عشق آرزو، عشق التجا
ساحل ھن ڏي کن پل لاءِ نھار ڪندي چيو: “واهه واهه.”
ھن چيس: “بس واھ واھ، ڪجهه ته چوندا ڪريو، منھنجي پڇڻ کان بغير، منھنجي تعريف ۾ صرف ٻه لفظ واهه واهه.”
ساحل وراڻيو: “بابا پوءِ ڇا چوان...؟”
اھو ٻڌي ھن جي چھري تي اداسيءَ جون لھرون اڀرڻ لڳيون. سڄو چھرو ڏک وچان سرخيءَ مائل ٿي ويس. جنھن اڃان به ھن جي سونهن کي وڌائي ڇڏيو. سوچڻ لڳي ته ھوءَ جتي به ويندي آهي، سڀ ھن جي حُسن جي تمام گهڻي تعريف ڪندا آهن پر ھوءَ ايترو خوش ناهي ٿيندي. ھن کي ته فقط ساحل جي تعريف جي ضرورت آهي، ان ڪري جو ھُو ھن جو محبوب آهي، ھيءَ دل جان سان اُن کي چاهي ٿي. ان سان بي پناهه عشق ٿي ڪري، پر ان عشق ۾ اظهار جي اڳڀرائي هميشه ھن ئي ڪئي آهي ۽ ھن جي خيال ۾ عشق جو انحصار اظهار تي ئي آڌاريل ھوندو آھي. عشق جي زبان ئي پنھنجي محبوب جي ھر شئي جي تعريف جو اظهار ڪرڻ آهي. ھِن ڏکاري انداز ۾ ساحل کي مخاطب ٿيندي چيو:
“منھنجا محبوب! توکي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ کان وڌيڪ مون کي، توکي وڃائڻ جو خوف رھندو آهي.”
ساحل ورندي ڏيندي چيس ته: “حاصل ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ھوندو آھي، اسان ھڪ ٻئي کي حاصل ڪيو آھي، اسان جي اطمينان لاءِ اھو ئي ڪافي آھي....باقي اھي وڃائجي وڃڻ ۽ وڃائي ڇڏڻ وارا وھم دل ۾ نه پال.”
ھن ساحل کان پڇيو: “توھان کان ھڪڙو سوال پڇان؟”
“ھا پڇ..”
“توهان خدا جي اڳيان ڇو جھڪندا آھيو، نمازن ۾، سجدن ۾، دعائن ۾ ڇا گهرندا آھيو؟”
“خدا جي رضا ۽ خوشنودي.”
“رب کي راضي ڪرڻ لاءِ بار بار عبادتون ڇو ڪجن؟ ”
ساحل وراڻيو ته: “رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪھڙو طريقو اختيار ڪيون؟”
ھِن چيس: “بلڪل صحيح ٿا چئو، عشق خدا سان ھجي يا انسان سان، ان کي قائم رکڻ لاءِ ھرڀيري ۽ ھر وار اظهار ڪرڻ تمام ضروري آهي. چاهه جي غذا به روز گهرجي، روز الفت جو اٽو کڻبو آھي، پيار جي پاڻيءَ سان ڳوھبو آھي، ويلي ويلي تي محبت جي ماني پچائبي آھي. پيار به ساهه کڻڻ وانگر، پساھن ۾ پلجندو آھي. عشق ته اٺ ئي پھر قائم رھڻ واري ڪيفيت جو نالو آھي. جيڪو دم پيار کان خالي ھجي، ڄڻ حيات جو ڪو حصو ئي ناھي.”
ساحل ھن ڏي ھڪ نھار ڪئي ۽ چيو:
“مان تنھنجو آهيان، تون منھنجي آھين، بس اھو ڪافي آهي. مان ٻيا سڀ اھم ڪم ڇڏي، ھر وقت تنھنجي ثناخواني ڪيان، اھو ممڪن ڪونھي.“گرهه گرهه تي واهه گرو” ناھي ڪبي. محبت سچي آھي ته ھر وقت اظهار ڇوڪجي...!؟”
اھو ٻڌي ھِن وراڻيو:
“پوءِ اسان عبادت به روزانو ڇو ڪندا آھيون؟ بس ھڪ ڏينھن پڙهي ڇڏيون ڪافي آهي، پر عشق جي تجديد ان ڪري ڪندا آھيون جو عشق کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان کي برقرار ۽ هميشه قائم رکڻ لاءِ بار بار اظهار جي ضرورت ھوندي آھي.”
ساحل ڪو جواب ڪونه ڏنو. ھن ڄڻ ٻڌو، اڻ ٻڌو پئي ڪيو.
ھن ڪنڌ مٿي کڻي ساحل جي اکين ۾ غور سان ڏٺو، جتي حاصل ڪرڻ جواطمينان ته ھو، پر وڃائڻ جو ڪوبه خوف نه ھو.
ھن جي سوچن ۾ الائي ڪنھن ڪٿان ڪو سڙٻاٽ ڪيو ته:
“مخلوق جي محبت مطلوب ھجي يا خالق جي رضا گهرجي، انھن جو حاصل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناھي، نقطو آھي ئي اھو ته انھن جي ناراضگيءَ ۽ رُسي وڃڻ کان بچجي.”
ھن ٻيھر ساحل ڏي چتائي نھاريو، ڄڻ نگاھن جي دروازي منجھان ساحل جي دل ۾ وڃڻ جو رستو پئي ڳولھيو، پر رستو بند محسوس ٿيو ھئس ۽ اھو احساس ھن جي اندر کي جھوري رهيو هو.
****