وئي آهين؟ ٻڌُ، ڏس! اسان ٻنھي جي دل جي ڌڙڪن ساڳئي ئي آهي، غور سان ٻُڌ، انھن سُرن کي جيڪي محبت جا سُر آهن. اُمنگن اُميدن ۽ مُرادن جا سُر آهن، اميدون جيڪي اوس پوريون ٿيڻيون آهن. تون ۽ مان هڪ ڏينھن هڪ ٿيڻا آهيون. هي دل جا آواز، هي سُر ٻُڌ، ڇا ڇا نه آلاپي رهيا آهن.”
شام پنھنجي وجود کي رات جي ڪاري چادر ۾ ويڙهي آرامي ٿي، آسمان ۾ ڪاراڻ کانپوءِ تارن ڌرتيءَ ڏانهن ليئا پائڻ شروع ڪيا يا وري شايد اسان کي ڏسي تڪي رهيا هئا. اسان اٿياسين ۽ قدم سان قدم کڻندي، ھلڻ لڳاسين، بي خياليءَ ۾ منصور کي ٿاٻو اچي ويو، هو ڪِرڻ تي هو ته مون يڪدم کيس پنھنجي ڀاڪُرَ ۾ ڀري ورتو، منصور جي منھن تي لازوال مُرڪ تري آئي ۽ چوڻ لڳو:
”ڪِني! ڇو سنڀاليئي مونکي؟ سڄي زندگي مون زماني جون ٺوڪرون ۽ ڌڪا کاڌا آهن، ڪيترائي ڀيرا ڪِريو ۽ ٽُٽو آهيان. سدائين ايئن پنھنجي ڀُريل ۽ ٽُٽل وجود سان جيئندو رھيو آهيان.”
”پر منصور! مان هاڻي ڪڏهن به توکي ڪِرڻ نه ڏينديس، مان تنھنجي هر زخم جو مرهم ٿينديس، تنھنجي هر ٽُٽل جذبي کي نئون جنم ڏيندس، هڪ نئون اتھاس جوڙينديس.”
خوشيءَ وچان منصور جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا منھنجون به اکيون اُن لمحي آليون ٿي ويون هُيون. پوءِ اسان ٻنھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا، ڏکن کي هميشه الوداع ڪرڻ لاءِ پر ڏک جيڪي نصيب ۾ هوندا آهن، اُهي پنھنجو ليکو نه ڇڏيندا آهن. ٻئي ڀيري اسان ڪنھن ريسٽورنٽ تي ويٺا هئاسين، مون منصور کي چيو اڄ گرم گرم ڪافي پيئڻ تي ڏاڍي دل ٿي چوي، منصور مون سان سُر ملائيندي مُرڪندي ويٽر کي پاڻ طرف اچڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ ان کي ٻه ڪپ ڪافي آڻڻ لاءِ چيائين. ٽيبل تي رکيل بوتل مان پاڻي اوتي شيشي جو گلاس مون طرف وڌائيندي چيائين:”واعدو ڪر منھنجو ساٿُ ڪڏهن به نه ڇڏيندينءَ.”
مون پنھنجو ھٿ منصور جي ھٿ تي رکندي چيو:”هِن ڪنيءَ جو توسان واعدو آهي.”
وقت الائي ڪيئن بدلجي ويو، منصور الائي ته ڪيڏانھن وڃائجي ويو. وعدو ڪري ويو هو ته جلد موٽي ايندو پر وري نه موٽيو. مان سالن تائين سندس انتظار ڪندي رهيس. روز اُن ساڳئي جاءِ تي ويهي اُهي بيد مُشڪ ڏسندي آهيان، اُن ريسٽورنٽ ۾ اڪيلي ڪافي پيئندي آهيان، پر هاڻي منصور جي جاءِ تي صرف سندس يادون هونديون آهن.
اڄ پارڪ ۾ ويٺي هُيس ته اوچتو ڪنن تي آواز پيو: ” نه ڪِني نه.... گُل ناھِن پٽبا....”
ڇِرڪي نِھاريم ته هڪ پوڙهو شخص هڪ ٻارڙي کي گُل پٽڻ کان روڪي رهيو هو. مان اُن شخص کي ڏسڻ لاءِ آهستي آهستي وڌي ڀرسان ويس ته حيرت جي حد ئي نه رهي:
”منصور ....تون؟”
”ها مان...”
”تون ڪيڏانھن هليو ويو هئين؟ مون تنھنجو ڏاڍو انتظار ڪيو آهي.” منصور ڪنڌ هيٺ ڪري ويھي رهيو، ڪا ورندي نه ڏنائين.
“زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، تون شرمسار نه ٿيءُ.”
ننڍڙ ي ٻارڙي وري ڪو گُل پٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي منصور کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”جهليو اٿم نه ڪِني ته گُل نه پٽبا آهن.”
“هي ٻارڙي ڪير آ منصور، هر هر کيس ڪِني چو چئي رهيو آهين؟”
”هيءَ منھنجي پوٽي آهي، سندس نالو ڪِني آهي، مون رکيو آهي. ڌي ڄائي ڪو نه، نه ته جيڪر اُن جو نالو رکان ها.”
سندس اکين ۾ لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا، هو ڪنڌ هيٺ ڪري، اسٽِڪ جي سھاري اُٿيو ته وري ٿاٻڙجي پيو، مون يڪدم کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هن پاڻ ڇڏائي ورتو ۽ ٻارڙي کي وٺي آهستي آهستي ڏور هليو ويو، مان کيس ڏسندي رهجي ويس.
****