من اندر مانڌاڻ
ھن جي لڱن مان سيسراٽيون نڪري ويون، سوچڻ لڳي ته ڇا ھي منافق سماج ان عشق کي قبول ڪندو؟ نه بلڪل نه، پوءِ مان ڇا ڪريان ھن دل جو، جنھن ۾ ھُن جي عشق جون مَڌُر ڌُنيون وڄي رھيون ھيون ۽ ھوءَ انھن ڌنن تي جھومڻ پئي چاهي. انهن احساسن کي پاڻ اندر ھميشه لاءِ رکڻ پئي چاهي، پر کن پل لاءِ وري ڇرڪجي وئي، ھن کي اھي لذتون کسجنديون محسوس ٿي رهيو ھيون، جڏھن ھن جي ڪن تي سندس مڙس جو آواز پيو: “ٻڌين ٿي...؟ پاڻي پيار ڪڏهن کان سڏيان پيو، ٻوڙي ٿي وئي آهين ڇا؟”
ھن ڊوڙي وڃي پاڻيءَ جو گلاس ڀري مڙس کي ڏنو. ھن جي من اندر
مڌرتا جا گيت مڌم ٿيڻ لڳا، اھو ڏينھن ياد آيس، جڏهن ھن وڏيءَ عمر واري سان سندس نڪاح ٿيو، ڪيڏو نه رُني ۽ تڙپي ھئي پر ڪنھن ھن جي ڳالهه نه ٻڌي، ڪيتري ته ڪرڀ ايندي هيس ھن مان، پر زھر جو ڍڪ ڀري پنھنجي مئل وجود سان زندگيءَ کي گھليندي رهي.
ڪيترائي سال ان مرد سان سمھندي رهي، جنھن کي ھن ڪڏهن دل سان تسليم ئي نه ڪيو ھو، ھڪ ڏينھن ھن پاڙي جي مُلياڻيءَ کان پڇيو ھو ته: “نڪاح جو مطلب ڇا آهي؟”
ھُن ٻڌايس ته: “شرعي حڪم تحت ھڪٻئي جي رضامنديءَ سان مرد ۽ عورت جو ھڪ ٿيڻ.”
“پر منھنجي شاديءَ ۾ منھنجي رضامندي ڪو نه ھئي ته ڇا اھو نڪاح ٿيو؟” ھن مُلياڻي جيجي کان سوال پڇيو.
تڏهن جيجيءَ ڪنڌ مٿي کڻي ھن جي اُداس نگاھن ۾ نھاري، وري ڪنڌ ھيٺ ڪيو ھو.
هوءَ چپ چاپ اتان ھلي آئي هئي، پر اڄ ھن پاڻ ۾ ڪنھن جي وجود جي خوشبو محسوس ڪئي، ھيءَ ان مڌر ڌنن تي جھومڻ پئي چاهي، جيڪي ھن جي من اندر وڄي رھيون ھيون.
****