ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

محبت جو ڪاڪ محل

رضيه ۽ ڪلثوم کي ريسٽورنٽ ۾ ڪچهري ڪندي ڪافي دير ٿي چڪي ھئي، اوچتو رضيه جي نظر پنھنجي سنھڙي ڪرائي ۾ پاتل سنھري رنگ جي ڊائل واري گھڙيءَ تي پئي ۽ ٽائيم ڏسندي ڪلثوم کي چيائين ته:
“يار ھاڻي ھلڻ گھرجي، ڪافي دير ٿي چڪي آهي.”
ڪلثوم پنھنجو پرس ھٿ ۾ کڻندي رضيه کي چيو:
“يار مونکي يونيورسٽي ڊراپ ڪجو، اتي ڪجهه ڪم آهي.”
رضيه چيو: “ھا ڇو نه ضرور...”
رضيا ۽ ڪلثوم جي دوستيءَ کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا ۽ ھر سال ھي پنھنجي دوستيءَ کي سيليبريٽ ڪنديون هيون، ھي اڪثر واندڪائيءَ جي وقت ريسٽورنٽ ۾ ويھي ڪافي پيئنديون ھيون ۽ دنيا جھان جي ھر موضوع تي تبصرو ڪنديون ھيون. ايئن ھنن کي ٽائيم جي خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته ڪيتري دير ٿي وئي آهي، ٻئي ھڪ ئي ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيون بس ٻنھي جا ڊپارٽمينٽ الڳ الڳ ھئا.
سڄو ڪاليج سندن دوستيءَ تي رشڪ ڪندو هئو، اڪثر جڏهن کين چوندو هو ته:“توهان شادي ڪڏهن ڪنديون؟”
ھي جواب ۾ چونديون ھيون ته:“اسان ٻنھي ھڪ ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آهي، اسان جي وچ ۾ ڪو مرد نه ايندو، جنھن جي ڪري ڪو وڇوڙو اچي.”
رضيه ريسٽورنٽ جي ٽيبل تي رکيل گاڏي جي چاٻي کنئي ۽ پوءِ ٻئي ڏاڪڻيون لھندي، ھيٺ ريسٽورنٽ جي پارڪنگ ڏانهن روانيون ٿيون.
گاڏيءَ ۾ ويھي ڪچهري ڪندي يونيورسٽي اچي پڳيون، ڪلثوم رضيا کي چيو: “تون به اچ، ڪنھن پروفيسر سان ڪم آهي، جلدي واپس ٿا اچون.”
رضيه چيو: “ڪلثوم يار تون وڃ مان گھر ٿي وڃان.”
پر ڪلثوم گاڏيءَ جي ڄاٻي ڪڍي، رضيا کي ٻانھن کان جهلي، پروفيسر جي آفيس ڏانھن رواني ٿي ۽ ٻنھي ھڪ ٻئي جي منھن ۾ ڏسي ٽھڪُ ڏنو، اڳيان ڪوريڊور مان لنگهندي ڪلثوم سامھون اشارو ڪندي چيو: “ھي پروفيسر علي جي آفيس آهي، ڏاڍو بھترين انسان آهي، جيئن ئي ٻئي ڄڻيون آفيس ۾ داخل ٿيون ته سامهون ويٺل ھڪ خوبصورت شخص چپن تي مرڪ آڻيندي ھنن کي ڏسي ويلڪم ڪيو ۽ پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو ۽ سائيڊ ۾ رکيل ڪرسين ڏانهن اشارو ڪندي چيو: “پليز ويھو....”
رضيه پنھنجي من ۾ پروفيسر عليءَ بابت هڪ خاڪو ٺاھيو ھو. هن سمجهيو هو ته پروفيسر علي گنجو، پيٽ نڪتل ۽ عجيب قسم جو کڙوس ھوندو، پر ھاڻ پروفيسر عليءَ کي روبرو ڏسي ھوءَ حيران ٿي وئي. خوبصورت قد ڪاٺ وارو، منھن تي ٺھندڙ شھپر، اکين ۾ عجيب قسم جي ڪشش ۽ چپن تي موھي وجهندڙ مسڪراھٽ هئي.
ڪرسيءَ تي ويھندي ڪلثوم، رضيه ڏانھن اشارو ڪندي سندس تعارف پروفيسر علي سان ڪرائيندي چيو ته:
”ھيءَ آھي منھنجي دل وَ جان کان پياري دوست رضيه، جنھن جو مان توهان سان اڪثر ذڪر ڪندي رهندي آهيان.”
پروفيسر علي خوشيءَ ۽ حيرانيءَ مان رضيه ڏانهن ڏسندي چيو:
“اڇا، اڇا توهان جي دوست ته ڏاڍي سهڻي آهي.”
رضيه پروفيسر جو شڪريو ادا ڪندي چيو:
“توهان به ڪنھن کان گهٽ ناھيو.”
اُن وقت الائجي ڇو رضيه جي دل ۾ پروفيسر علي لاءِ ھڪ عجيب قسم جو احساس پيدا ٿيو، جيڪو اڳ ڪڏهن به رضيه جي دل ۾ ڪونه آيو هو.
رضيه جيڪا ھميشه چوندي هئي ته: “مان ڪڏهن به ڪنھن مرد کي پنھنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪونه ڪنديس،منھنجي پياري دوست ڪلثوم جو آهي ته مونکي شادي ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟”۽ ايئن چئي ٻئي ٽھڪ ڏينديون ھيون، پر اڄ رضيه جون سڀ ڳالهيون کوکليون لڳي رھيون ھيون، پروفيسر عليءَ کي ڏسي رضيه کي پنهنجي من ۾ ھڪ نئون ڪيف ۽ سُرور محسوس پئي ٿيو.
ڪلثوم ۽ پروفيسر علي ڇا ڳالهائي رھيا ھئا، ھي انھن کان لاتعلق پروفيسر علي جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪي هئي، ان وقت ھن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ھي ڪا شھزادي آهي ۽ پروفيسر علي سندس شھزادو ۽ ٻئي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي ڪنھن محبت جي تخت گاهه ۾ ويٺل ھجن ۽ ڀرپاسي ۾ موجود ٻانها ۽ ٻانهيون پيار جي گلن جا ٿالهه ڀري انهن تي ڇٽي رهيا هجن. ڪلثوم جي اوچتي آواز تي هوءَ خوابن جي محل مان ڇرڪ ڀري نڪتي.
“ڪٿي گم آهين يار، چانهه پي ٿڌي پئي ٿئي.”
رضيه ھڪ خوبصورت مرڪ سان پروفيسر علي ڏي نھار ڪئي ۽ پوءِ نظرون جهڪائي، چانهه جو مگ ھٿ ۾ کنيو، ايتري ۾ ڪلثوم چيو:
“رضيه توکي خبر آهي ته اڄ مون توکي ھتي ڇو آندو آهي؟”
رضيه حيران ٿيندي چيو: “نه !”
ڪلثوم چيو: “ھڪ سرپرائيز...”
“ڪھڙو؟” رضيه اتاولي ٿيندي يڪدم سوال ڪيو.
ڪلثوم چيو ته: “سرپرائيز اھو آھي ته مان ۽ پروفيسر علي ڪجهه ڏينھن ۾ مڱڻي ڪرڻ وارا آهيون.”
اھو ٻڌي رضيه جي ھٿ مان چانهه جو مگ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. جيڪو مگ نه پر سندس محبت جو ڪاڪ محل ھو.
****