رنڊي
ھن مون کي “رنڊي” ان ڪري چيو جو مون ان کي سمھڻ نٿي ڏنو. “رنڊي” لقب ملڻ تي مون کي زينت ياد اچي وئي. زينت منھنجي ننڍي ھوندي جي دوست، جنھن سان گڏ مون ننڍپڻ جا پنج سال گذاريا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڏاڍي گھري دوستي ھوندي ھئي، اسڪول گڏ ويندا هئاسين، راند روند به گڏ کيڏندا هئاسين ۽ اڪثر ماني به گڏجي کائيندا هئاسين.
اسان جي دوستيءَ تي منھنجن گهر وارن سميت اڪثرپاڙي وارن کي اعتراض ھوندو ھو، منھنجي امان ۽ بابا ڪيترائي ڀيرا مون کي مار به ڪڍي ھئي ته “زينت سان نه کيڏندي ڪر، ھُوءَ ھڪ رنڊيءَ جي ڌيءَ آهي ۽ انھن جو گهر چڪلو آهي.”
مان اھو لفظ زينت جي ماءُ جي باري ۾ روز ٻڌندي ھئس پر مون کي ان لفظن جي صحيح معنيٰ جي خبر ڪانه ھوندي ھئي.
زينت جي گهر ھڪڙي ڪمري ۾ مان ۽ زينت گڏ پڙھنديون ھيوسين يا وري اڱڻ تي گڏجي راند ڪنديون ھيوسين. مان اڪثر ڏسندي ھئس ته زينت جو بابا (خدا کي خبرته اھو زينت جو سڳو بابا به ھو يا نه) ساڻس ڪو گھڻو پيار ڪونه ڪندو هو.
باقي جيڪي اوڙي پاڙي جا چڱا مڙس زينت وارن جي اوطاق تي ايندا هئا، تن کي ھڪ ھڪ ڪري زينت جي ماءُ جي ڪمري ۾ وٺي ويندو هو. زينت جي ماءُ ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيندي ھئي، ڪجهه دير گذرڻ کانپوءِ اھو ماڻهو ڪمري کان ٻاهر نڪري ايندو هو. مان اھي لقاءَ اڪثر ڏسندي ھئس پر انھن ڳالھين تي ڪڏهن ڌيان ڪونه ڏيندي ھئس. مان زينت سان کيڏندي رھندي ھئس ۽ زينت لاءِ به اھو سڀ ڪجهه ڪا وڏي ڳالهه نه ھئي، پر جيئن ته منھنجي گهر وارن منھنجي دماغ ۾ لفظ “رنڊي” وڌو ھو ته ھڪڙو الارم ھر وقت وڄڻ شروع ٿي ويندو هو ته “زينت جي ماءُ رنڊي آهي ۽ انھن جو گهر چڪلو...”
مون انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زينت جي گهر ۾ اوپرن ماڻھن جي اچ وڃ کي پڻ نوٽ ڪرڻ لڳس. زينت جي گهر جو ھڪڙو ڪمرو آڳنڌ سان گڏ ئي ٺھيل ھو، جيڪو اوطاق به ھوندو ھو. زينت جي گهر جي ان اوطاق واري ڪمري ۾ پاڙي جا مشھور اشراف ۽ معزز مڙس جيڪي ٻانھن لوڏي ھلندا ۽ مُڇون مروٽي گمندا ھئا، سي زينت جي گهر اچڻ کان پوءِ زينت جي پيءُ جي خوشامد ڪندي نظر ايندا ھئا ۽ اڪثر ڪري زينت جي پيءُ کي ايلاز ڪري نوٽ ڏيندا هئا. انھن ڏينھن ۾ ھڪ ڀيري شام جو جڏھن مون ۽ زينت پنھنجي اسڪول جو ڪم ختم ڪري، گڏين جي وھانءَ لاءِ ڏاج ٺاھڻ جي تياري پئي ڪئي ته مون کي حيرت جو جهٽڪو لڳو ھو. مان ۽ زينت ورانڊي ۾ اھڙي جاءِ تي ويٺيون ھيوسين جو ٻاھران آيل ماڻھوءَ جي نظر يا ڌيان ڪونه ٿي ويو. مان اھو ڏسي شديد حيران ٿي ويس ته منھنجو بابا به زينت وارن جي گهر آيو ھو.
بابا ڪافي ديرتائين زينت جي ماءُ جي ڪمري ۾ وقت گذاري واپس نڪتو ھو. مان بابا جي نظرن کان پاڻ کي لڪائي ويٺي رھيس ته متان بابا وري مونکي مار ڪڍي ته تون ھتي ڇو آئي آهين.
انھن ڏينھن ۾ منھنجي پتڪڙي دماغ ۾ عجيب قسم جا سوال پيدا ٿيا ھئا ته بابا مون کي زينت وارن جي گهر اچڻ ۽ زينت سان کيڏڻ تي روڪي ٿو ته پوءِ پاڻ ڇو آيو ۽ زينت جي ماءُ کي ھُونئن ته گاريون پيو ڏيندو آھي ۽ وري ان جي ڪمري ۾ به وڃي ٿو.
ايئن منھنجي دماغ ۾ سوالن جا انبار لڳي ويا، پر ڪنھن کان جواب پڇان.
اسان جي گهر ڀرسان ننڍي چاچا جو به گهر ھو. منھنجي چاچي سڄي پاڙي ۾ سھڻي عورت ھئي، شاديءَ کي ڪافي سال ٿي ويا ھئس، کيس ڪو اولاد ڪونه ھوندو ھو. جڏهن به امان يا بابا مون کي زينت سان گڏ کيڏڻ کان جھليندا ھئا، تڏھن چاچي منھنجي پاس خاطري ڪندي ھئي ۽ مون کي خرچي ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي هئي، چاچي مون سان پيار به جام ڪندي ھئي، چاچيءَ جي ڪري ئي مان زينت سان کيڏڻ ويندي ھئس منھنجي ۽ زينت جي گهر وچ ۾ ريل جو بند ھوندو ھو، بند جي ھڪ پاسي زينت جو گھر ۽ ٻئي پاسي اسان جو گهر هو. ڀر ۾ ڦاٽڪ ھوندو ھو، جنھن جي پاسي ۾ ھڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ ڦاٽڪ واري قاسم چاچا جي زال ۽ ٻار رھندا ھئا.
چاچا قاسم جي ڌيءُ به اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙھندي ھئي ۽ گڏ کيڏندي به ھئي پر قاسم چاچا ان کي زينت جي گهر ڪونه ڇڏيندو هو، ڪڏهن چاچا قاسم ڪنھن ڪم سانگي ٻاهر ويندو هو ته اسان پنھنجون گڏيون کڻي ڊوڙ پائي وڃي زينت جي گڏي سان شادي ڪرائيندا ھئاسين. چاچا قاسم، ڦاٽڪ تي جيڪي رنگ برنگي گلن جو چڪيون لڳائيندو ھو، انھن مان لڪي لڪي گل پٽي، وڃي گڏين جي شاديءَ لاءِ ھار ٺاھيندا ھئاسين. ريل اچڻ تي ڦاٽڪ بند ڪرڻ جي ذميواري چاچا قاسم جو وڏو پٽ نڀائيندو ھو. اسان ريل جي انتظار ۾ ھوندا ھئاسين، جڏهن ريل ويجهو ايندي هئي ته پٽڙين تي پنج پيسا يا ڏهه پيسا رکندا ھئاسين. ان وقت پري کان چاچا قاسم جي رڙ پئي پوندي هئي ته:
“ڇوڪريون! مرو نه، ريل اچڻ واري آهي، بند کان پري ٿيو.”
پر اسان ھيوسين، جو مڙي وڃون، پوءِ ريل وڃڻ جو انتظار ھوندو ھو، جيئن ريل وئي، پٽڙين تي پنھنجا سڪا ڏسڻ ويندا ھئاسين، جيڪي ريل جي لوھي ڦِيٿن ھيٺان چيڀاٽجي پنھنجا نقش وڃائي ويھندا ھئا، ان دؤر ۾ ايتري سمجهه ڪونه ھوندي ھئي، پر ھاڻي زندگي به ريل ھيٺيان آيل سڪي جھڙي لڳندي آهي.
ھڪ ڏينھن مان اسڪول کان اچڻ کانپوءِ جلدي ۾ زينت جي گھر پنھنجي گُڏي کڻڻ وئي ھئس، مون کي خبر ئي ڪانه ھئي ته بابا اتي زينت جي ماءُ جي ڪمري ۾ موجود آهي، جيئن ئي مان انھن جي گهر ۾ داخل ٿيس ته بابا جيڪو زينت جي ماءُ جي ڪمري مان نڪري رھيو ھو، تنھن مون کي اتي ڏسي ورتو.
ڪاوڙ ۾ مون کي ٻانھن کان گھليندو گھر آيو ۽ اچڻ شرط مون کي ڏاڍي مار ڪڍيائين ۽ گاريون پڻ ڏنائين. پاڙي ۾ رهندڙ منھنجي چاچي گوڙ ٻڌي ڀڄندي آئي، جنھن اچي مون کي بابا کان ڇڏايو ۽ بابا کي چوڻ لڳي “ٻار آھي، ڇڏيوس کڻي.” بابا چاچيءَ کي چوڻ لڳو ته:“ڪيترائي ڀيرا سمجھايو اٿم ته ان رنڊيءَ جي ڌيءَ سان کيڏڻ چڪلي ۾ نه وڃي، پر مڙي ئي ڪو نه ٿي.”
تنھن تي مون سڏڪا ڀيريندي چاچيءَ کي چيو هو ته: “پوءِ بابا اتي ڇا ڪرڻ ويندو آهي؟” اھو ٻڌي چاچيءَ منھنجي وات تي هٿ رکيو ۽ پنھنجي گهر وٺي وئي.
ٻئي ڏينھن تي چاچيءَ منھنجا لٽا ۽ اسڪول جو ٿيلھو به منھنجي گھران کڻي آئي، ايئن ڪيترائي ڏينھن مان چاچيءَ وٽ رهي ھئس. چاچو اڪثر ڪري ٻه، ٻه، ٽي، ٽي ڏينھن ڪم سانگي شھر کان ٻاهر ويندو رھندو ھو.
چاچي مون کي چٺيون لکي ڏيندي ھئي ته فلاڻي فلاڻي کي ڏئي اچ ۽ ان سان گڏ خرچي پڻ ڏيندي ھئي. مان چٺي کڻي ڪڏهن پوئين گھٽيءَ ۾ رھندڙ ماما ساجد کي ڏيندي ھئس ته ڪڏهن وري اشرف چاچا کي ۽ ڪڏهن وري پنھنجي گھٽيءَ جي آخر ۾ رھندڙ ماما لطيف کي پھچائيندي ھئس. اھي سڀ وري چٺين ۾ ڪجهه لکي ڏيندا هئا، سي مان تعبيدار بڻجي، خوشيءَ وچان خرچيءَ جي لالچ ۾ چاچيءَ کي ڏيندي ھئس.
چاچي چوندي هئي“چٺي لڪائي آڻيندي ڪر ۽ کولي ڪڏهن نه ڏسجانءِ، نه ئي ڪنھن کي ٻڌائجانءِ.”چاچيءَ جي محبت ۾ مون کي چاچيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، وري مٿان چاچي منھنجي تعريف ڪندي ھئي ته مان خوشيءَ ۾ ماپندي ئي ڪونه ھئس.
چاچي اڪثر ھار سينگار ڪندي ھئي ۽ پوءِ ڪڏهن لطيف چاچا وٽ ته ڪڏهن ساجد ماما ۽ ڪڏهن ڪنھن ٻئي وٽ ته ڪڏهن ڪنھن ٽئين وٽ ويندي هئي، مون کي گهر جو خيال رکڻ لاءِ چئي ويندي هئي ۽ برقعو پائي يا منھن تي نقاب ھڻي نڪرندي هئي. چئي ويندي هئي “تون گهر ۾ ويهي خيال ڪجانءِ. تنھنجو چاچو اچي ۽ پڇي ته ٻُڌائجان ماسي نوران جي گهر وئي آهي، پوءِ مونکي ڊڪندي اچي ٻڌائجانءِ.”
ھڪ ڏينھن چاچي ھار سينگار ڪري، گھران نڪتي، اڳئين گھٽيءَ ۾ ساجد ماما جي گهر وڃڻ جو ٻڌائيندي، پنھنجي گهر جو خيال ڪرڻ جو چئي ھلي وئي ھئي. مان چاچيءَ جي وڃڻ کان پوءِ گڏين سان راند روُند ڪندي ھئس. اندازو ڪيان ٿي ته ٽين وڳي جو ٽائيم ٿيو ھوندو، مان پنھنجي گڏين سان کيڏي رھي ھئس ته در کلڻ جو آواز آيو. ڏسان ته چاچا آيو آھي، مون وڃي چاچا کي ڀاڪر پاتو ۽ چاچا جي پڇڻ کان اڳ مون چاچا کي ٻُڌايو ته “چاچي، ماسي نوران جي گهر وئي آهي، مان وٺي ٿي اچانس.” چاچا شايد ونھجڻ لاءِ غسل خاني ڏانھن ويو ۽ مان ڊوڙ ندي ماما ساجد جي گهر ڏانھن وڃڻ لڳس. ماما ساجد اسان جي اسڪول جي ڀر سان واري ڇوڪرن جي اسڪول ۾ ماستري ڪندو هو ۽ پنھنجي ڀائٽي سان گڏ مسواڙ تي رھندو ھو، ٻار ٻچا ڳوٺ ۾ رھندا ھئس.
ماما ساجد جي گهر جي در کي اندران ڪڙو لڳل ھو. ٻنھي تاڪن وچ ۾ وٿي ھئڻ ڪري، مون ھٿ ٽپائي دروازو کوليو.
سامهون ٻه ڪمرا ھوندا هئا، ٻنھي ڪمرن جا در ٻڪڙيل ھئا. ھڪڙي ڪمري ۾ در کولي جھاتي پائي ڏٺم ڪير به ڪونه هو. ٻئي ڪمري جي در کي ھلڪو ڌڪو ڏنم، در کلي ويو. سامھون ڪپڙن کان آجي چاچي ۽ مٿان ماما ساجد اگهاڙو ليٽيل هئا.
ٻئي مون کي ڏسي ڇرڪجي ويا، مان اھو سڀ ڏسي، کن پل لاءِ حيران ۽ پريشان ٿي ويس. چاچيءَ تڪڙ ۾ پنھنجي جسم تي چادر ويڙهي ۽ ماما پاسي ۾ رکيل گوڏ کڻي ٻڌي. منھنجي ننڍڙي دماغ ۾ اھو سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه آيو ھو. چاچيءَ کي چيم: “چاچي! چاچا سائين آيو آهي.” تنھن تي چاچي ھڪدم برقعو پاتو ۽ مون سان گڏ ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي ۽ پنھنجي ٻٽونءَ مان پيسا ڪڍي ڏيندي چوڻ لڳي: “راڻي! ڪنھن کي نه ٻڌائجانءِ ته مان ھتي علاج ڪرائڻ لاءِ آئي ھئس.” پيار سان مٿي تي ھٿ ڦيريندي چوڻ لڳي: “منھنجي دل چوندي آهي ته تو جھڙي سھڻي ڌيءَ مون کي به پيدا ٿئي، جيئن تون ان سان گڏ کيڏين، ان ڪري ساجد ماما کان علاج ڪرائڻ آئي ھئس، جيڪو ڪپڙن کان بغير ٿيندو آهي.”
چاچيءَ جي ڳالھين تي منھنجي دل ۾ چاچيءَ لاءِ ھمدردي وڌي وئي هئي ۽ مان دعائون ڪرڻ لڳس ته “ﷲ سائين ڪري چاچيءَ کي ادڙي پيدا ٿئي، جيئن مان ان سان راند ڪيان.” دعا گهرڻ سان گڏ مان خيالن ئي خيالن ۾ ان سان رانديون کيڏڻ لڳس. گھر پھتايسين، چاچيءَ چاچا کي ڏسي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. ٻئي ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مليا. ڪجهه دير ۾ ئي ھڪ ڌارڪمري ۾ ھليا ويا. ٻئي ڏينھن چاچا وري ڪم ڪار سانگي ٻئي شھر ھليو ويو.
چاچا گهر ۾ نه ھوندو ھو ته چاچي مون کي پاڻ سان گڏ سمھاريندي ھئي. ھڪ رات جڏھن چاچا گهر ۾ ڪونه ھو، مان چاچيءَ سان گڏ ئي سُتي ھئس. اڌ رات جو اُڃ لڳڻ سبب اک کُلي ڏٺم ته چاچي بيڊ تي ڪونه ھئي. ڪمري کان ٻاھر ورانڊي وٽان ٻيو ڪمرو ھو، جنھن مان چاچيءَ جي کلڻ ۽ ٽھڪ ڏيڻ جا آواز اچي رھيا ھئا. پھرين مون اھو سمجهيو ته شايد منھنجي سمھڻ کان پوءِ چاچا اچي ويو ھجي. اڳتي وڌيس، ڪمري جو در اڌ ٻيڪڙيل ھو. اوڏانھن وڃڻ بدران، پاڻي پي واپس وڃي سمھي پوڻ جو سوچيم پر الائي ڪھڙي سوچ ھيٺ دروازي جي ٻاهران ئي بيھي اندر جھاتي پاتم ته ڊاڪٽر عاصم جيڪو شام جو پاڙي ۾ ننڍڙي ڪلينڪ ھلائيندو ھو، ڪمري ۾ موجود ھو. منظر ساڳيو ئي ھو، سامھون ليٽيل ڪپڙن کان آجي چاچي ۽ مٿان اگهاڙو ليٽيل ڊاڪٽر عاصم.
مان ھڪدم پوئتي موٽيس. مون کي ان ڏينھن واري چاچيءَ جي ڳالهه ياد آئي ته “ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪپڙا لاهي علاج ڪرائڻو پوندو آهي.” سو مون سوچيو ته متان چاچي مون کي ڏسي ۽ ان ڏينھن جيان چاچيءَ جو علاج اڌ ۾ نه رھجي وڃي. دعا گهرڻ لڳس ته: “ﷲ ڪري چاچيءَ کي ادڙي پيدا ٿئي، جنھن سان مان گڏجي کيڏان.” بيڊ تي ليٽي سوچڻ لڳس ته اڄ ته چاچي ڊاڪٽر کان ٿي علاج ڪرائي پوءِ ان ڏينھن ماستر کان ڇو علاج ڪرايائين؟ دل ۾ چيم شايد ماستر کي صحيح علاج ڪرڻ ڪونه آيو ھوندو، ان ڪري ھاڻي چاچيءَ کي عقل آيو ھوندو ته علاج ته ڊاڪٽر کان ئي ڪرائبو آهي. ايئن سوچيندي سوچيندي مون
کي ننڊ اچي وئي،
صبح جو اٿي اسڪول ويس چاچيءَ روز جيان ناشتو به ڪرايو ۽ خرچي به ڏني. اسڪول ۾ زينت سان مليس ۽ رسيس ۾ سڄي خرچيءَ جي شئي وٺي ٻنھي ڄڻين کاڌي، زينت ٻڌايو ته “هو سڀاڻي ھتان کان لڏي ٿا وڃن.”
تنھن تي اسان ٻئي ڪافي رنيون به ھيون سين، زينت ويچاريءَ کي اسڪول ۾ به ڏاڍا طعنا ملندا هئا ته ھيءَ ڪھڙي عورت جي ڌيءَ آهي، گھڻا ته چوندا ھئا ھي چڪلي جي رھائشي آهي وغيره وغيره، جنھن تي اسان ٻنھي کي تمام گهڻو ڏکُ ٿيندو هو. اڄ مان به ڏکايل ھئس ته زينت به ڏکاري ھئي، مون زينت کي چيو ته “اڄ شام جو تنھنجي گهر ايندس.”
شام جو مان پنھجا ڪجهه رانديڪا ۽ گڏيون کڻي، زينت جي گھر ويس. مون اھي سڀ شيون زينت کي ڏنيون. زينت جو پيءُ ۽ ماءُ گھر جا ٽپڙ ٻڌي رھيا ھئا. ٻئي ڏينھن زينت ۽ سندس والدين ٻئي شهر لڏي ويا. منھنجي پياري سھيلي ھميشه لاءِ شھر وڇڙي وئي، پر هو منھنجي لاءِ ڪيترائي سوال ڇڏي وئي.
ھڪ ڏينھن منھنجي ناني ڪجهه ڏينھن اسان وٽ ترسڻ آئي، جنھن ڪري مون کي ڪجهه آٿت ملي نه ته رڳو چاچيءَ سان ويٺي ھوندي ھئس، نانيءَ جي اچڻ سان مان رات جو نانيءَ سان گڏ سمھندي ھئس ۽ اڌ رات تائين نانيءَ سان ڪچهري ڪندي ھئس.
ھڪ رات مون نانيءَ کان پڇيو: “ناني رنڊي ڇا کي چئبو آهي؟” نانيءَ مونکي سمجھائيندي چيو ته: “جيڪا عورت ڌارين مردن سان بغير نڪاح جي تعلق رکندي آهي، تنھن کي رنڊي چئبو آهي.”
نانيءَ جي ٻُڌائڻ کان پوءِ به مون کي اهو سمجهه ۾ ڪونه آيو ته رنڊِي ڇا ھوندي آھي.
ڪجهه عرصي کانپوءِ ھڪ ڏينھن چاچيءَ جي گهر گڏين سان کيڏي رھي ھئس ته ڪمري مان چاچا جو آواز ڪن تي پيو، جيڪو چاچيءَ کي ڪاوڙ وچان چئي رھيو ھو: “رنڊي ڪنھن جاءِ جي، ڪنھن جو ٻار پيٽ ۾ وڌو اٿئي؟ مان توکي ماريندس يا طلاق ڏئي ڇڏيندس.”
چاچيءَ ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ جواب ڏنس ته :“اھا منھنجي چڱائي اٿئي ۽ مون کي ئي شابس آهي جو، تو نامرد سان ڏھن سالن کان ٿي رھان، ڀلي طلاق ڏي ۽ دنيا کي ٻڌاءِ ته تون ذري گهٽ ماين جھڙو مرد آهين، تو ۾ زال جي ضرورت پوري ڪرڻ جي سگهه ڪونهي، جيڪو ڪرڻو اٿئي سو وڃي ڪر، پر مان ھي ٻار ڪو نه ڪيرائينديس.”
چاچو گاريون ڏيندو، ڪاوڙ مان گھر کان ٻاهر نڪري ويو، پر مان دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس ته الله منھنجي دعا ٻڌي ۽ چاچيءَ کي مون جھڙي ادڙي پيدا ٿيندي.پوءِ ھڪ ڏينھن انتظار ختم ٿيو، منھنجون دعائون اگهامي ويون ھيون ۽ چاچيءَ کي ھڪ ادڙي ڄائي. مان خوشيءَ ۾ ماپان ڪونه پئي پر زندگي ته وھندڙ درياهه آھي، ڪيترو پاڻي ڪھڙي پل وٽان ڪڏھن گذريو خبر ئي ڪانه پوندي آھي. وھڪري ۾ ساڳي جاءِ تي ھر وقت ساڳيو پاڻي ناھي ھوندو. ھڪ ڏينھن بابا جي بدلي ڪنھن ٻئي شھر ۾ ٿي وئي. ڪنھن ٻئي شهر ۾ گھر ورتو، سو اسان کي اتي لڏائي وٺي ويو. چاچي ويچاري تنھن ڏينھن ڏاڍو رني ھئي.
زندگيءَ گھڻا ئي پاسا بدلايا. مان ڪاليج تائين پھتس، ايندي ويندي پاڙي ۾ رهندڙ زوھيب سان منھنجي محبت ٿي وئي. خبر ناهي ڪجهه عرصي کانپوءِ بابا کي ان ڳالهه جي ڪيئن خبر پئي، تنھن امان کي گار ڏيندي چيو هو ته: “تنھنجي ڌيءَ به رنڊين وارا ڪم پئي ڪري بابا مون کان ڪاليج ڇڏرايو. منھنجي زارو قطار روئڻ، منٿن ۽ ايلازن، تمام گهڻين آزين ۽ نيازين کي خاطر ۾ نه آندائين. منھنجي ھڪ به نه ٻڌائين ۽ منھنجي شادي پنھنجي ماسات جي پٽ دادن سان ڪرائي ڇڏيائين.
اڄ جڏهن مان پاڻ ھڪ ٻار جي ماءُ ٿي آھيان ۽ زوھيب کي ياد ڪندي آهيان، ان ٽائيم جڏهن منھنجو مڙس مون سان سمھندو آهي، جنھن کي مون ڪڏهن پنهنجي دل سان نه پيار ڪيو آهي ۽ نه ئي قبول ڪيو آھي. وچ ۾ منھنجي زوھيب سان تڏھن ملاقات ٿي هئي، جڏهن امان جي گهر وئي ھيس، تڏهن زوھيب مون کي پنھنجي گهر گھرايو، تنھن ڏينھن ان جا گهر وارا ڪٿي ويل ھئا. مان پنھنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان زوھيب سان ستي ھئم ڪيڏو نه سرور ھو زوھيب جي ڳالھين ۾، ڀاڪرن ۾، چمين ۾، ان سان گھاريل انھن لمحن ۾!
ڪلهه رات منھنجي مڙس، ڪاوڙ ۾ مون کي گاريون ڏيندي چيو، “رنڊي” ھن مون کي “رنڊي”‘ ان ڪري چيو جو مون ان کي سمھڻ نٿي ڏنو. مون کي زينت جي ماءُ ياد آئي، جنھن کي دنيا “رنڊي” سڏيندي ھئي، جو ھوءَ سڀني جي سامھون پنھنجي جسم جو واپار ڪندي ھئي ۽ شرافت جو نقاب ڪونه پائيندي ھئي. مون کي پنھنجي چاچي ياد آئي، جيڪا پنھنجي نامرد مڙس سان بظاھر شرافت واري زندگي گُذاريندي ھئي پر لڪ ڇپ ۾ پاڻ کي ريج ڏياريندي ھئي، يا وري مان، جنھن کي زوريءَ ڏنل مڙس روز ريپ ڪندو آھي. ھتي ھر عورت رنڊي آھي، بس ڪا عورت ڪنھن نامرد ھٿان رنڊي ٿي آھي ته ڪا نامرد ريتن رسمن جي ھٿان.