ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀانڊارو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب محترمہ ياسمين چانڊيي جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آھي.
ياسمين چانڊيو ڊگهي عرصي کان ڏات نگريءَ ۾ پاڻ موکيندي پئي اچي، هوءَ پنهنجي منفرد اسلوب سبب ڪھاڻي کيتر ۾ مڃتا ماڻي چڪي آهي، هن نثر ۽ نظم وسيلي هڪ سگهاري ليکڪا جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.

هي ڪتاب سنسار پبليڪيشن پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون محترمہ ياسمين چانڊيو جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.



[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com