ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

ڀانڊارو

ڪھڙين پيڙائن جو ذڪر ڪريان، ننڍپڻ کان ئي سورن سان ناتو جڙيو، تڪليفون، اذيتون ۽ پيڙائون زندگيءَ جو حصو رھيون، ڪو ڏينھن ياد ڪونھي جو سُک جو ساھه کنيو ھُجي. اڄ جيئن ئي پنھنجي آفيس لاءِ گاڏي ڊرائيوَ ڪندي اچي رهي هئس ته، رستي ۾ هڪڙو ٺِڪر جي ٿانوَن جو ريڙهو ڏٺم، ريڙهي تي کوڙ ڀانڊارا رکيل هئا، مون ڀانڊارا ڏٺا ته پنھنجي ماضيءَ ۾ هلي ويس...
اُھو ڏينھن ياد اٿم، جڏهن مان ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندي ھُيس، ھڪ ڏينھن رسيس کانپوءِ، اوچتو منھنجو ابا ڪاوڙ ۾ اسڪول آيو، سڄي ڪلاس جي سامھون مونکي چنبو ھڻندي چيو ھيائين:
“پڻهين پڙھيو، جو تون پڙھي انباريون چاريندينءَ؟”
ائين چئي، مونکي ٻانھن کان جهلي اسڪول مان گھر وٺي آيو، امان پاپڙ ٺاھيندي ھئي، ننڍڙا ڀائر امان کي تنگ ڪندا هئا، انھن کي سنڀالڻ منھنجي حوالي ھوندو ھو، مان اسڪول ويندي ھيس ته امان کي ننڍا ڀائر ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندا ھئا، ابا ڪو ڪم ڌنڌو ڪونه ڪندو ھو، بس امان پاپڙ ٺاھي ۽ پورھيو ڪري جيڪي پئسا ميڙيندي ھئي تن تي بابا عيش ۽ نشا پتا ڪندو ھو. مان گھر ۾ سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان وڏي ھيس تنھن ڪري، گھر جي ھر ذميواري منھنجي مٿان ھوندي ھئي، اُن ڏينھن ابا جيڪا ڪلاس سامھون بي عزتي ڪئي ھئي، تنھن ڄڻ اسڪول وڃڻ کان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو ھو. سوچيندي هئس ته سڀ اسڪول وارا مون تي کلندا ۽ ٺٺوليون ڪندا پر امتحان به مٿان ھئا تنهن ڪري اسڪول وڃڻ تي دل ئي دل ۾ خيال پئي آيو.
اسڪول واري رجسٽر ۾ منھنجو نالو حميدہ لکيل ھو، پر مون کي گهر وارا توڙي اسڪولي ٻار حمي ڪري سڏيندا ھئا. امتحان ۾ باقي ھفتو بچيو ته، آپا نياپو ڪرايو ته:
”حميءَ جا امتحان آھن، کيس اسڪول موڪليو.”
پوءِ به مون کي امان توڙي ابا اسڪول وڃڻ لاءِ نه چيو، نيٺ امتحانن کان چار ڏينھن اڳ،آپا پاڻ اچي گهر نڪتي ۽ چيائين:”ڇو حمي! تون اسڪول نٿي اچين، امتحان مٿان آھن، تو جھڙي ھوشيار ڇوڪري ايئن ڪري، ٺھي ڪونه ٿو.”
پوءِ امان ۽ ابا سان مخاطب ٿيندي چيائين:”ڇوڪريءَ کي اسڪول موڪليو، ٻه درجا پڙھي پوندي ته زندگي ڀر ڪم ايندس.”
امان ۽ ابا، آپا کي ھائوڪار ڪري روانو ڪيو، مان اسڪول وڃڻ جو سوچي، پريشان ٿي ويس جو، جيترا ڏينھن اسڪول نه وئي ھيس ته منھنجي سليٽ، ڪتاب ۽ ٿيلھو ننڍڙن ڀائرن ڀڃي ٽوڙي وڃائي ڇڏيو ھو. سوچيم اسڪول ڪيئن وڃان، امان سان ڳالهه ڪيم ته امان مُنھن گُهنجائيندي چيو: ”اسان وٽ ته پئسا رکيا ڪونھن جو توکي سليٽ ٿيلھو ۽ ڪتاب وٺي ڏيون...”
مان روئيندي ڪوٺي ۾ ھلي ويس، اوچتو منھنجي نظر جاري ۾ رکيل ڀڳل ڀانڊاري تي پئي، جنھن ۾ مان خرچيءَ مليل پئسا رکي گڏ ڪندي ھيس.ھڪ ڀيرو اڳي جڏھن گهر ۾ پائي پئسو ڪونه ھو، امان جا ٺاھيل پاپڙ به ڪونه ھئا ته امان اُھو ڀانڊارو ٽوڙيو ھو، جنھن مان ٽيويھه رپيا نڪتا ھئا، اُن زماني ۾ ٽيويھه رپيا ڄڻ ته ٽيويھه سئو رپين جي برابر ھئا، سستائي جو زمانو ھو، سو پورو ھفتو گهر جا خرچ ۽ بابا جي عياشيءَ جا پئسا منھنجي ڀانڊاري مان نڪري پيا ھئا. ڀانڊارو ڏسي مون کي ياد آيو ته، مون ھڪ ٻئي ڀانڊاري ۾ به ته پئسا گڏ ڪيا آھن، جيڪو بابا ۽ امان جي ڀڃڻ جي ڀئو کان، زمين ۾ کڏو کوٽي لڪايو آھي. يڪدم اُٿي ٻاھر آڳنڌ ۾ آيس ۽ زمين کوٽي ڀانڊارو ڪڍيم ۽ پنھنجي قميص ۾ هيٺان لِڪائي، ڪوٺيءَ ۾ کڻي آيس ته متان ڪٿي اَبا جي نظر نه پئجي وڃي. مون جڏھن ڀانڊارو ڀڳو ته پنجن پئسن، ڏھه پئسن، چئي آنن، اَٺ آنن سان گڏ ھڪڙو پنجين رپئي جو نوٽ به نڪتو، جيڪو اسڪول ۾ ڊبيٽ دوران انعام طور مليو ھئم، اُن زماني ۾ پنج رپيا ڄڻ پنج سؤ رپين برابر ھئا. ڀانڊاري جا ڪُل پئسا ڳڻيم ته پنجاھه رپيا ٿيا. مان ڏاڍي خوش ٿيس، ڪجهه پئسا امان کي ڏنم، ڪجهه پئسا ھڪ گوٿريءَ ۾ رکيم ۽ ورانڊي ۾ ٽنگي ڇڏيم ۽ ڪجھه پئسا کڻي، ننڍي ڀيڻ کي ساڻ ڪري بازار آيس، پنھنجي قلم، سليٽ ۽ ڪتابن سان گڏ ننڍي ڀيڻ کي به ساڳيو سامان وٺي ڏنم، دل چيو ته پلاسٽڪ واري جُتي وٺان سا به ورتم ۽ پوءِ ڪپڙي واري دُڪان تي ڪاڪي خانڻ وٺ ويس، جو ايڏو سامان وٺڻ کان پوءِ به مون وٽ اڃا پئسا بچيا هئا. ڪاڪي خانڻ ڪپڙي واري کان، فليٽ جي ريشمي ڪپڙي جو اگهه پڇيم ۽ پوءِ ڪاڪي خانڻ کي بچيل پئسا ڏيندي چيم:
”ڪاڪا، اسان وٽ ھي آھن، بس اسان کي ريشمي فليٽ جو هڪ، هڪ جوڙو ڏي.”
ڪاڪو خانڻ احساس وارو نيڪ ماڻهو ھو، کلندي چيائين: ”ھا ڇو نه، ٿورا ئي ته گهٽ پئسا آھن، پنج رپيا، جڏھن ٿين ته ڏئي وڃجو، باقي جوڙو، جوڙو ٻنھي ڀينرن کي ڏيان ٿو.”
ھُن ڇھه وال فليٽ جو ڪپڙو اسان کي ڏنو، اسان ڪپڙو ۽ ٻيو سامان کڻي کِلندا، نچندا گانا ڳائيندا گهر پھتاسين ته ابا امان سان وڙھي رھيو ھو، مون جيڪي پئسا امان کي ڏنا ھئا سي به ڦري رھيو ھوس. اسان تي نظر پيس ۽ اسان جي ھٿن ۾ سامان ڏٺائين ته صفا تپي ڳاڙھو ٿي ويو، مون کي ۽ ننڍي ڀيڻ کي اچي ورتائين:“ڇوريون ٻُڌايو، ڪٿان آندوَ ايترا پئسا، جو ھي ھيڏو سامان وٺي آيون آھيو...”
امان اسان کي ڇڏائيندي چيو ته: ”حميءَ پنھنجو ڀانڊارو ڀڳو آھي،
تڏھن وڃي اسان کي ڇڏيائين، پر ڪاوڙ ۾ امان کي ڀرئي پيٽ ھوندي زوردار مُڪ ھڻي مَڪان تي ھليو ويو، امان ڌڪ لڳڻ سان صفا ساڻي ٿي پٽ تي ويھي رھي ۽ زارو قطار روئڻ لڳي،اُن ڏينھن اسان جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ھو، سو مون ورانڊي ۾ ٽنگيل ڳوٿري کنئي ته پئسا ڪڍي ڪجهه سامان وٺي اچان، پر ڳوٿري کنيم ۽ اُن ۾ ھٿ وڌم ته ڪاريءَ وار ڪَک ھئا. امان مون ڏانھن نھاريندي چيو:
”حمي پڻھين سڀ پئسا کڻي ويو ۽ مون کان به ڦري ويو...”
منھنجي اکين مان به ڳوڙھا وھي آيا، مان رڌڻي ۾ ويس، وٽو ۽ پليٽ کنيم ۽ ماسي شھزادي جي گهر ويس. اسان جي گهر ۾ جڏھن ڪجهه ڪو نه ھوندو ھو ته مان وٽو ۽ پليٽ کڻي ماسي شھزادي جي گهر ويندي ھيس. ماسي شھزادي وٽي ۾ اٽو ۽ پليٽ ۾ ڪا ڀاڄي ڏيندي ھئي، ماسي شھزاديءَ جو موڊ خراب ھوندو ھو ته دڙڪا ڏيندي ھئي، پر پوءِ به اٽو ۽ ڀاڄي خالي وٽي ۽ پليٽ ۾ وجهي ڏيندي ھئي. اڄ به جيئن مون کي ايندي ڏٺائين ته چيائين:
”اجهو اچي وئي سڀاڳي، ڪجهه وٺڻ لاءِ...!”
اُن لمحي منھنجو اندر وٺجي ويو، اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي گهٽ وڌ چوڻ لڳس، بس اُن ڏينھن ته ماسي شهزادي جيڪو ڏنو کڻي گهر آيس، پر دِل ئي دل ۾ پَههُ ڪيم ته هاڻي ڪڏهن به ماسي شهزاديءَ جي گهر ڪجهه وٺڻ نه وينديس. ڀلا ڪيستائين اسان ايئن هر ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگيندا رهنداسين. بس اُن ڏينھن جيڪي پئسا هئا تن مان چڻا وٺي آيس، صبح جو ڀاءُ کي چڻن جو ٿالهه ٺاهي وڪڻڻ لاءِ موڪليم، اسڪول مان موٽي اچڻ کان پوءِ گهر ۾ پيل پراڻي سِلائي مشين ڪڍيم ۽ جهڙي تهڙي سلائي ڪرڻ شروع ڪيم، ٿوري عرصي ۾ مان سُٺي سلائي ڪرڻ سِکي ويس، اسڪول به روز وڃڻ لڳس، سلائي ۽ ڇولن جي ڪمائي مان ٻه پئسا بابا کي ملندا هئا ته هو چُپ رهندو هو، ايئن مان پنھنجي گهر کي سنڀالي ويس، وقت سان ميٽرڪ انٽر ۽ پوءِ بي اي به ڪري ڇڏيم. تنهن کانپوءِ نوڪري ملي، نوڪريءَ مان ڀينر، ڀائر پڙهايم، پڙهي لکي جڏهن ڀائر نوڪرين وارا ٿيا ته شاديون به ڪيائون، ڀينر به پنھنجي گهر واريون ٿي ويون. ڀائر پنھنجي ٻچن ٻارن ۾ پورا ۽ ڀينر پنھنجي گهرن ۽ وَرن ۾ مصروف ٿي ويون، پَر اُها اڪيلائي ۽ پيڙا اڄ به مون سان گڏ آهي، رشتا پنھنجون معنائون وڃائي ويٺا، جنھن ڪري اُها ئي پيڙا ساڳئي تسلسل سان هلندي اچي ۽ اڪيلائي جنھن ۾ ڪو به سهارو ڪونھي ٿيندو. مون گاڏي سائيڊ تي ڪئي، گاڏيءَ مان لهي ڀانڊاري واري کان هڪڙو وڏو ڀانڊارو ورتم...سڌو آفيس آيس، آفيس جي شيلف ۾ اهو ڀانڊارو رکي ڇڏيم، مان هر روز اُهو ڀانڊارو ڏسندي آهيان، خوش ٿيندي آهيان ۽ اِهو سوچي ڪجهه پئسا ڀانڊاري ۾ وجهندي آهيان ته، جڏهن اِهو ڀانڊارو ڀرجي ويندو ته، سڀ پئسا ڪڍي ڪنھن غريب ڇوڪري کي پڙھائيءَ ۾ مدد طور ڏئي ڇڏيندي آهيان. ايئن ڪرڻ کان پوءِ هاڻي منھنجي پيڙا ۽ اڪيلائي ڄڻ ته گهٽجڻ لڳي آهي.

****