سياسي ۽ ادبي محاذ تي لوچيندڙ
ڪهاڻي زباني ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کان شروع ٿي، لکي ڪتابن ذريعي محفوظ ڪري پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڊگهو عرصو لڳو ۽ ڪيترائي مرحلا طئي ٿيا.
سنڌي لوڪ ادب وانگر ڪهاڻي جي صنف پڻ صدري خزاني جي حيثيت ۾ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندي رهي آهي، جيئن ننڍپڻ ۾ ٻارن کي رات جو ننڊ نه اچڻ مهل يا دل وندرائڻ لاءِ گهر ۾ ڏاڏي، ناني يا وڏڙو، وڏڙي لوڪ قصا، ڪوهه قاف جي پرين، ديون جون آکاڻيون، شاهي رسم و رواج سميت پنهنجي زندگيءَ جا تلخ تجربا ڪهاڻي جي صورت ۾ ٻڌائيندا اچن.
ڪجهه ڏهاڪا پهرين لوڪ ادب ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري بيش بها خزانو ميسارجڻ کان بچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، تنهن هوندي به نه ڄاڻ ڪيترن ئي سگهڙن جو مواد اڃان تائين منظر عام تي نه اچي سگهيو آهي. ڪهاڻي به گهڻي وقت کان ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. ان ڏس ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار پاڻ مڃائي نالو ڪمائي چڪا آهن. ياسمين چانڊيو پڻ ان سلسلي جي ڪڙي ۽ ڪهاڻي جي خوبصورت ليکڪا آهي، جنهن جون ڪهاڻيون اڪثر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ (جنهن کي عام طور تي عالمي اوطاق پڻ چيو وڃي ٿو ) ذريعي سامھون آيون آهن ۽ مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپجنديون رهيون آهن. اڄ اوھان جي هٿن ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب آهي، عام طور تي اهي ليکڪ ئي قوم جي دلين ۽ ذهنن ۾ پنهنجو اثر ۽ چاهه پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا جن جي لکڻين جو محور ۽ ڪردار عام ماڻهو ئي هجن ٿا ۽ سندن ٻولي سادي ۽ سولي هجي ٿي. ان حوالي سان ياسمين چانڊيو گهڻي ڀاڱي ڪامياب وئي آهي. ڇو ته هن زميني حالتن جو تمام ويجهڙائي کان جائزو وٺندي سموري قوم جا درد ڪهاڻين ذريعي پني تي اوتيا آهن، جنهن جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ياسمين پنهنجي ذاتي زندگي ۾ به انتهائي متحرڪ آهي هن جو ڪنهن سياسي پارٽي سان ڳانڍاپو هجڻ ڪري مختلف جڳهن تي مختلف پروگرامن يا احتجاجن ۾ وڃڻ، ڪا به دعوت نه گسائڻ هر وقت قوم جي مظلوم ماڻهن سان بيهڻ ۽ انهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ هن جي سياسي شعور کي واضع ڪري ٿو. ساڳي وقت علائقي جي ڳوٺن جا دؤرا ڪري غريب بي پهچ عورتن ٻارڙن وٽ وڃي کين پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي وس آهر مدد پڻ ڪندي رهي ٿي.
ادب جي دنيا ۾ مون اڪثر اهڙا ماڻهوڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي لکڻين ۾ ته اعليٰ پائي جا قوم پرست، غريبن جا ھڏڏوکي ۽ ظلم خلاف جهيڙو جوٽڻ جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ انهن اعليٰ انساني قدرن کان وانجهيل هوندا آهن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ ياسمين چانڊيو اها ليکڪا آهي جنهن جي لکڻين ۽ ذاتي زندگي يعنيٰ قول ۽ فعل ۾ ذري جو به فرق نه آهي. ياسمين اها بي باڪ ليکڪا آهي جنھن عورت هوندي انهن موضوعن تي به سئولي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي جنهن تي مرد ليکڪن جا به هٿ لکندي ڏڪي وڃن.
ان ڳالهه کان ڪنهن صورت انڪار نٿوڪري سگهجي ته اڄ جو دؤر سوشل ميڊيا جو دؤر آهي، سماجي لاڳاپن جي ويب سائيٽن ذريعي ماڻهو پنهنجي ڳالهه، پيغام، لکڻي اک ڇنڀ ۾ لکين ماڻهن تائين آساني سان پهچائي سگهي ٿو ۽ گهربل معلومات پڻ حاصل ڪري سگهي ٿو، تنهن هوندي به ادب جي ميدان ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائون گهٽ آهن، جنهن جا ڪيئي ڪارڻ آهن. مردن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائن گهٽ تعداد هئڻ باوجود پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌي ادب جي آبياري پئي ڪئي آهي. ڌڻي در دعا آهي ته ادي ياسمين چانڊيو ادب جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ ۽ اعلي مقام حاصل ڪري. آمين
جمشيد زهراڻي