ڳولا
اچي عبادتن مٿان عبادتون ڪيائين، اهڙو ڪو به طريقو نه ڇڏيائين، جنھن جو ڏس هن کي نه مليو هجي ۽ هن عبادت نه ڪئي هجي پر تنھن جي باوجود به خدا نه پئي مليس، مايوسي محسوس ڪيائين ۽ پنھنجي خواھش جي تڪميل لاءِ پنھنجو حسين جوڀن به وڃائي ڇڏيو هيائين. هاڻ ته ڪارن جي جاءِ تي اڇا وار قابض ٿي چڪا هئس پر تنھن هوندي به خدا سان ملڻ واري خواھش، سيني اندر سانڍي، خدا جي ڳولا منجهه جھنگ جھر پيو رلندو هو ۽ آخرڪار اھو به سمجھي ورتو هيائين ته عبادتن سان ڪو به خدا نٿو ملي. ھاڻ ھن نئين سر خدا جي جستجو ڪرڻ شروع ڪئي. هڪ هنڌ ويهي عبادتون ڪرڻ جي بدران، هن خدا کي ڳولڻ وارا عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا. ورھين کان ھلندڙ ھن جي تلاش ۽ تڙپ کي زماني به محسوس ڪري ورتو ھو. شايد اھوئي سبب ھو جو ڪجهه عرصو گذرڻ بعد، هن کي سڄو لوڪ “درويش” جي نالي سان سڏڻ لڳو. اھو لقب ڏيندڙن ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هوندو، جيڪو هن ڏانھن ڏسي کليو نه هجي ۽ ھن لاءِ چٿر، طنز يا ٽوڪ نه ڪئي ھجي. ھن لاءِ عجيب ۽ غريب ڳالهيون نه ڪيون هجن، بس هر فرد جي وندر جو سامان بڻجي چڪو هو. هن کي ايندي ويندي ڏسي ماڻهو مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا ۽ بار بار اهو ئي پڇندا هئس ته :
“خدا سان ملي آئين يا نه؟”
“خدا ڇا پيو چوي؟”
“خدا ڏسڻ ۾ ڪيئن هو؟”
“ڇڏ درويش ! توسان ۽ خدا ملندو... وڃ، ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪر.”
“اهڙيون اڻ ٿيڻيون آسون من منجهه سانڍي قيمتي وقت نه وڃاءِ.”
هر ماڻهوءَ جو اھو خيال ھو ته خدا سان ملڻ سولو ناهي ۽ نه ئي اڄ تائين، خدا ڪڏھن ڪنھن سان مليو آھي. ڪجهه اھڙا ماڻھو به ھئا جن جو خيال ھو ته خدا ته خوشبوءِ جيان آھي، جنھن کي محسوس ڪري سگھبو آھي پر ڏسي ڪين ٿو سگھجي، خدا ته گھلندڙ ھِيرمثل آهي، جنھن کي پنھنجي بدن سان ٽڪرائيندي محسوس ڪري سگھجي ٿو. اھي سمورا ماڻھو، ڪي ٿورو ته ڪي گهڻو، طنز، مزاق، ڀوڳ ۽ مسخري ڪندا رهيس، پر تنھن هوندي به هن جي زبان تي ھميشه اھي ئي سوال ھوندا ھئا ته:
“ڇا اوھان مان ڪنھن خدا کي ڏٺو آھي؟”
اھڙا سوال جن کي ٻڌندي ئي ماڻهو کل ۾ کيرا ٿي پوندا هئا ۽ بس اهو ئي چوندا هئس ته:
“درويش ! تون ته صفا چريو ٿو لڳين.”
خدا جي تلاش ۾ ڪشالا ڪٽڻ جي باوجود به ڪٿان ڪو خدا سان ملڻ وارو گس نظر نه آيس.آهستي آهستي پنھنجي خواھش کي چڪناچور ٿيندي ڀائنيائين ۽ دلشڪسته ٿيندي، پنھنجي منھن روئڻ پٽڻ لڳو ھو ۽ بڪواس لڳڻ لڳس اھو قول ته “همت مردان مدد خدا” ڇاڪاڻ ته هن پنھنجي عمر جا پنجونجاهه سال انھي ئي اميد ۾ گذاريا هئا ته خدا سان ملندس ۽ خدا کان پنھنجو رهيل حساب گهُرندس پرخدا سان ملڻ جي پنڌ ۾ ڪنھن به مدد ڪين ڪئي ھئس. هڪ ڏينھن اوچتو ڪنھن گهِٽِيءَ منجهان گذري رهيو هو ته گيڙو رنگ واري چادر ڪلهن تي ويڙهيل شخص جي نگاهه پئجي ويس، جنھن هن جي باري ۾، ماڻهن جي واتان ٻڌو هو ته هتڙي ڪو درويش اهڙو به رهي ٿو جيڪو رات ڏينھن خدا سان ملڻ واريون ڳالهيون ڪندو رھي ٿو.
گيڙو رنگ واري چادر پھريل اھو شخص، اهو معلوم نه ڪري سگھيو هو ته ھيءُ درويش ڪٿان جو آھي؟ ڪير مڙس آھي؟ آخر خدا سان ملڻ ڇو ٿو چاهي؟ هڪل ڪندي، پاڻ طرف، اچڻ جو اشارو ڪيائين.جيڪو درويش ٻڌي ورتو ۽ بنا ڪنھن دير جي اچي اڳيان حاضر ٿيو.
پڇيائين ته: “خدا سان ٿو ملڻ چاهين نه؟”
“جي جي پر...؟”
“اچ ته توکي خدا سان ملايان.”
درويش جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين.
درويش ائين ٿي ڀانيو ڄڻ وڃايل جواني واپس ملي وئي هجيس،
خزان جي مند ۾ بهار محسوس ڪرڻ لڳو ھو.خوشيءَ خوشيءَ انهيءَ اڻڄاڻ شخص پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڪيڏو نه عجيب منظر هوندو آھي، جڏهن ڪو اڻڄاڻ شخص اڌورن خوابن جي ساڀيان جا آسرا ڏئي اڻڄاڻ هنڌ ڏانھن وٺي ويندو آھي ۽ انسان بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي خوشيءَ خوشيءَ ان اجنبيءَ جي پٺيان لڳي پوندو آھي، شايد ان ڪري ته ان ويل انسان پنھنجي خواهش جي تڪميل جي ديوانگيءَ سبب اھڙو بتال ھوندو جو کيس فريب به حقيقت لڳندو آھي.
ڪافي پيدل سفر طئي ڪري، آخر نيٺ هڪ سنسان ھنڌ تي ڪنھن آستاني تائين پهتا، جتي ھڪڙو وڏو مَنھُن ٺھيل ھو، ان مَنھنَ جي مٿاهين جاءِ تي ھڪ وڏي تختي لڳل ھئي جنھن تي “حق موجود سدا موجود” جا لفظ لکيل ھئا. ويران جاءِ تي منھَنَ ۾ ٺھيل آستاني کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سوچن منجهه غرق ٿيندي دل ۾ چوڻ لڳو:
“خدا هت ڪيئن ٿو رهي سگھي؟ خدا دنيا جا عاليشان محل ماڙيون ڇڏي، هن جهوپڙي منجهه پنھنجو جيون ڪيئن گھاريندو هوندو، جڏهن ته هو سڀني جو پيدا ڪندڙ مالڪ آهي ۽ هن جي اشاري سان زمين ۽ آسمان قائم آھن. هر شئي ان ئي خدا جي حڪم جي تابع آھي، تنھن جي باوجود به ايتري سادگيءَ سان پنھنجو جيون اهڙي ويراڳيءَ واري ماحول منجهه ڪيئن ٿو گھاري سگھي، سو به ھڪڙي ڪکائين جھوپڙي منجهه...!؟”
ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيس ۽ اڻ ڳڻيا سوال ذهن جي اسڪرين تي اڀري اڀري ٿي آيس، جن جي جوابن لاءِ ھتي وٺي ايندڙ شخص سان مخاطب ٿيو: “ڪٿي آھي خدا ... ؟”
”صبر ڪر ٻڌايانءِ ٿو، پر ان کان اڳ، منھنجو ھڪڙو شرط قبول ڪرڻو پوندءِ.”
پريشانيءَوچان پڇيائين: “ڪهڙي شرط ... ؟”
”شرط اھو آھي ته پھرين اھو ٻُڌاءِ خدا سان ملڻ ڇو ٿو چاهين...؟”
”خدا ڏي منھنجو حساب رهيل آھي...”
سينور چڙھيل مٽ منجهان جست جي گلاس ۾ پاڻي ڀريندي پڇيائين: “ڪهڙو حساب؟”
بس ڇڏي ڏيو انھي ڳالهه کي، اهو ٻڌايو ته خدا ڪيڏي مهل ايندو ..؟”
گلاس هن طرف وڌائيندي چيائين:
“ڏس درويش ! مان توکي ايئن ڪونه ٻڌائيندس خدا جي باري ۾، جيسيتائين تون مونکي اهو نه ٻڌائيندين ته خدا سان ڇو ٿو ملڻ چاهين ۽ خدا ڏي تنھنجو ڪهڙو حساب رهيل آهي.”
هڪ ئي ساهيءَ منجهه پاڻيءَ جو گلاس پيئندي وراڻيائين:
“خدا مون سان وڏا ظلم ڪيا آهن، زندگيءَ جي وک وک تي مون لاءِ اذيت جو ڪارڻ بڻيو آھي. ھن مون سان ايئن ڇو ڪيو، مون ھن جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو... تون ئي ٻڌاءِ ته مون خدا جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، جنھن جي ايڏي وڏي سزا مون کي ملي ۽ اڃان تائين پل پل ملندي رھي ٿي. ڪافي سارو منھنجو حساب خدا ڏانھن رهيل آھي، جنھن کي اڄ چُڪتو ڪري پوءِ ئي ھتان ويندس.”
ائين چئي درويش خاموش ٿي ويو.
”اهو وري ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته تنھنجو ڪو حساب خدا ڏانھن رهيل هجي؟”
درويش، ڪلهي تي پنھنجائپ وچان هٿ رکندي چيس:
“ڇو اھو ڇو ڪونه ٿو ٿي سگهي؟ ڇا خدا جي حڪم بنا ڪو ڪک چري سگھي ٿو؟، خدا هر شئي تي قدرت رکندڙ آهي، جيڪو ڪجهه هن جهان ۾ ٿئي پيو، سو خدا جي رضا مطابق ئي آهي. اوهان کي منھنجو ڪيس ڪيئن سمجهه ۾ ايندو جو ان ڪيس ۾ خدا کي صفائي پيش ڪرڻي آھي ڇو ته جنھن مون کي هن دنيا منجهه دربدر ۽ ذليل ڪيو آھي، توھان ھن جي وڪالت ڪيئن ٿا ڪري سگهو، جڏھن ته توھان کي منھنجي فرياد جي ڪا خبر ئي ڪانھي. توھان مون کي مھرباني ڪري اھو ٻڌايو ته خدا ڪيڏي مهل ايندو؟”
“آخر خدا توسان ڪهڙا ظلم ڪيا آهن؟”
“خدا مون کي يتيم پيدا ڪيو، ايتري قدر جو پنھنجي پيءُ کي به اکين سان ڏسي نه سگھيس. منھنجي پيدائش کان اڳ بابي کي، امان جي ڀائرن هٿان مارائي ڇڏيائين. جي خدا چاهي ها ته مان پنھنجي والد کي ڏسي سگھان ها ۽ ان سان راند روند به ڪري سگهان ها... جنھن جو پيءُ سلامت ھوندو آھي، ان ٻار کي محروميون ماري ناھن سگهنديون.”
“تنھنجي والد کي تنھنجي مامن ڇو ماريو؟”
مامن جا ته ھٿ ھئا، پر ماريو ته خدا ئي ھو، ڇو ته خدا ئي زندگي ۽ موت ڏيندو آھي...”
“چڱو، خدا ئي تنھنجي پيءُ کي ماريو، پر ڇو ڪهڙو گناهه ڪيو هو تنھنجي پيءُ ...؟”
“ڇو جو هن منھنجي امان سان پريت چاهت ڪئي هئي ۽ ان سان پسند جي شادي ڪيائين.”
“ان ۾ غلط ڪهڙو عمل آھي، سٺو ئي ته ڪم هو.”
“ها پر منھنجو والد ڀيل (غير مذهب) هو ۽ امان مسلمانن جي ھڪڙي معزز خاندان جي حسين عورت هئي، ان ڪري هن سان ڪورٽ ميريج ڪيائين، جيڪا ڳالهه شايد خدا کي پسند نه آئي ۽ منھنجن مامن هٿان منھنجي والد کي مارائي ڇڏيائين ڇو ته خدا جي حڪم بنا ڪو به ڪم نٿو ٿئي، خدا هر شئي تي قادر آهي.”
“پوءِ ڇا ٿيو؟”
روئڻهارڪي آواز ۾ ھن چيو:
“پوءِ ڇا ٿيندو، اهو ئي جيڪو خدا پيو چاهي، منھنجي ماءُ منھنجي والد صاحب جي موت کان بعد هن دنيا منجهه پھرين بيواهه ٿي، اجهي ۽ ڳڀي لاءِ سرگردان ٿي، ماڻھن جي گهرن ۾ ڪم ڪيائين، ٿانو ٻھاري ڪندڙ عورت لاءِ مردن جو خيال ھوندو آھي ته اھي ته ڄڻ مال غنيمت ۾ آيل ڪي ڪنيزون آھن. منھنجي ماءُ جي عزت تي حملا ٿيا ته پورھيو ڇڏائجي ويس. آخرڪار گداگر بڻجي ڀٽڪندي رهي، زندگيءَ ۾ بنان ڪنھن سهاري جي جيئڻ اڄ به عورت لاءِ ناممڪن آھي، سو منھنجي ماءُ لاءِ زندگي، ڪو صحرا بڻجي وئي. مٿان باهه جي گولي جھڙو سج ۽ ھيٺ تتل واري. خدا ڪنھن حسين عورت کي بازار ۾ آسانيءَ سان پنڻ جي اجازت به نٿو ڏئي...”
درد اوڇنگار بڻجي درويش جي ڳلي مان رسا ڇنائي نڪري آيو ۽ ھو اڳتي ڪجهه ڪڇي ڪين سگھيو.
“ڇا مطلب ...؟”
“مطلب اهو ئي ته منھنجي مظلوم امڙ کي رڳو پنھنجي لاءِ ته جيئڻو ڪونه ھو، مون کي به ته پالڻو ھئس. جڏھن ٻچو بيمار ٿي پئي ۽ گداگريءَ جي ڪمائيءَ مان دوا خريد نه ٿي سگهي ته پوءِ بازارن ۾ گداگري ڪندڙ ھڪ ڏينھن بازار جو وکر ٿيڻ تي مجبور ٿيندي نه؟ يا مان غلط ٿو چوان؟ منھنجي ماءُ به ھٽ جي مٺائي بڻجي وئي. ڪافي سال منھنجي بقا لاءِ منھنجي امان اهو دڳ اپنايو .... ايترو ئي نه مون کي ته اهو به سڀ ڪجهه اڃا تائين ياد آھي ته لولي ڏيندي امان خدا کي بار بار اهو ئي چوندي رهندي هئي ته “اي مالڪ ! تون ٻاجهه ڪر، اي مالڪ تون مون تي ۽ منھنجي جيتامڙي ٻچڙي تي ٻاجهه ڪر.” پر تنھن هوندي به خدا اسان تي ڪو رحم نه ڪيو ۽ وک وک تي اذيت بخشيندو رهيو ۽ هڪ ڏينھن منھنجي امڙ انھن اذيتن ۾ دم ڏيندي، مون کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي ۽ انهيءَ ۾ به شايد خدا جي خوشي هئي ...؟۽ مان اڪيلو ٿي پيس ماڻهو مون کي شايد خدا جي خوشنوديءَ خاطر “رنڊيءَ جو پٽ”سڏيندا هئا پر هڪ ڏينھن آپا مون کي هتڙي وٺي آئي، جتي ڪير به سڃاڻپ وارو ڪونه ٿي مليو ۽ نڪي ڪنھن “رنڊيءَ جو پٽ” ٿي سڏيو. ھڪڙو وقت آيو ته مان اسڪول ۾ داخل ٿيس. شام جو مدرسي پڙھڻ به وڃڻ لڳس. ٻنھي ھنڌن تي مون کي ٻڌايو ويو ته “سڀ ڪم خدا جا آهن، جنھن کي چاهي عزت ڏئي، جنھن کي چاهي ذلت ڏئي ...پوءِ خدا جي ڳولا ڪرڻ شروع ڪيم ۽ نيٺ تنھنجي مدد ساڻ هتي خدا جي آستاني تائين پهچي ويس، تون ٻڌائين ڇو ڪو نه ٿو ته خدا ڪهڙي وقت ايندو ...؟”
“اها آپا ڪير هئي، جا توکي هن جُوءِ ۾ ڇڏي وئي؟”
“آپا منھنجي امان سان گڏ ڌنڌو ڪندڙ طوائف هئي، جنھن امڙ جي وڇڙڻ بعد مون کي پاليو هو.”
“خدا ڪيڏي مهل ايندو؟” درويش وري اتالو ٿيندي پڇيو.
“ڪير خدا؟ ڪهڙو خدا؟ انسان خود خدا آهي، تون پاڻ پنھنجو خدا آهين، درويش ! تو اڄ تائين ڪڏھن پسيو آھي خدا کي، نه ڪڏهن به نه، سڀ ڪجهه انسان ئي ڪندو آھي، ان ڪري انسان ئي خدا آھي، تون پنھنجو رهيل حساب ڌرتيءَ تي رهندڙ خدائن سان ڪري سگھين ٿو، جيڪي تنھنجا ازلي ڏوهي آهن، جن توکي هن معاشري ۾ جيئڻ جي لائق نه ڇڏيو.”
****