ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

بي وفائي

پورو ڪلاڪ سمجھائڻ ۽ بحث ڪرڻ باوجود......
“هاهاهاهاها.....”ھن وڏا ٽهڪ ڏيندي اوپرائپ واري لھجي ۾ چيو:
“اوهين ليکڪ لفظ جوڙڻ جا ماهرآھيو.”
سمنڊ جي گجگوڙ ڪندڙ لهرن جي شور ۾ رضيه جا ڌنڌلا ٽھڪ منھنجي ڪنن جي چوديواري سان ٽڪرائجي کُليل فضا ۾ وکرجي ويا.آئون ظالم شڪاري جي گهيري ۾ آيل معصوم هرڻ جيان حراسيل رهيس ڇاڪاڻ ته رضيه جا لفظ مون کي پنھنجو پاڻ لاءِ ئي اوپرو بڻائي رھيا ھئا.
“اوهين ليکڪ لفظن سان اھڙا ريشمي ڄار اڻندا ويندا آھيو، جو ماڻھو ان ڄار ۾ ڦاسندو ويندو آھي ۽ پاڻ کي اوهان جو ڪري ڇڏيندو آھي پر آئون انھن مان ناهيان، ليکڪن جي طلسم بازيءَ کان چڱي ريت واقف آھيان، اوهين ليکڪ فقط پنھنجي ڪتابن جي دنيا تائين سٺا ھونداآھيو.” رضيه طنزيه ٽھڪ ڳاڙهسڙي سرخي لڳل چپڙن تي برقرار رکندي وراڻيو.
گهڻو ئي چاهيم چئي ڏيانس ته “تڏھن ليکڪ لفظن جي دنيا ۾ مڃتا ماڻيندا آھن، جيڪڏهن هو عملي ڪم به لکڻين جي ڪردارن جيان سرانجام ڏين ته هوند هي دنيا جنت نه ٿي پئي، پر الائي جي ڇو لڱن منجهان ساهه پرواز ٿيندي محسوس ڪيم، پنھنجي زبان پيٽ بکايل ٻار جيان ڪمزور لڳي، لفظ اڪلڻ کان ڪيٻائي رهيا هيا، حسرتن جي چنڊ جي زرد روشنيءَ ۾ ھيٺ موجود منھنجي من جو اڱڻ اماوس جي گهيري ۾ جڪڙجندي محسوس ٿيو.
“اسد هو ڏس...”
ڪافي دوري کان ايندڙ سمنڊ جي لهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين.
نماڻا ۽ مرجهايل حسرتن ڀريا نيڻ مٿي ڪري ڇولين طرف نهارڻ لڳس، جيڪي اسان ڏانهن ايندي ايندي پنھنجو وجود فنا پئي ڪنديون رهيون.
“ڏسين پيو نه....؟”
“جي ها !”
ڳيت ڏئي نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڪنھن ڳوڙھي سان مقابلو ڪندي، دردن سان ٽٻٽار آواز ڪڍيم: “هنن لهرن ۽ پنھنجي جيون ۾ ڪو به فرق نه آ.”
رضيه منھنجي مرجهايل گلاب جهڙي مک ڏانھن تڪيندي وراڻيو.
آئون نظرون ملائڻ جي سگهه نه ساري سگهيس، الائي جي ڇو رضيه سان جنمن جو ناتو هوندي به ماحول ڄڻ اوپرو محسوس ٿيڻ لڳو. ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ رضيه ۽ منھنجي هيءَ پهرين ملاقات هجي.
ان رضيه سان جنھن جي يادگيرين جا بادل ذھن جي سرزمين تي هر وقت ٿي برسندا رهندا هيا. ان رضيه سان جنھن کانسواءِ جيون ٻسو ٻسو محسوس پيو ٿيندو هو. ان رضيه سان جنھن جي ناراضگي ۾ هيءَ سندر ڪائنات اجڙيل آرٽ جيان لڳندي هئي ان رضيه سان جنھن جي بغير منھنجي زندگي جي ٽرين جو هلڻ ناممڪن هيو.
“ڇا ٿيو اسد توسان آھيان نه؟”
“جي ٻڌايو ……!!”
مرجهايل چهرو مٿي ڪندي وراڻيم.
“چيم پئي ته سمنڊ جي لهرن ۽ پنھنجي جيون ۾ ڪو به فرق نه آ، ڇوجو سمونڊ جون لهرون مرنديون ۽ ٻيهر جنم وٺنديون رهنديون آھن تڏھن ته شايد پنھنجي منزل ماڻينديون آھن.”
“ڇا مطلب”
“هاڻ تو ليکڪ کي مطلب به سمجهائڻو پوندو.”
رضيه نڙيءَ جو آواز نڪ منجهان ڪڍندي وراڻيو.
“هاهاهاهاهاها....”
ڪا خبر ئي نه پئي سج جي لوساٽيل لالاڻ جهڙي چپڙن مان ٽھڪ سالن کان قيد بڻيل پکي جي آزادي جيان ڦڙڪاٽ ڪندي نڪري پيا. چيومانس: “اها اوهان جي بيوقوفي چئبي جو ليکڪن کي عقل ڪُل سمجهي انھن تي عقيدو آڻيو ٿا.”
“ها اها به ڳالهه آھي اسد پر خير...”
رضيه ڪنھن ٻئي موضوع تي سوچيندي لاشعوري انداز ۾ وراڻيو.
ڪراچي شھر ۾ وڏين وڏين عمارتن جو هجڻ، سمنڊ ڪناري پريمي جوڙن جي ملڻ جو منظر، هائي وي روڊن تي وڏين گاڏين جو تيزيءَ سان هلڻ، فيڪٽرين جي گندگي سان لڙاٽيل فضا، دل کي بي چين ڪندڙ شور ۽ تماشائين جهڙو ماحول ذھن قلمبند ڪندو ٿي رهيو ۽ بازي هارايل جواري جيان رضيه کي چيم:“چڱو ڀلا اڄ هٿ ۾ هٿ ڏئي سمنڊ ڪناري مونسان کن پنڌ ھلُ.”
ايئن ڪافي دير تائين، رضيه جو ھٿ پڪڙي سمنڊ جي لھرن کي ڪناري تائين پھچندي فنا ٿيندو ڏسندو رھيس، ڪافي خاموشي بعد رضيه ڳالھايو: “اسد ايئن ڀلا ڇو ؟؟”
“ڇا ڇو ؟؟”
“اڄ پاڻ هڪٻئي کي اجنبي ڇو پيا لڳون ۽ ايئن لڳي رهيو آھي اڄ کانپوءِ پاڻ ٻيهر مشڪل ملون.”
رضيه جي زبان منجهان اهي لفظ ٻڌي پيرن هيٺان سمنڊ جي وارياسي زمين کسڪندي محسوس ٿي. جسم ۾ درد جو ھڪ زلزلو برپا ڪري ڇڏيو. من جو آڪاش ڌڏڻ لڳو. جذبات پالار منجهه ٽنگجي بيهي رهيا خيال ٽاھڙ پکي جيان ڀڙڪو ڏئي وس جي پنڃري مان آزادي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڀائنيم. هوش خطا ٿيڻ لڳو ته رضيه وجود کي ڌوڏيندي چوڻ لڳي:“ توسان آھيان نه ؟”
“ڇا ڪُڇان رضيه ؟”
“ڇا پرن بنا ڪو پوپٽ اڏامي گلشن طرف پهچي سگهي ٿو؟ يا ڪو انڌو ڊوڙ ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو؟”
“ڇا مطلب...!!!” پگهرآيل منھنجي چهري طرف نھاريندي، رضيه تجسس منجهان پڇيو.
چيومانس:“مطلب ته اوهين منھنجي زبان پنھنجي تلخ لفظن سان ڪٽي ۽ چئو ٿا ته ڳالهايو …ڇا اهو ممڪن آ؟”
“ڏس يار مان توسان حقيقت پئي ڪريان؟”
“هونھن ... حقيقت...!!!”
“ڇا ٿيو ؟”
“ڇا ٿيندو؟پاڻ ان رمتي جوڳيءَ جيان آھيون، جنھن جي مسافري ۾ منزل تي پھچڻ جي ڪا ڪلپنا ناھي ھوندي. پاڻ ان نينگر جيان آھيون جنھن جي ذھن ۾ بغض ۽ حسد جهڙا خيال نه هوندا آھن، پاڻ ان بنا بريڪ ٽرين جيان آھيون، جنھن جي ڪٿي به ڪا اسٽيشن قائم ناهي ۽ نه وري ڪو اسٽاف آھي...”
“اڙي يار توکي ڪيئن سمجهايان؟” رضيه نرڙ تي هٿ رکندي چيو.
“بلڪل رضيه تو سچ چيو هو ته پاڻ ليکڪ لفظن کي جوڙڻ جو فن ڄاڻون ٿا. پاڻ کي ڪهڙي خبر ته احساس ڇا آهن؟ ۽ انھن ئي احساسن منجهان جنم وٺندڙ پيار ڇاهي؟ ڪنھن کي حاصل ڪندي به وڃائڻ واري تڙپ جو درد ڇا ٿيندو آ؟ پاڻ کي ڪهڙي خبر، بس پاڻ ته رڳو لفظن کي تحريرن ۾ قيد ڪري ڄاڻون...پر رضيه لفظن کي تحريري روپ ۾ ڪنھن پورهيت عورت جيان ڀرت ۾ اڻڻ سولو نه آ. درد جڏھن به سهپ جون حدون اورانگهي ويندو آهي ته انسان خاموش ٿي ويندو آ ۽ شايد ان ئي خاموشي جي اظھار جو ٻيو نالو لفظن کي گرفت ۾ آڻڻ آھي.”
آئون لاڳيتو جذبات منجهان وراڻيندو رهيس. رضيه ڪجهه ڪين ڪڇي ۽ خاموش رهي.
“ٻڌ...! رضيه مان انھن ليکڪن منجهان ناهيان جو ڪنھن کي اجايو پريشان ڪري پنھنجي زندگي جو حصو بڻايان...مان ازل کان وٺي لفظن جي رضامندي تي هليو آھيان، جنھن ويل لفظ پاڻ هلي ايندا آھن ته ان وقت انھن کي مفھوم جو چولو اوڍي دنيا اڳيان متعارف ڪرائيندو آھيان، باقي پاڻ ڪنهن آڙيڪاپ ليکڪ جيان لفظن سان زوري زنا وارو رستو اختيار نه ڪيو آهي....”
“ڇا مطلب...؟” اداسيءَ جي ڪيفيت منجهان رضيه وري پڇيو.
“صاف مطلب آ، ته اگر اوهين منھنجي شخصيت مان متاثر ناهيو ته اوهان کي علحيدگيءَ جو پورو پورو حق آھي ۽ آئون اوهان کي پاڻ ڏانهن آماده ڪرڻ جهڙو قدم نه کڻندس، باقي مون اوهان کي انتها تائين چاهيو آهي ۽ تاحيات چاهيندس ڇاڪاڻ ته اسان ٻھراڙيءَ جي ماڻھن جي سادگي ۽ سچائي ئي هميشه سڃاڻپ رهي آھي.”
“اوڪي گڊ باءِ اسد....”
رضيه جذبات جي ورچڙھي، ناتو ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ جڏھن
رضيه مون کان موڪلائي وڃڻ لڳي ته سندس هٿ کي جهلي روڪيندي چيو ھيم:
“ٿورو بيهه...”
تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ آندل منڊي کيسي منجهان ڪڍي رضيه ڏانهن وڌائيندي ٽٽل لفظن ۾ چيم:
“هيءَ تنھنجي لاءِ آخري گفٽ آندو هيم ۽ منھنجي خواهش هئي ته توکي پنھنجي هٿڙن سان پارايان، پر خير ضروري ناهي ته جيون جون سڀئي خواهشون پوريون ٿين، تنهن ڪري تون پاڻ ئي پائي ڇڏجانءِ.”
رضيه منڊي هٿن مان وٺي سمنڊ جي ڇولين حوالي ڪندي چيو ته: “مان توکي ناتو ڇنڻ جو اطلاع، ميسيج ذريعي ڏئي چُڪي هيس، بس تنھنجي آخري خواهش مطابق توسان ملڻ لاءِ سمنڊ ڪناري آئي ھئس.”
۽ هوءَ تيز وکون کڻندي ڀرسان بيٺل رڪشا ڏانهن وڌي وئي.
جيسيتائين رضيه جو ڌنڌلو وجود نظرن کان اوجهل نه ٿيو، آئون اميد ڀريل نگاهه سان اوڏانهن تڪيندو رهيس.

****