ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

پيڙائن جي پاڇن ۾

اڄ منھنجي دردن جي داستان جا پنا وري ڪنھن ھوا جي جھونڪي تي اڏامڻ لڳا جنھن تي، اُڪريل، منھنجي من اندر جو داستان صاف نظر پئي آيو، ورق اڏامندا، پھرين پني تي اچي بيهي رهيا، جتان منھنجي محبت جي منزل جو افتتاح ٿيو. منھنجي دل ديبو جي محبت ۾ مست ھئي، پيار جي ڀريل پيالن مان اسان پنھنجي من اندر جي تاس ۾ اوتي رھيا ھئاسين، چانڊوڪيءَ راتين ۾ سمنڊ ڪناري ويھي، واريءَ سان خوابن جا محل تعمير ڪيا ھئاسين، جنھن کي محبتن جي محرابن سان سجايو ھو. سمنڊ ڪناري ڀڄندي ڀڄندي ۽ پيار جي پيچرن تي ھلڻ لاءِ ديبوءَ جي قدمن جي نشانن تي پنھنجا قدم رکندي، سڄي زندگيءَ جي خوبصورت منزلن جو تعين ڪيو ھو، اھڙين منزلن جو جتي محبتون ھجن، جتي نفرتن کي مات ملندي ھجي، جتي سُکُ ھجي خوشيون ھجن، سچ ھجي ۽ سچن جذبن جو قدر ھجي، جتي منھنجي ماضيءَ جي ٽٽندڙ احساسن جا پاڇا نه ھجن، منھنجي منزل جي رستي تي ديبوءَ جي قدمن جا نشان ھجن، جتان منھنجو دَڳُ سئولو ٿي ويندو، اھو سوچيندي چانڊوڪيءَ رات ۾ سمنڊ ڪناري ان ڳالهه کان بي خبر ته اوچتو سمنڊ جون بي رحم لھرون اچي ديبوءَ جي قدمن جا نشان مٽائي ڇڏينديون، جنھن تي مون پنھنجا پير رکي اڳتي وڌڻ پئي چاهيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي محبت جو جوڙيل محل به لھرن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو ھو. منھنجو اندر اڌ ٿي ويو، منھنجي محبتن جو محل نه رهيو، ھن ظالم سماج سمنڊ جي بي رحم لھرن جيان ديبوءَ جي اڳتي وڌنڌڙ قدمن جي نشانن کي مٽائي ڇڏيو، جيڪي منھنجي محبت جي منزل جو دَڳُ ھئا، ھاڻي نه ڪا منزل آهي ۽ نه ئي وري ڪو رستو، نه چانڊوڪي راتيون آهن ۽ نه ئي وري گڏ ھلڻ وارا قدم، چنڊُ ته پنھنجي جلون سان ھلي پيو، پر ان جي روشني منھنجي اڱڻ تائين ڪونه ٿي پهچي، شايد چنڊ جڏهن اوستائين پھچي ٿو ته پنھنجو جوڀن وڃائي ٿو ويھي. چنڊ کي به منھنجو ڪومايل، مايوس ۽ ڏکايل چھرو ڏسي پنھنجي بي وسيءَ جو احساس ٿيندو آهي. جنھن منھنجي محبتن جا محل ٽٽندي ڏٺا، جنھن منھنجي ديبوءَ کي سماج جي ٺيڪيدارن ھٿان اڌُ ٿيندي ڏٺو ۽ پوءِ به ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو. اڄ ديبوءَ پنھنجن سڏڪن کي ٽھڪن ۾ مٽائي ڇڏيو آهي، لڙڪ ته لاڙي پيو، بس انھن کي خوشيءَ جي نالي سان انڪري جو سڏڪن کي ته روڪي سگهجي ٿو، پر لڙڪن کي ڪيئن روڪجي، ھوا تيز ٿيندي وئي ۽ منھنجي من اندر جي داستان جو ڪتاب منھنجي پيرن ۾ ڪري پيو، مون پنھنجن پيرن کي غور سان ڏٺو، جيڪي ديبوءَ جي قدمن جي نشانن تي ھلڻ لاءِ آتا ھئا ۽ ڏُک وچان ھڪ نظر، ديبوءَ ڏانھن وڌم، جيڪو بي پناهه اذيت واري ڪيفيت ۾ ھوندي به مونکي ڏسي مسڪرائي رهيو هو، ڀرسان ستل پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ڏٺم جنھن جي اکين ۾ ھزارين سوال ھئا، جنھن جو اڄ تائين مون ڪو جواب نه ڏنو ھو، مان پاڻ ھڪ سوال بڻجي وئي ھيس، پنھنجو پاڻ لاءِ، ھن معاشري لاءِ، جتي مونکي ھر جاءِ تي اُگھاڙي ۽ شڪاري نظرن سان ڏٺو پيو وڃي، اتي مان ڪھڙا جواب ڏيان، پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ته ھي مئل ماڻهن جو معاشرو آهي، جتي فقط عورتن جي جسم کي ڳجهن ۽ بگھڙن جيان ماس پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ھر وقت شڪار جي تلاش ۾ ھوندا آھن، مان ٿڪجي پئي آهيان، پنھنجو پاڻ کي بچائيندي، منھنجو حوصلو ختم ٿي ويو آهي آخر ڪيستائين مان زندگيءَ جي ھن ڊگهي سفر ۾ ھلندس، جتي نه رستو آهي ۽ نه ئي منزل اهو سوچي جڏهن پنھنجي ننڍڙي پٽ تي نظر پوي ٿي ته جيئڻ جا حوصلا وڌي وڃن ٿا.
مان جيئندس ۽ ھن معاشري سان وڙھندس، ڀلي ان ويڙهه ۾ مان روحاني ۽ جسماني طور ڪيترو به زخمي ٿي پوان، پر مان پنھنجي پٽ کي ڪنھن سٺي منزل تائين ضرور رسائيندس جتي سندس اٻاڻڪين اکين ۾ رھيل سوال آهن.
جيستائين هو پنهنجن سوالن جا جواب ڳولهي ۽ منھنجي منزل جي اڻپوري سفر کي نوان رستا ڏيئي مڪمل ڪري تيستائين هار نه مڃينديس.
****