ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

پوسٽ مارٽم

جڏهن کان ھن شھر جي رستن تي پيرَ پاتاسين ۽ جيئن جيئن اڳتي ويندا وياسين تئين تيئن محسوس پئي ٿيو ته زندگيءَ کي پوئتي پيا ڌڪيون ۽ انھن ۾ سرد ٿيل جذبن کي اڳتي ڪندا ٿا وڃون. ان ڪري جو ٿڌن جذبن ۾ سواءِ پنھنجو پاڻ جي ڪنھن جو احساس باقي ناهي رھندو، خبر ناهي ايئن ڇو آهي؟ پر گھڻي ڀاڱي ھن شھر جي ماڻهن ۾ ٻين لاءِ گرم جذبا ناھن، نه محبت جا، نه احساسن جا، نه ئي انسانيت جا، پر جيڪڏھن آھن ته فقط پنھنجو پاڻ لاءِ ئي آهن.
هنن وٽ ٻين لاءِ نفرت آهي يا ڪٿي ته نفرت ڪرڻ لاءِ به وقت ناهي يا انھن انهيءَ بي حسيءَ ۽ بي خبري واري عمل کي به نفرت جو نالو ڏنو آهي. گھڻو تعداد اھڙن ئي سرد مهري وارن جذبن رکندڙن جو آهي. ڀلي ھن شھر جي موسم يا گرميءَ جو پَدُ ڪيترو به ڇو نه هجي پر ھتي جذبا ٿڌا ئي رھندا آھن. ان جو مقصد ھرگز اهو ناهي ته ڪو ٿڌن جذبن ۾ ڪاوڙ ناهي، پر ڪنھن لاءِ احساس ناهن، مان روزانو ھن شھر جي رستن جو طواف ڪندي آهيان، اھو نه سمجھيو ته بغير ڪنھن سبب جي ھي شھر اھڙو آهي جو روڊن ۽ رستن تي ڪنھن کي به برداشت ناهي ڪندو، انڪري ته روز ھن شھر جي روڊن تي سرد جذبن وارا ٻين کي لتاڙي ويندا آهن، ڀلي چٿيل، ڦٿڪن پيا، پر ھن شھر سان گڏ ڪنھن کي ڪھڪاءُ ڪونه ايندو، مان روز روز ھن شھر جي روڊن رستن ۽ ان ۾ رھندڙن جنھن ۾ رشتيدار به شامل آهن. انھن جون ناانصافيون ڏسندي آهيان ۽ اھي ڏسندي ڏسندي ڪيئي سال گذري ويا پر ھي سرد جذبن جو شھر ۽ رھندڙ ماڻهو ساڳيا ئي آهن. سرد مهر ماڻهن پنهنجن رشتن کي به ڪنھن سرد خاني جيان ڄمائي ڇڏيو آهي. بس جڏهن وڌيڪ جذبا ٿڌا ٿيندا اٿن ته ڪنھن نه ڪنھن جو پوسٽ مارٽم ڪري وجھندا آهن.
ايترو ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به ھن شھر تي ڪو فرق ناهي پوندو نه ئي رھندڙن تي، انڪري جو سڀ ڄميل آھن، اڄ به روز جيان ھن شھر جي روڊن تي راڪاسن جا رانڀاٽ لڳل آهن، مونکي ان راڪاس جي رانڀاٽن کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي، دل چوندي آهي ته جيڪر ھي شھر ئي ڇڏي وڃان، پر...ڪٿي....؟
اھي راڪاسن جا رانڀاٽ ته منھنجي سنڌ جي ھر شھر ۾ آھن، بس فرق ايترو آهي ته ھن شھر ۾ ڪجهه گھڻائي رانڀاٽ آهن. مونکي اھي رانڀاٽ ٻڌي ھڪ اڻڄاتل خوف ورائي ويندو آهي، مان اڪثر ڊرائيونگ دوران ڪنڌ ورائي ٽِڪ ٻڌي، ان راڪاس جي اندر جھاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، ايئن ڪرڻ تي ڪيترائي دفعا مان پاڻ ان راڪاس جي ور چڙھندي چڙھندي بچي آھيان. ڪيترائي دفعا ته منھنجو چالان پڻ ٿيو، پر پوءِ به جڏهن راڪاس جي رڙ ٿيندي آهي ته منھنجي اندر ھڪ ھلچل پيدا ٿيندي آهي، مان سوچيندي آهيان ته خبر ناهي وري ڪنھن جي گھر جو ڏيئو وساميو، وري الائي ڪنھن جون مرڪون کسيون ۽ وري خبر ناهي ڪنھن جون ننڊون ڦٽايون.
مونکي اڄ به اھو ڏينھن ياد آهي، جڏهن ھن سرد خاني جھڙي شھر ۾ صبح جو منھنجي فليٽ ھيٺيان رانڀاٽ ڪندو راڪاس گذريو ۽ خبر ناهي ڇو ان ڏينھن منھنجي اندر ۾ ان رڙ ھڪ آنڌ مانڌ ۽ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي، عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي ھئي.
تقريبن صبح جا ڏهه ٿيا ھئا، انھن راڪاسن جون ڪيتريون ئي رڙيون ٿيون پر ان ڏينھن هڪ رڙ مونکي گهڻو ڌوڏيو ۽ اندر ۾ ڪنھن خنجر جيان کُپي وئي. مان ان راڪاس جي رڙ جي باري ۾ سوچڻ لڳس ۽ ان ڏينھن مون منجھند جي ماني به ڪانه کاڌي، منھنجي مونجهه پئي وڃي وڌندي ۽ اھا رڙ منھنجي دماغ جي پردن کي ڦاڙي رهي هئي، اڄ به ياد اٿم، جڏهن ٽين وڳي جو ٽائيم ھجي ۽ منھنجي موبائيل جي رنگ وڳي خبر ناهي ڇو مون ايترو تڪڙ ۾ موبائيل ھٿ ۾ کنئي ڄڻ مونکي ان رنگ جو انتظار ھجي، نمبر ته بابا جو آهي پر پوءِ به تڪڙ ۾ بي چين ٿيندي پڇيم:“بابا خير ته آهي...”
انڪري جو بابا اڪثر ٻه ٽي مس ڪالون ڏيندو هو، پوءِ مان ڪال بيڪ ڪندي ھئس. منھنجو اھو پڇڻ ته بابا خير ته آهي...؟ پويان اردو ۾ ڪنھن چوڻ شروع ڪيو:“آپ اس ڪي ڪيا لگتي ھين؟”
منھنجي نڙيءَ ۾ لفظ اٽڪي پيا، ٽٽندڙ ۽ حيرانيءَ واري لھجي ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪيم، دل زور زور سان ڌڙڪِي رھي ھئي، جيڪا ڪيفيت صبح کان ھئي ان ۾ ويتر واڌ ٿي وئي. اڃان مان ڪجهه ڪڇان ها ته ٻيهر اردو ۾ ڪنهن ڳالهايو. چيائين ته جنھن جي هي فون آھي، ان جو اڄ صبح تقريبن ڏھين وڳي ايڪسيڊنٽ ٿيو ھو. مان ايڌي سينٽر کان پيو ڳالهايان، لاش سرد خاني ۾ پيل آهي، مھرباني ڪري کڻي وڃو.
اوهه ... الله ! ڄڻ مٿان ڪيئي ڇِپون ڪريون ھجن ۽ مان انھن ھيٺان دٻجي وئي هجان. منھنجو ساهه سڪي ويو، نڙي ٺوٺ بڻجي وئي ڄڻ صدين کان ڪنھن صحرا ۾ اڃاري ھجان. منھنجي نڙيءَ ۾ نڪرندڙ لفظ اٽڪي پيا، فون منھنجي ھٿ مان ڪري پئي، پوري جسم ۾ ڪنبڻي شروع ٿي وئي ۽ صبح ويندڙ راڪاس جي رڙ مونکي ايترو ڇو تڙپايو سا ڳالهه ھينئر سمجهه ۾ آئي، منھنجي ٻارن جڏهن منھنجي حالت خراب ٿيندي ڏٺي، تڏهن ڊوڙ پائي اچي مونکي جھليائون ۽ مٿي تي پاڻي ھاري پڇڻ لڳا:
“امي ڪنھن جي ڪال ھئي...!؟”
ڪجهه سامت ۾ اچڻ کانپوءِ چيم: “بابا...منھنجوبابا...!!!”
“ڇا ٿيو امان... ڇا ٿيو نانا کي...؟”
مشڪل سان چيم: “ايڪسيڊنٽ.”
ٻارڙن جون رڙيون نڪري ويون. سوالن جي مٿان سوال ڪرڻ لڳا:
“امي ڪيئن...؟ ڪٿي....؟ ڪھڙي ٽائيم....؟ڪنھن ٻڌايو ۽ ھاڻي نانا ڪٿي آهي؟”
مان جيڪا صبح کان ڪنھن سوال ۾ اٽڪيل ھئس، فون ٻڌڻ سان پاڻ سوال بڻجي ويس،آخر ٻارن منھنجي امڙ ۽ ڀائرن ڀينرن کي اطلاع ڏنو ساڳئي وقت پنهنجي پيءُ کي به ٻڌايائون، جيڪو ڪجهه ئي دير ۾ گھر آيو ۽ مون کان ايڊريس پڇي وڃڻ لڳو، مون ضد ڪيو ته مان به ھلندس، سو جڏهن ڪار ۾ ويهي ھن شھر جي روڊن تي نڪتاسين ته وري به ساڳيا رانڀاٽ ھئا...ھر منٽ کان پوءِ راڪاسن جا رانڀاٽ شروع ٿي ويا. مون پنھنجي ڪنن کي ٻنھي ھٿن جون تريون رکي بند ڪيو پر رانڀاٽ پوءِ به ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا، مونکي ايئن پئي لڳو ڄڻ روڊ تي ڪار جا ٽائر ڄمي ويا ھجن، رستو ڄڻ بيھي رهيو ھجي، منھنجي اکين مان لڙڪ وھي رھيا ھئا، بس ڪنھن معجزي جي آسري تي ھيس. پنھنجو پاڻ کي ڏڍ ڏيندي رھيس ته بابا بلڪل ٺيڪ ھوندو، انھن کي غلط فهمي ٿي ھوندي. ڪال ڪرڻ وارو ڀليو ھوندو پر ان منھنجي ئي نالي تي ڪال ڪئي ھئي.
مون کي اھو ڏينھن ياد آيو جڏهن مون بابا کي فون ڏني ھئي ۽ بابا چيو هو: “امڙ پنھنجو نالو ادي لکجان، باقي نالن ۾ نمبر لکي ڇڏ.”
۽ جڏهن ڪال آئي هئي ته انھن چيو هو:
“توهان مان ادي ڪير آهي؟جنھن جو نمبر ادي جي نالي سان سيو آهي؟”
او منھنجا رب مون ٿڌي آهه ڀري ڪار جي کڙڪيءَ مان آسمان طرف نھاريو. پورو آسمان ڪارو ڪارونڀار لڳو پيو هو، مان دعا ڪرڻ لڳس ته ڪڏهن ھن شھر تان بيحسيءَ جا ڪارا ڪڪر ھٽندا، ڪڏهن خوشين جو سج اڀرندو ۽ ڪڏهن ھن شھر جي ڄميل جسمن ۽ جذبن کي پگھاري، پيار انسانيت ۽ احساسن جي روشني ڀريندو؟
ايتري ۾ ڪار بيٺي ۽ منھنجي گهر واري لھڻ جو اشارو ڪيو، مان وائڙن جيان ان جي پويان ھلڻ لڳس ۽ ڪجهه ئي دير ۾ ھڪ حقيقي سرد خانو منھنجي اڳيان ھو. جتي ڪيترائي جسم ڄميل پيا ھئا، سڀني جي مٿان اڇي چادر ۽ نمبر لکيل ھئا. اھي سڀ ھن بي حس ڄميل شھر جي روڊن تي ھلندڙ انسانن جا آزار ھئا. جيڪي خبر ناهي ڪيتري دير روڊن تي ڦٿڪي ڦٿڪي ھتي پھتا ھئا، ٿي سگهي ٿو ڪي زندھ به ھجن پر ھن راڪاس جيڪو رانڀاٽ ڪندي ھنن کي کڻندو آهي سو جيئرن کي به موت جي ور چاڙهي ويندو آھي.
ايتري ۾ منھنجي گهر واري سرد خاني جي بينچ تي پيل ھڪ جسم تان چادر ھٽائي: “اف منھنجو بابا... او الله ھي ڇا ٿيو؟منھنجو بابا...”
مان سڏڪن ۾ بابا کي چنبڙي ويس پر جلدي مونکي پري ڪيو ويو بابا جي جسم مان رت ريلا ڪري نڪري رھيو ھو. جسم جو پوسٽ مارٽم ٿيل ھو. مان اتي سمجهي ويس ته ھي شھر واقعي به ھڪ سرد خانو آهي ۽ ھتي ھر ڪنھن جي جسم ۽ جذبن جو پوسٽ مارٽم ٿيندو آهي.

****