ڪي خواب اڌورا
ھن ھڪ نظر پنھنجي آس پاس وڌي، ھڪ خوبصورت ڪمرو جنھن ۾ ڪنھن شئي جي به ڪمي ڪانه هئي، سامھون رکيل شيشي جي ٽيبل جنھن تي خوبصورت نقاشي ٿيل ھئي، ساڄي پاسي مني پلانٽ ۽ مکڙين جا گلدان، کاٻي پاسي ديوار تي ٽنگيل خوبصورت پينٽنگ جنھن ۾ چٽيل نوري، ڪينجهر ڪناري انتظار ۾ ويٺل، سامهون ايندڙ ٻيڙن کي تڪي رهي هئي، پينٽنگ تي نظر پوندي راھب جون اکيون ڪجهه دير اتي اٽڪي پيون ڄڻ اتي پنھنجو عڪس ڳولهيندو ھجي ۽ ھڪ ٿڌو ساھ ڀري، دل ئي دل ۾ پنھنجو پاڻ کي چوڻ لڳو. ھڪ سينئر آفيسر لاءِ ھي سڀ ڪجهه ڪافي آھي. ھي سڀ ڪجهه ھن جو خواب ھو، جيڪو پورو ٿي چڪو هو، پر....پوءِ به ھي خوش ڇو نه ھو، ھن ھڪ نظر پنھنجي گول گھمندڙ ڪرسيءَ تي وڌي. ھن کي لڳو ڄڻ هن جي زندگي به ھن ڪرسيءَ جيان گھمي رهي آهي، ھن ٽيبل جي دراز مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي لائيٽر سان سگريٽ دکايو، ڪش مٿان ڪش لڳائيندو رهيو. ٽيبل تي رکيل ايش ٽري کي پاڻ طرف اڳتي ڪندي ان ۾ دکيل سگريٽ جو حصو ڇنڊي ان کي غور سان ڏسڻ لڳو، ايئن محسوس ٿيس ڄڻ ھن جي اندر جو احساس ھجي جيڪو سگريٽ جيان دکي ايش ٽري جي نظر ٿيندو ھجي. وري ھن سگريٽ جو وڏو ڪش لڳايو ۽ دونھين کي اندر ئي اندر جذب ڪري ڇڏيائين.جنھن تي کنگهه جو ھلڪو غلبو طاري ٿيس، اکين مان لڙڪ نڪري آيس جيڪي ڄڻ ته ڪڏهن کان ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ بيٺل ھئا. ھن ٽشو پيپر سان يڪدم پنھنجون اکيون صاف ڪيون، جيڪي ھن جي دل تائين آليون ٿي چڪيون ھيون، ھن پنھنجا لڙڪ اکين جي بجاءِ دل ۾ وھايا ھئا، اڄ ھي آفيس ۽ ٺَٺُ ٺانگر سڀ اجايو ۽ بي معنيٰ لڳي رهيو هئس، جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ جا ھن خواب ڏٺا ۽ پوءِ تعبيرون به ماڻيون ھيائين.
ڪيترو نه خوش ھو جڏھن ڏهه سال اڳ سينئر آفيسر جي پوزيشن تي آيو ھو ۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ نازِ سان ھن جي شادي ٿي. تنھن ڏينھن ھن جا سمورا خواب پورا ٿيندي محسوس ٿيا. ناز جيڪا ھن جي ڪل ڪائنات، ھن جي چاھت ھن جي خوابن جي تعبير، ھن جي جيئڻ جو مقصد ھئي.
جڏهن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ھيائين ته مضمون لکڻ جي مقابلي ۾ ھن پھرين پوزيشن کنئي هئي ۽ ناز رنر اپ ٿي ھئي، مضمون جو عنوان هو محبت،تنھن ڏينھن کان وٺي ھن جي محبت ناز بڻجي وئي. راھب ۽ ناز تنھن زماني ۾ سٺن ليکڪن ۾ شمار ٿيندا هئا. کين لکڻ تي ڪيترائي ايوارڊ مليا ھئا. راهب، ناز کي ان ڪري به وڌيڪ پسند ڪندو هو جو ھڪ ليکڪ ئي ٻئي ليکڪ کي سمجھي سگھي ٿو، ان جي لکڻين جو قدر ڪري سگهي ٿو، اھو راھب جو خيال هو پر ناز جو شرط ھو ته راھب جيستائين بنگلو ڪار نه ھوندئي، مان توسان شادي ڪانه ڪنديس. راھب ڏينھن رات پڙھائي ڪري ڪميشن جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي پوسٽ حاصل ڪئي هيائين، جيڪو ناز کي پنھنجو ڪرڻ جو خواب ھئو، ڪيڏو نه خوش ھو راھب جڏھن ھن جا سمورا خواب ساڀيان ٿيا.
سوچن جي صحرا مان ان وقت ٻاهر نڪتو، جنھن وقت آفيس بواءِ شيشي جي خوبصورت ٽري ۾ ڪافي سان ڀريل مگ آڻي ٽيبل تي رکيو ھئس. ھن ھڪ نظر ڪافي جي مگ تي وڌي جنھن مان ٻاڦ نڪري رھي ھئي. سرديءَ جي ڪري ڪافي جو دونهون واضع نظر اچي رهيو هو، پر... ھن جي دل اندر دکيل باهه جو دونهون صرف کيس ئي ساڙي رهيو هو، ھن سگريٽ ايش ٽري ۾ رکندي ڪافي جو مگ پنھنجي ھٿ ۾ جھلي مگ کي چوڌاري ھٿ ڦيري ڏسڻ شروع ڪيوته مگ ٻاھران کان ٿڌو لڳو پيو ھو پر اندران دونھان پئي نڪتس. هن ھڪ ڍڪ ڀريو، ڍڪ کي نڙي ۾ اوتيائين اڄ پھريون دفعو ھن کي ڪافي جو ٽيسٽ ڪوڙو لڳو، ھن مگ واپس ٽيبل تي رکيو ۽ ھڪ ٻيو سگريٽ دکائڻ لاءِ لائيٽر جو بٽڻ آن ڪيائين. ھڪ پل جي ڀڙڪي سان لائيٽر مان باھ نڪتي ھن سگريٽ دکائڻ کان بغير وري لائيٽر آف ڪيو ۽ ان جي ٻاھران خوبصورت ڪلر ۽ ڊزائين کي ڏسڻ لڳو ھي سوچڻ لڳو ته بظاھر ماڻهو به ھن لائيٽر جيان آهن، ٻاھران خوبصورت، نفيس ۽ اندر ۾ باهه ڀريل، وري سگريٽ دکائي، وڏو ڪش اندر ئي اندر جزب ڪيائين، کنگهه جو وڏو دورو پيس دروازي تي بيٺل آفيس بواءِ ڊوڙندو اندر آيو ۽ جڳ مان شيشي جي گلاس ۾ پاڻي اوتي ڏنائين:
“سر ھي وٺو، خير ته آهي نه سر؟” پٽيوالي سوال ڪندي چيو.
راھب پاڻيءَ جو ڍُڪُ پنھنجي نڙيءَ ۾ اوتي، پٽيوالي کي سواليه نظرن سان ڏسندي چيو:“ڇا تو ڪي اهڙا خواب ڏٺا، جيڪي پورا نه ٿيا ھجن.”
پٽيوالي جواب ۾ وراڻيو: “سر جيڪي خواب پورا ٿيندا آهن، تن جي تعبير ڏاڍي ڀوائتي ھوندي آھي.”
“اھو وري ڪيئن؟” راھب تجسس سان پڇيو.
پٽيوالي جواب ۾ چيو:
“سر ان ڪري جو خواب بند اکين ۾ ئي سٺا لڳندا آهن.”
پٽيوالي جي جواب تي ھي سوچڻ لڳو ته واقعي خواب تڏهن ئي سٺا لڳندا آهن، جيستائين انھن جي تعبير نه ٿئي، تعبيرکان پوءِ خواب فنا ڪيئن ٿيندا آهن، سو ھن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي. ڪلهه رات گھر ۾ داخل ٿيندي ھن ٻڌي ورتو ھو، جڏھن نازُ فون تي ڪنھن کي چئي رهي هئي:
“مان توسان ئي محبت ٿي ڪريان، جلد راھب مان جان ڇڏائيندس.”
ٿوري دير بعد راھب جي لکيل مضمونن جو بيگ ڪم واري ماسيءَ کي ڏيندي چيائين:
“ھي رديءَ واري کي ڏئي، پيسا توهان کڻجو.”
****