شادي
خدا ڏني کي رب جي ڏني مان گنج ھو. پيءَ طرفان ڏنل زمينون مال جا ٻه واڙا ۽ ھي ھيڏي وڏي حويلي جيڪا ايڪڙن تي مشتمل ھئي، جنھن جي ھڪ طرف وڏو باغ، ٻئي طرف وڏا وڏا ٻه دالان ۽ ڪشاده اڱڻ، جنھن جي اڌ تي ڪاٺيءَ جي ڊزائين سان چٽيل ڇت جنھن جي ھيٺيان خوبصورت چٽن وارا پلر لڳل ھئا، سڄي شهر ۾ خوبصورت حويليءَ خدا ڏني جي ھئي، جيتري حويلي خوبصورت ھئي اوترو ئي خوبصورت دل جو مالڪ ھو. پٽ جو اولاد ڪونه ھئس، بس الله جي رضا سمجهي، ٻي شادي ڪونه ڪيائين، مائٽن گھڻو ئي چيس ته ٻي شادي ڪر ۽ سٺا سڱ به گھر ويٺي مليس پئي، پراھو چئي شادي ڪونه ڪيائين ته ان مان به ضروري ناهي ته پٽ جو اولاد ٿئي.
خدا ڏني ڌيئرن کي به پٽ سمجهي پاليو، ٻنھي نياڻين جي عمرين ۾ چئن سالن جو فرق ھو. جڏهن نياڻين جي عمر شاديءَ لائق ٿي ته جيڪي سڱ لاءِ اچن، تن کي ثمينه بدران سڪينه وڻي، تنھن ڳالهه جي خدا ڏني سميت سمورن گهر ڀاتين کي ڪافي ڳڻتي هئي. ايئن ثمينه جي شادي اڳ ۾ ڪرڻ جي چڪر ۾ نياڻين جون عمرون وڃن پيون نڪرنديون، تنھن ڪري نيٺ خدا ڏني سڪينه جو سڱ پڪو ڪري شادي ڌام ڌوم سان ڪرڻ جو پههُ ڪيو. روشن جيڪو سڪينه جو ٿيڻ وارو ورُ ھو، سو سلجھيل پڙھيل لکيل ڇوڪرو هو، تر جي سٺي خاندان سان تعلق هئس. سندن خاندانن وچ ۾ ڪافي پراڻا واسطا هئا، ٻيو ته روشن ڪافي وقت کان سڪينه کي پسند به ڪندو هو. سڪينه خوبصورت ھئڻ سان گڏوگڏ سٺي سڀاءُ واري ڇوڪري ھئي، ڪيترائي ڀيرا روشن جي پيءُ رشتي جي ڳالهه ڪئي پر خدا ڏني اھو چئي ٽاريو ته: “دعا ڪيو ثمينه وڏي نياڻي آهي، پھرين ان جو حق ادا ڪيان، پوءِ سڪينه جو روشن سان رشتو ڪندس.”
پر ثمينه جو ڪٿان به جوڳو رشتو نه آيو. تنهن کانپوءِ نيٺ سڪينه جي شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انتظار ۾ ڪڏهو ڪو بيٺلن ڪنواريتن ڄڃ جي پهچڻ تي گھوٽ سميت سڀني ڄاڃين تي گل ڇٽيا. ڄڃ جي پهچڻ سان ڪجهه دير ۾ ئي ڀت جا ڀريل ٿالهه ورهائجڻ شروع ٿي ويا، ٻاڪري گوشت ۾ پڪل پلاءُ سڄي پاڙي ۾ هڳاءُ ڪري ڇڏيو. مٿان وري ڏونگھي، بادام ۽ پستن سان ڀريل زردو جنھن ڄاڃين جي بک ويتر وڌائي ڇڏي، ھر پاسي کان عورتن جا رنڀ پيا پون:“او ابا ٿالهه ۾ ٻوٽـيون ته سرسيون وجهه.”
گھڻن ته ٻوٽـيون گھٽ ھجڻ ڪري ڪاوڙ ۾ ڀت ئي نه پئي کاڌو، ڪجهه عورتون پاڻ ۾ سُس پُس ڪندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳيون:“ادي ڀتُ به خوشامد تي ٿا ڏين، ڪنواريتن جي ٿالهه ۾ وڌيڪ ٻوٽـيون ۽ گھوٽيتن جي ٿالهه ۾ گھٽ.”
ديڳين جي مٿان رنڀ لڳي پئي هئي، ويچارن ديڳيون پچائڻ وارن کي ڏاڍيون گاريون به کائڻيون پيون، ڀلا اھڙو مزي جو پلاءُ جيڪو به تازن ڇيلن جي گوشت ۾ رڌيل ھجي سو ڪير چوي ته پوئتي ٿيان. ڄڃ سان گڏ آيل عورتن ته ڳوٿريون ڀري ڀري ڳنڍيون ٻڌي ڀت پئي لڪايا، ھوڏانھن نينگرين ڪنوار کي پئي تيار ڪيو، جن سان گڏ ڪمري ۾ اداس ثمينه پڻ ويٺي هئي، جنھن ڄاڃين واتان ٻڌو پئي ته:“خدا ڏني جي وڏي ڌيءَ ڪوجهي آهي، جنھن جو سڱ ڪونه ٿيو، سو ھن ڌيءَ جي شاديءَ تي خرچ تمام گهڻو ڪيو اٿائين.”
اھي لفظن جا تير ننڍي ھوندي کان ئي ثمينه ٻڌندي پئي آئي. اڪثر اڻواقف ماڻهو اعتبار ڪونه ڪندا ھئا ته ھي ٻئي سڳيون ڀينر آهن. ثمينه ماڻهن جي ڳالهين ۽ ننڍي ڀيڻ جي سونهن ڏسي اندر ئي اندر ۾ ڪڙھندي رهندي ھئي. اڪثر ڪاوڙ ۾ اچي سڪينه کي ڀونڊا ۽ پٽون پڻ ڏيندي ھئي، ته تون ايتري سھڻي ڇو آهين، جيڪر پيدا ٿيندي ئي مري پوين ھا.
تنھن تي سندس پيءُ خدا ڏنو ۽ ماڻهنس پڻ ثمينه کي سمجھائيندا ھئا ته: “ھوءَ تنھنجي ننڍي ڀيڻ آهي توکان ڪجهه موچاري آھي ته تنھن ۾ ان جو ڪھڙو قصور؟”
ماءُ دل رکڻ لاءِ اهو به چوندي ھئس ته: “گهٽ تون به ناھين، تون ته اسان جي وڏي ڌيءَ شھزادي آهين.”
پر خبر ناهي ڇو ثمينه جي دل ۾ ننڍي ڀيڻ لاءِ ڪڏهن پيار ڪونه جاڳيو. ثمينه جنھن شھزادي سان لائون لھڻ جا خواب ڏٺا ھئا، ان سان اڄ سندس ننڍي ڀيڻ لائون لھڻ واري ھئي، ھن ھڪ نظر سڪينه تي وڌي جيڪا اڄ ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪوھ قاف جي پري لڳي رھي ھئي، ھن جي نيڻن مان ٻه گرم لڙڪ لڙي پيا، جيڪي ھن جي ڳلن تان ٿيندا چولي جي ھيٺيان ڇاتيءَتائين پھتا ۽ گم ٿي ويا، ايتري ۾ سڪينه جي نظر ڀيڻ تي پئي چوڻ لڳس:
“ادي ميڪ اپ ته ڪر... تيار ٿي... ماڻهو ڇا چوندا...؟”
ھن سڪينه جي جواب تي پنھنجي منھن تي ڦڪي مرڪ آڻي چيو: “ھا ھا... تيار ٿيان ٿي، منھنجي راڻي ڀيڻ...!”
اڄ پھرين دفعو سڪينه ڀيڻ جي واتان اھڙو پيار ڀريو لفظ ٻڌي حيران ٿي وئي. ثمينه اٿي ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پيار مان ڳراٽڙي پاتائين،تنھن تي سڪينه ڏاڍي خوش ٿي. سڪينه کي لڳو ته ھاڻي هن جي شادي ٿي رھي آھي ۽ ھن گهر مان وڃڻ واري آھي، ان ڪري ڀيڻ کيس پيار سان رخصت ڪرڻ ٿي چاھي.
اڄ واقعي به ثمينه سڀني جي سامهون خوش ھئي، ڪجهه سھيلن پڇيو: “ثمينه تون اڄ ڏاڍو خوش آھين.”
چوڻ لڳي: “ڇو نه ھجان، آخر ننڍي ڀيڻ جي شادي آهي.”
اڄ پھريون دفعو خدا ڏني ۽ ماڻهنس ثمينه کي ايترو خوش ڏٺو. ايتري ۾ در جو کڙڪو ٿيو، ماڻهنس آواز ڏنو: “ڇوڪريون تيار ٿيو، نڪاح نامي تي ڪنوار جي صحيح ڪرائڻ لاءِ شاھد ۽ وڪيل اچن پيا.”
سڪينه ۽ سندس سرتيون سڌيون ٿي ويھي رھيون. سڪينه جو منھن گھونگھٽ ۾ ڍڪيائون ته نڪاح پڙھائيندڙ قاضيءَ سان گڏ چاچو لالڻ ۽ ٻه ٻيا مرد ڪمري ۾ داخل ٿيا، ٽي دفعا پڇيائون: “سڪينه ولد خدا ڏنو توکي روشن ولد فلاڻو بعيوض ھيترو حق مھر ... قبول آهي...؟”
ٽيون دفعو پڇڻ تي سڪينه ڪنڌ لوڏي ھلڪي آواز ۾ “ھا” ڪئي.
ٻاهر “مبارڪون هجن، مبارڪون هجن” جا پڙلاءَ گونجڻ لڳا، گھوٽ سان گڏ آيل دوستن بندوقن جا ٺڪاءَ ڪرڻ شروع ڪيا، اڄ خدا ڏني جي حويلي جرڪي رھي ھئي، رنگ برنگي بتين سان، رنگ برنگي پاتل چمڪيلن ڪپڙن سان، لاڏن جي سرن سان، تاڙين جي گونجن سان، اھو سڀ ڪجهه ڏسي خدا ڏنو ڪيڏو نه خوش ھو، نيٺ ھن جي نياڻي جو نڪاح ٿي ويو. تنھن کانپوءِ گھوٽ ڪنوار کي حويليءَ جي وڏي دالان تي آندائون، جتي وڇيل گلابي رنگ سان، خوبصورت چٽيل ڪالين تي وھاريائون گھوٽيتن ۽ ڪنواريتن لائُن جي رسم شروع ڪئي، رسم دوران سڀني رشتيدارن واري واري سان ڪنوار گھوٽ جا مٿا ٽڪرايا، وڏي ڀيڻ جي ناتي خدا ڏني ثمينه کي چيو:
“امڙ ڀيڻ کي دعائن سان گڏ لائون ڏي.”
ثمينه اٿي اچي ٻنھي جا مٿا ٽڪرايا، مٿو زور سان ٽڪرائڻ ڪري سڪينه کان رڙ نڪري وئي، جنھن تي آس پاس بيٺل مائٽ چوڻ لڳا:
“امڙ آرام سان مٿو ٽڪرائبو آهي.”
پر ثمينه ان جو ڪو جواب ڪونه ڏنو.
گھوٽيتن جو گھر ٻئي شهر ۾ ھجڻ ڪري اڄ رات رھڻ جو بندوبست خدا ڏني اتي ئي ڪيو ھو، ڪنوار گھوٽ جو ڪمرو تمام خوبصورت طريقي سان سجايو ويو ھو، جنھن ۾ مختلف قسمن جا گل لڳرايا ويا ھئا. لائُن جي رسم کان پوءِ سڪينه کي سجيل ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ثمينه کي ماڻهنس چيو ته:
“رڌڻي ۾ پيل بادام، پستن ۽ مصريءَ وڌل کير جا ٻه گلاس کڻي اچ.”
گھوٽ کي اچي سڪينه جي ساھڙين ورايو، ان جا بوٽ لڪايائون
پيسا گھرڻ لڳيون، ھر طرف خوشيون ئي خوشيون ھيون، سڀ حويليءَ جي اڱڻ تي نچي ڳائي رھيا ھئا. ھاڻي سڪينه ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي هئي جنھن کي ڀيڻ ثمينه آڻي کير جو گلاس پياريو. ڪافي دير ٿي وئي، آخر گھوٽ کي ڪنوار جي ڪمري ڏانھن وڃڻ جي اجازت ملي. گھوٽ جيڪو پنھنجي ڪنوار سان ملڻ لاءِ ڪيترن ڏينھن کان آتو ۽ خوابن ۾ گم هو، نيٺ اڄ ھن کي پنھنجي ڪنوار سان ملڻ جو موقعو مليو.
ھن ڪمري ۾ گھڙندي اندران در بند ڪيو، سامھون ستارن سان ڀريل ڳاڙهي وڳو پهريل سڪينه پلنگ تي پاسيري ليٽي پئي ھئي، شايد ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ اچي وئي ھئس، روشن آھستي آھستي اچي سڪينه جي ڀر ۾ ويٺو ۽ سڪينه کي چوڻ لڳو:
“مونکي خبر آهي ته تون ستل ناھين..شرمائين ٿي.. ان لاءِ ئي سمھڻ جا بھانا ٿي ڪرين..ھي ڏس!تنھنجي لاءِ شاديءَ رات جو تحفو منڊي آندي اٿم، سابه ھيري جي، پر...توکان گھٽ ان ڪري جو تون اصلي ھيرو آهين...او سڪينه! يار ھٿ اورتي ڪر ته منڊي پارايانءِ... ڏسان ته ھڪ ھيرو ٻئي ھيري جي چيچ ۾ ڪئين ٿو لڳي...!!!؟”
روشن سڪينه جو ھٿ پڪڙي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن جي دل ڏري پئي. سڪينه جو جسم سڄو ٿڌو لڳو پيو هو، ان جي وات مان رت سان گڏ اڇي گج پئي نڪتي، روشن جون وايون بتال ٿي ويون، کيس لڳو ڪنھن مٿس ڇپ ڪيرائي ھجي، مشڪلن سان ڪمري جو در کولي ٻاھر رڙيون ڪندي نڪري آيو:
“او چاچا خدا ڏنا قھرُ ٿي ويو، سڪينه زھرُ کاڌو آهي.”
ڪمري جي ڀر ۾ بيٺل ثمينه ڏي شايد ڪنھن جو به ڌيان نه ويو ھو، جنھن جي چھري تي فاتحانه مرڪ ھئي.
****