کنوڻين جا ميلاپ
ويهه سال اڳ به ساڳئي قسم جي تيز برسات ٿي ھئي، پر ان ڏينھن منھنجو آخري پيپر ھو، اڄ منھنجي دل مطمئن ھئي، ڇاڪاڻ ته اڄ سسئي پنھنجي ڀاءُ ھالار سان گڏ ڪاليج وئي هئي، پر مان اڪيلي ھيس.
اڄ مون کي ڪاليج وارا اھي ڏينھن شدت سان ياد اچڻ لڳا ۽ ھي طوفاني برسات ان ڪري جو منھنجو سڪندر سان ميلاپ به اھڙي ئي طوفاني برسات ۾ ٿيو ھو. جيتوڻيڪ ويهه سال گذري چڪا آهن، پر منھنجي اندر جو طوفان اڃان گھٽ ناهي ٿيو.
مونکان اھو ڏينھن ڪڏهن ناهي وسريو، جڏهن مون ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي ۽ ڀر واري بوائز ڪاليج ۾ سڪندر به پڙھندو ھو. مان فرسٽ ايئر ۾ ھيس ۽ سڪندر سيڪنڊ ايئر ۾ هو. سڪندر اسان جو پاڙيسري پڻ ھو پر اسان جي خاندانن جو هڪ ٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ گھٽ ھوندو ھو. امان چوندي هئي ته: “سڪندر جي ماءُ صحيح عورت ناهي ۽ لڳي ڪونه ٿو ته سڪندر ان جو جائز اولاد آهي.”
ائين انھن بابت پاڙي وارا کوڙ ساريون ڳالهيون ڪندا هئا، ان ڪري جو سڪندر جڏهن ننڍڙو ھو ته سندس پيءُ ڪنھن حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو. سڪندر جي ماءُ سرڪاري اسپتال ۾ نرس ھئي. سڪندر ۽ سندس ماءُ ھتي ڪرائي جي گهر ۾ تقريبن پنجن سالن کان رھندا ھئا. مون جڏهن گرلس ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته روزانو سڪندر موڪل ٽائيم منھنجي تاڙ ۾ موٽر سائيڪل جھلي بيٺو ھوندو ھو ۽ مونکي چوندو هو ته:
“يار رمشا منھنجي موٽر سائيڪل تي ويهه ته توکي گھر تائين ڇڏيان.” اسان ٻنھي جو گهر ڪاليج کان ڪافي پنڌ تي ھو، گرمين ۾ ھلندي ھلندي پگھر سان شل ٿي ويندي ھيس، پير تپي ٽانڊا ٿي ويندا ھئا ۽ سڪندر جا روز روز موٽر سائيڪل تي ويھڻ لاءِ مون کي ايلاز... سو نيٺ مان سندس موٽر سائيڪل تي ويھڻ شروع ڪيو. ايئن اسان جي دوستي ٿي جنھن اڳتي هلي محبت جو رخ اختيار ڪيو. سڪندر جي محبت منھنجي اندر ايتري حد تائين لھي وئي جو جنھن ڏينھن ڪاليج جي موڪل ھوندي ھئي، تڏهن سڄو ڏينھن طبيعت ۾ بيچيني ۽ اٻاڻڪائي رهندي هئي ۽ ايئن ھر ڏينھن ايندڙ ڏينھن جي انتظار ۾ گذري ويندو هو، سڪندر مونکي پنھنجي گھٽيءَ جي ٻاھران لاھيندو ھو ته جيئن پاڙي وارن جي نظر اسان تي نه پوي پر ڪنھن منھنجي گهر وارن کي ٻڌايو ته: “مان سڪندر جي موٽر سائيڪل تي ويھندي آھيان.” سو مون قسم کنيان ته ڀلا مان ڇو پرائي ڇوڪري جي موٽر سائيڪل تي ويھندس ۽ تنھن کان پوءِ اسان وڌيڪ احتياط ڪيوسين ۽ سڪندر مونکي ٻه ٽي گھٽيون پھريان لاھيندو ھو، ايئن ڏينھن گذرندا ويا ۽ مونکي ڪاليج ۾ اٺ مھينا گذري چڪا ھئا. ھن سال جا آخري پيپر ھلي رھيا ھئا، ھڪ ڏينھن پيپرن دوران تيز برسات شروع ٿي وئي، آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن ڌرتيءَ کي انڌيرن جي نظر ڪري ڇڏيو ۽ کنوڻين جي ميلاپ سان ھڪ عجيب ۽ خوفائتو منظر ٿي ويو. ڪاليج جي جلدي موڪل ٿي وئي، مان ڪاليج جي مين گيٽ تائين پھچي پوري آلي ٿي چڪي ھئس. آس پاس نظر ڦيرايم ته چوڌاري خوفناڪ انڌيرو ۽ گجگوڙن جا ٺڪاءُ دل کي لرزائي رھيا ھئا. ايتري ۾ منھنجي انتظار ۾ بيٺل سڪندر مونکي پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
“رمشا جلدي ڪر ته گھر پھچون.”
تيز برسات سبب موٽر سائيڪل به آھستي آھستي ھلڻ لڳي. آخر گھر کان ڪافي اڳ موٽر سائيڪل بند ٿي وئي ۽ برسات ڪري آس پاس گپ جام ٿي وئي هئي، منھنجو اڇي رنگ جو يونيفارم آلو ۽ گپ سبب خراب ٿي ويو هو، جيئن تيئن ڪري آخر پنھنجي گهر جي دروازي تائين پھتاسون، ان ڏينھن سڪندر مون سان گڏ ئي آيو، برسات سبب پورو شھر سنسان ٿي چڪو هو، برسات به ڪا معمولي برسات ڪونه ھئي، ايتري تيز برسات ۾ منجھند جو وقت به رات جو ڏيک ڏيئي رھيو ھو.
مان جيئن ئي پنھنجي گهر جي دروازي تي پھتس ته دروازي تي تالو لڳل هو، مان حيران ۽ پريشان ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳيس.
ايتري ۾ سڪندر چيو: “جيستائين تنھنجا گهر وارا اچن تيستائين تون منھنجي گهر ھلُ.”
ٻي ڪا واٽ نه ڏسي مان سڪندر جي گهر ويس. سڪندر جي ماءُ پنجاب ۾ سندن ڳوٺ ويل ھئي. سڪندر مونکي گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ٽوال ھٿ ۾ ڏيندي غسل خاني ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
“وڃ لڱ ڌوءِته مان امان جو ڪو وڳو پائڻ لاءِ توکي ڏيان ٿو.”
سڪندر وارن جو غسل خانو ورانڊي جي ھڪ پاسي ۾ ھو. مان ٽوال ھٿ ۾ جھلي غسل خاني طرف ويس منھنجو اڇي رنگ جو يونيفارم گپ ۾ ميرو ٿي ڦڪي رنگ جو ٿي ويو هو. مان يونيفارم لاھي بالٽيءَ ۾ ڇاڇولي ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگيو ۽ لڱ ڌوئي صاف سٿري ٿيس. سڪندر غسل خاني ٻاھران ڪپڙا جھلي بيٺو هو. مون غسل خاني جو دروازو کوليو ۽ ھٿ ٻاهر ڪڍي سڪندر کي چيو:
“ڪپڙا ڏي...”
سڪندر منھنجو ھٿ ڇڪي، غسل خاني جي اندر آيو ۽ اچي منھنجي اگھاڙي جسم کي ڀاڪر ۾ ڀريو، مان ان وقت پريشان ٿي ويس سڪندر کي پاڻ کان پري ڪندي شرم کان ڳاڙهي ٿي ويس پر سڪندر مونکي ڏاڍي پيار مان چيو:“راڻي تون ۽ مان ھڪ آھيون ته پوءِ ڀلا ھي جسمن جو ويڇو ڇا لاءِ؟”
چيومانس: “سڪندر مونکي ڊپ ٿو لڳي.”
سڪندر منھنجي چپن تي پنھنجو ھٿ رکندي چيو:
“بس وڌيڪ ڪجهه به نه چئو، ٿي سگهي ٿو قدرت پنھنجي ميلاپ لاءِ ھي موقعو فراھم ڪيو آهي.”
سڪندر مونکي پنھنجي ٻانھن ۾ جھلي وڃي، ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽايو ۽ پوءِ اھو ڪجهه ٿيو، جيڪو ٿيڻ نه کپي ھا. ٻن کنوڻين جو ميلاپ ٿيو. تڏهن منھنجي عمر ارڙهن ورھيه ھئي ۽ سڪندر جي ويهه... ٻن کنوڻين جھڙا جسم، جن جي ٽڪراءَ سان ھڪ جو فنا ٿي وڃڻ اڻٽر ھو پر جوانيءَ جوڀن اڳيان انجام جنھن ۾ فنا ٿيڻ ھو، ڪنھن کي خبر؟ اسان ٻنھي جي ميلاپ تي آسمان مان زوردار آواز سان کنوڻين جو ٽڪراءُ ٿيو. شايد ان وقت ھڪ کنوڻ ڪنھن گمنام صحرا ۾ ڪري رک جو ڍير ٿي وئي، ڪافي دير گذري وئي، اسان ٻئي دنيا ۽ انجام کان بي نياز بس ھڪ ٻئي جي محبت ۾ محو ڪنھن سمنڊ جي تري تائين پھتاسين، جتي اسان جي نظرن ۽ آس پاس بس اسان کي ئي ڏٺو پئي ٻيو ڪجهه نه.
عشق به ڪيڏو نه عجيب ھوندو آھي، جڏهن ٻن پيار ڪندڙن کي ملائيندو آهي، تڏھن انھن کي ٻيو ڪير به نظر ناهي ايندو، ايئن خبر ئي ڪانه پئي ڪافي دير ٿي چڪي هئي.تقريبن شام ٿيڻ واري ھئي، مون سڪندر کي چيو:
“مونکي ھلڻ گھرجي.”
سڪندر مونکي پنھنجي ٻانھن مان آجو ڪندي چيو:
“بلڪل منھنجي راڻي ڪافي دير ٿي وئي آهي.”
مان فورن غسل خاني طرف وڃڻ لاءِ اٿيس پر مونکي پنھنجي جسم ۾
شديد تڪليف پئي محسوس ٿي. سڪندر سان ايترا ڪلاڪ بيڊ تي گذارڻ کان پوءِ مونکي ھاڻ تڪليف جو احساس ٿيو، جيڪو محبت جي مدھوشي ۾ محسوس ڪونه ٿيو ھو.آخر پاڻ کي سنڀالي وڃي ڪپڙا پاتم ۽ سڪندر کي چيم ته:
“وڃي ڏس ته منھنجي گهر جو تالو کليل آهي؟”
سڪندر ٻاهر وڃي ڏٺو ته منھنجي گهر جو تالو کليل ھو ۽ برسات سبب گھٽي به سنسان لڳي پئي هئي، سڪندر پنھنجي دروازي اندر پھچندي مونکي آڱر ۽ اکين سان اشارو ڪيو ته جلدي نڪري وڃان سو مون پنھنجو منھن چادر سان ڍڪي آس پاس نھاريندي پنھنجي گھر جو رخ ڪيو. دروازو کڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيم پر دروازو اڳ ۾ ئي کليل ھو منھنجي گھر اندر داخل ٿيندي ئي امڙ رڙ ڪندي چيو:“ڇوڪري ايتري دير ڪٿي ھئين تون...؟”
تنھن تي مون جواب ڏنو:“امان اھو ته مان توهان کان پڇڻ واري ھئس ته توهان ھيتري برسات ۾ ڪيڏانھن ھليا ويا اھو به ڪونه سوچيو ته مان ڪيڏانھن وينديس؟”
امان ورندي ڏيندي چيو ته:“مونکان ڳالهه ئي وسري وئي ته تنھجا پيپر پيا ھلن مان پويان گھٽيءَ ۾ رازل ڏانھن وئي ھئس، ماسي دائيءَکي وٺي ويچاريءَ کي سور ٿيا، ڪير ڪونه ھئس، پاڙي وارن کي نياپو ڏنائين ته رمشا ماءُ کي سڏي اچو، سو تڪڙ ۾ دائيءَ کي وٺي ويس ويچاريءَ کي مئل ڌيءُ پيدا ٿي. خير سٺو ٿيو نياڻي ھئي، پٽ ھجي ھا ته ڏاڍو ڏک ٿئي ھا.”
امان پنھنجي ڳالهه جاري رکندي مون کان سوال ڪيو ته: “تون ڪنھن جي گهر ويٺي ھئين ايتري دير...؟”
مان امان کي جواب ڏيندي چيو ته:“زينت جي گهر ٻيو ڪاڏي ويندس؟”
امان مطمئن ٿي وئي پر امان جي ان ڳالهه تي حيرانيءَ سان سوچڻ
لڳس ته: “ويچاريءَ کي مئل ڌيءُ پيدا ٿي، خير سٺو ٿيو نياڻي ھئي، پٽ ھجي ھا ته ڏاڍو ڏک ٿئي ھا...” سوچڻ لڳيس ته امان پاڻ به ھڪ نياڻي ۽ عورت آهي پر پوءِ به نياڻي جي مرڻ تي ڏک ڪونه ٿيس...!
شام ٿي چڪي ھئي منھنجي ڪيفيت ڪجهه عجيب قسم جي ٿي وئي هئي، سڪندر سان ميلاپ کان پوءِ منھنجي پوري جسم ۾ عجيب سور محسوس ٿي رهيو هو. مان ڪپڙا بدلائي وڃي مٿي ۾ سور جو بھانو ڪري ليٽي پيس، مون کي خبر ئي ڪانه پئي ته اڳلي ڏينھن جو صبح ٿي ويو هو. جڏهن امان مون کي ڌونڌاڙيندي چيو:
“ادي صبح جا اٺ ٿيا آهن، ڪھڙي ٽائيم ڪاليج ويندينءَ.”
مون امان کي چيو ته:
“امان ڪلهه آخري پيپر ھو، مھينو ڪاليج جي موڪل آهي، رزلٽ کڻڻ مھيني کان پوءِ ويندس.”
امان “ٺھيو...” چئي رڌڻي ۾ وئي. بابا صبح جو سوير ئي پنھنجي مٺائيءَ جي دڪان تي نڪري ويندو هو ۽ اسان ٻن ڀينرن کي ھڪڙو ڀاءُ ھو، جيڪو دبئي ۾ ڪمائڻ لاءِ ويو ھو. ٻئي مون کان وڏا ھئا. ادي زاھدہ جي شادي چار سال اڳ ٿي چڪي هئي ۽ ان کي ڪو ٻار ڪونه ھو، ويچاري علاج ڪرائي ٿڪجي پئي ھئي، سس جي طعنن صفا چريو ڪري ڇڏيو ھئس، تنھن ڪري منھنجي ڀيڻيوي الڳ گھر وٺي ڏنو ھئس، شايد ان ڪري جو ڊاڪٽرن ٻڌايو ھو ته خرابي ادا رفيق ۾ آهي. سو ھاڻ ادا رفيق ادي زاھدہ جو اڃان به وڌيڪ خيال رکندو هو. مان ان ڏينھن پنھنجي زندگيءَ جي تمام گھري ننڊ ستي ھئس، شايد ان ڪري به ته باقي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اھڙي سڪون جي ننڊ نصيب ڪونه ٿيندي...!
ايئن ڏينھن گذرندا رھيا ڪاليج جي موڪلن ڪري منھنجو سڪندر سان ڪو رابطو نه ٿي سگهيو.آخر ڪار رزلٽ وارو ڏينھن اچي پڳو، مان وھنجي سھنجي خوشيءَ وچان ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ۽ ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ھئي ته سڪندر سان ملاقات ٿيندي. ڪاليج ۾ تمام سٺو فنڪشن ٿيو مون ٽين پوزيشن کنئي ھئي.
مان ان ڏينھن تمام گهڻي خوش ھيس. موڪل ٿي ته ڪاليج جي گيٽ ٻاهران نھارڻ لڳس آس پاس ته سڪندر ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ڪافي دير بيھڻ کان پوءِ مون پري کان سڪندر جي دوست کي ڏٺو، جيڪو موٽر سائيڪل ھٿ ۾ جھلي ٻين دوستن سان ڪچهريءَ ۾ مصروف ھو. مون ويجهو ويندي سڏ ڪيو مانس ته:
“ادا بلاول ٿورو ھيڏانھن ته اچجو.”
منھنجي آواز تي بلاول فورن مون ڏانهن آيو، مون اتاولائيءَ مان سوال ڪيو ته: “سڪندر ڪٿي آهي؟”
بلاول حيران ٿيندي ۽ مون کي غور سان ڏسندي چيو:
“ڇو ادي توهان کي خبر ناهي ڇا؟”
اڃان ھو ڪجهه چوي مون وري جلدي ۾ پڇيو:
“ڇا جي ؟”
بلاول چيو ته:
“ادي تقريبن ويهه ڏينھن ٿيا آهن سڪندر وارا پنجاب لڏي ويا،
سندس مامي وارن ملڪيت جي حصي جو گهر سڪندر جي ماءُ کي ڏنو، سو ھتان لڏي ويا، ھُونئن به ھتي ته ڪرائي جو گهر ھئن.”
بلاول جو جواب ٻڌي منھنجي پيرن ھيٺيان زمين نڪري وئي، ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ آسمان مان ڪا کنوڻ منھنجي مٿان ڪري ھجي، جنھن مونکي ھڪ منٽ ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو ھجي، منھنجي نڙيءَ ۾ زبان اٽڪي پئي، ڪجهه دير اڳ واري خوشي اوچتو تڪليف ۾ بدلجي وئي، بلاول خبر ناهي ڇا ڇا چوندو رهيو پر مونکي سندس ھڪ لفظ به سمجهه ۾ ڪو نه ٿي آيو، ايئن لڳو ڄڻ مون تي سڪتو طاري ٿي ويو ھجي، مان مشڪل سان پنھنجا قدم کڻندي روڊ جي ھڪ پاسي ھلڻ لڳيس. جيئن ئي گھر واري گھٽيءَ وٽ پھچڻ واري ھئس ته منھنجي ڀرسان کان ھڪ اڇي رنگ جي ڪار زوڪاٽ ڪندي گذري ۽ اتي پيل گپ جا ڇنڊا منھنجي يونيفارم تي لڳي ويا مونکي خبر ناهي ڇو ايئن لڳو ڄڻ ان ڪار ۾ سڪندر ويٺو هو ۽ ان منھنجي ڪپڙن سان گڏ منهنجي جسم کي به گپ ھڻي ميرو ڪيو آھي.
ان ڏينھن خبر ناهي ڪيئن گھر پھتس، سڄي رات ڏک ۽ پريشانيءَ ۾ گذري. سڪندر جي بي وفائيءَ منھنجو اندر ئي اڌُ ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينھن تيز بخار ٿي ويو، ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته مونکي ڇا ٿي ويو آهي، مان جيڪا ھر ڳالهه تي ٽھڪ ڏيندي ھئس، لاپرواهه ۽ بي نياز بڻجي ويس. سڪندر جي ايئن اوچتي ڇڏي وڃڻ سان منھنجي اندر جون خوشيون به مونکي ڇڏي ويون هيون. ايئن منھنجي بيماريءَ کي پندرهن ڏينھن گذري ويا، مون کي الٽيون ۽ مٿي ۾ چڪراچڻ لڳا. ھڪ ڏينھن ادي زاھدہ منھنجي رتُ جي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ اسپتال وٺي وئي ته آخر مونکي اوچتو ٿيو ڇا آهي؟
ٻن ڏينھن کان پوءِ ادي زاھدہ ادا رفيق کي صبح جو چيو ته:
“شام جو واپسيءَ تي رمشا جون رپورٽون کڻي اچجو.”
ادي زاھدہ، ادا رفيق سان گڏ ڪجهه ڏينھن کان اسان وٽ ئي ٽڪيل ھئي، امان منھنجي ڪري پريشان ھئي، ان ڪري ادي اسان وٽ ترسي پئي ھئي.
شام جو جيئن ئي ادا رفيق آفيس مان واپس آيو ته ادا جو منھن ڪاوڙ مان ڀريل هو. ادا ھٿ ۾ جھليل لفافو ادي زاھدہ کي ڏيندي چيو:
“ھي ڏسُ تنھنجي دادلي ڀيڻ ڪھڙا ڪارناما ڪيا آهن ؟”
ادي زاھدہ ادا رفيق کي چيو: “خير ته آهي ؟”
ادا ڪجهه چوڻ کان بغير ڪمري ۾ ھليو ويو، امان پريشانيءَ ۾ ادي کي چيو: “جلدي ٻڌاءِ ڇا ٿيو آهي ؟”
منھنجي به سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه آيو ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ اديءَ لفافو کولي رپورٽ پڙهي حيران ٿي وئي. ڏک ڪاوڙ ۽ تڪليف واري لھجي ۾ چوڻ لڳي: “امان ھي ڇا ؟ رمشا پيٽ سان آهي... !”
اھو ٻڌي امان وائڙي ٿي وئي ته اوچتو ھيءَ ڪھڙي قيامت اچي ڪڙڪي.
مونکي سمجهه ۾ اچڻ لڳو ته اھو سڀ ڪجهه ان ڏينھن جو نتيجو آهي.
امان چوڻ لڳي: “ڇوري ڪٿي ڪارو منھن ڪرايو اٿئي، جيڪر پيدا ٿيندي ئي مري وڃين ھا ته اڄ ھي ڏينھن ڏسڻا نه پون ھا.”
اڄ مون کي امان جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ان ڏينھن رازل جي پيدا ٿيل مئل ڌيءُ تي امان ايئن ڇو چيو هو ۽ مان سوچڻ لڳس ته ڪاش مان پيدا ٿيندي ئي مري وڃان ھا ته سٺو ٿئي ها، امان کي ھيءَ تڪليف ۽ بدنامي نه ڏيان ها، ادي مونکي ٻانھن کان جهلي ٻئي ڪمري ۾ وٺي وئي ۽ چوڻ لڳي: “سچ ٻڌاءِ،ڪنھن سان ھي سڀ ڪجهه ڪيو اٿئي.”
مون ادي زاھدہ کي ان ڏينھن سڪندر سان ملڻ واري پوري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ادي زاھدہ مونکي ڪمري ۾ ويھڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ امان کي ان ڪمري ڏانھن وٺي وئي، جتي ادا رفيق ويٺو هو، ڪلاڪ کن ڳالهائڻ کان پوءِ، ادي مون کي ٻانھن کان جهلي چوڻ لڳي: “پنھنجا ڪپڙا کڻ ته منھنجي گهر ھلون ٿا.”
امان جيڪا ڏک ۽ تڪليف وچان زارو قطار روئي رھي ھئي، تنھن کي ڏسي منھنجي دل ۾ ڌڪ لڳڻ لڳا، ادي امان کي چيو: “ان کان پھرين جو بابا اچي اسان نڪرون ٿا”
ادا رفيق جي ڪار ٻاهر گھٽيءَ ۾ بيٺي هئي، سو ادا بيگ ۽ ٻيو سامان کڻي ڪار ۾ رکيو، ادي مونکي ٻانھن کي ڇڪيندي چيو:“ھل ھاڻي ويهه گاڏيءَ ۾.”
مان ڪنڌ ھيٺ ڪري امان کي ڏسڻ کان بغير ڪار ۾ وڃي ويٺي ھئس. ايئن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ادي زاھدہ جي گهر پھتاسون. رات جا تقريبن ڏهه ٿيڻ وارا ھئا. مان وڃي ادي زاھدہ جي ڀر واري ڪمري ۾ ليٽي پيس، ڏک ۽ تڪليف مونکي عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. ادي زاھدہ جو ننڍو ڏير راول به اديءَ سان گڏ رھندو ھو، رات ڪافي گذري چڪي ھئي پر ٻئي ڪمري مان ادي زاھدہ ۽ ادا رفيق جو آواز اچي رهيو هو، شايد مون بابت ئي ڳالهائي رھيا ھئا. ايئن رات گذري وئي پر منھنجي اک ڪونه لڳي، بس فقط ان ڏينھن سڪون جي ننڊ آئي هئي، جڏهن سڪندر سان ملي آئي ھئس، باقي زندگي اوجاڳا ڪرڻ لاءِ ڪٽي هئي، اڳلي ڏينھن شام منھنجو ۽ راول جو مڱڻو ڪرائڻ لاءِ امان بابا ۽ ادا رفيق جا سڀ گھر وارا آيا ادي منھنجي لاءِ نئون وڳو به گھرايو.
ادي ڪمري ۾ آئي ۽ مونکي چوڻ لڳي ته منھنجي ڳالهه غور سان ٻڌ تنھنجي پيٽ جي خبر صرف مونکي امان کي ۽ رفيق کي آهي، مان تنھنجو مڱڻو راول سان انڪري ڪرائي رھي آھيان جو جيئن ئي توکي ٻار ٿيندو اھو مان پالينديس ۽ مون سڀني کي ٻڌايو آھي ته مان پيٽ سان آهيان، ٻار پيدا ٿيندو ۽ جيئن ئي تنھنجي طبيعت ٺيڪ ٿيندي ته تنھنجي شادي راول سان ڪرائينديس. بابا ۽ ٻين مائٽن کي چيو اٿم ته رمشا مون سان رھندي جيستائين مونکي ٻار پيدا ٿئي.”
مان ادي کي ڇا جواب ڏيان ها، مان ته پنھنجي زندگي جا سمورا سوال سڪندر کي سونپي چڪي ھئس ۽ ھاڻي پاڻ ھڪ جواب بڻيل ھئس، سڀني لاءِ آخري جواب، ايئن نوَ مھينا گذري ويا ۽ مون ھڪ پٽ کي جنم ڏنو. ادي زاھدہ ان جو نالو ھالار رکيو ۽ ڪجهه مھينن کان پوءِ منھنجي شادي راول سان ٿي. شادي جي ڏھن مھينن کان پوءِ مون کي ھڪ ڌيءُ پيدا ٿي، جنھن تي مان ڏاڍو رنس، شايد پنھنجي ٿيل شڪست تي، ايئن سال گذرندا ويا، سڪندر جو ڪو پتو ڪونه پيو. ھالار ۽ سسئي وڏا ٿي چڪا هئا. اڄ ساڳئي ڏينھن جھڙو ڏينھن آهي.
ھالار تقريبن ويهه سالن جو ٿيو آهي ۽ سسئي ارڙهن سالن جي،ڪافي دير ٿي چڪي آھي، برسات گھٽجڻ جو نالو ئي ڪانه پئي وٺي مان سسئي ۽ ھالار جي انتظار ۾ ورانڊي جا چڪر ڪاٽي رھي ھئس، آسمان ڏانھن نھار ڪيم ته ڪارن ڪڪرن سج کي سوگهو ڪري، ان جي منھن کي لڪائي ڇڏيو ته متان سج انھن کي پگھاري نه وجهي. ان ڊپ کان ايئن در تي ڪار جي ھارن جو آواز آيو مون ڊوڙ پائي وڃي گيٽ کوليو ته ھالار ۽ سسئي ٽھڪ ڏيندا گھر اندر داخل ٿيا. ھالار مونکي خالا چوندو هو، ڪنھن کي به خبر ڪانه هئي ته ھالار کي مون جنم ڏنو آھي. ادي زاھدہ سان گڏ گھر ۾ رھڻ ڪري ھالار ۽ سسئي ٻنھي کي مون پاليو، مون سسئي کان پڇيو:“ايتري دير ڪٿي لڳائي توهان، مان ڪيترو پريشان ھئس.”
ھالار جواب ڏنو: “خالا برسات ۾ گھمڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي،سو اڄ اسان ڏاڍو خوش آهيون ۽ خالا ان خوشيءَ جو اظهار توهان سان ڪندس ته سسئي جو ھٿ منھنجي ھٿ ۾ ڏيو.”
اھو ٻڌي منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، آسمان مان زوردار آواز سان کنوڻيون ٽڪرايون ۽ ھڪ کنوڻ منھنجي وجود تي ڪري جنھن مونکي رکُ ڪري ڇڏيو .
****