ڪھاڻيون

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پھلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيھاري ٿو.
Title Cover of book ڀانڊارو

سنگِ مرمر ۽ سنگ تَراشُ

ھنن کي ريلوي اسٽيشن تي ويٺي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا هئا، ڊسمبر جي ٿڌي رات ھئي، اسٽيشن جي آس پاس سرنھن جا زرد پتا ھوا جي زور تي زوڪاٽ ڪندا، ھِنن جي پيرن ھيٺان لامارا ڏيئي رھيا ھئا، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ھنن جي ايتري سالن کان پوءِ ميلاپ تي رقص ڪري رھيا ھجن، شايد ھنن جي وڇڙڻ جي ڏُک ۾ ئي ھوُ زرد ٿيا ھئا، ڪڏھن نه ويندڙ خزان ۾ ڪٿي رھجي ويا ھجن، ڊسمبر جي ٿڌڙي رات ۾ سرنھن جي زرد پتن جي رقص ۽ پٽڙين تان گذرندڙ ريل گاڏي جي مڌُر موسيقيءَ، سڄي وايومنڊل کي محبتن جي ستن سرن ۾ جڪڙي ڇڏيو. ان تي وري رکي رکي سرنھن جي خوشبوءِ ھڪ ھُٻڪارُ واسي ڇڏيو، ھنن کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سندن گڏجڻ تي ڪائنات جا سڀ رنگ ۽ سُرَ اڄ اچي اسٽيشن تي گڏ ٿيا ھجن، ٻنھي جي چھرن تي ھڪ عجيب مرڪ ھئي، ھڪ اھڙي مرڪ جنھن ۾ ھاڻي ملڻ ۽ وري وڇڙي وڃڻ جو ڊپ نه ھو، انڪري جو ملڻ ۽ وڇڙڻ زندگيءَ جا اھڙا خوبصورت احساس آهن جيڪي پنھنجي اندر ۾ انيڪ درد رکندڙ ڪيفيت آهن ۽ ان خوبصورت ڪيفيت جو نالو ئي محبت آهي. پوئين ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ھنن اسٽيشن تي ويهي واپس اچڻ وارن جي چھري جي خوشي ۽ وڇڙي وڃڻ وارن جي ڏُک جي ڪيفيت کي پنھنجي اندر محسوس ڪيو، ايتري ۾ سرد ھوا جي جھونڪي تي ھِيرَ جي جسم مان سسراٽيون نڪري ويون ۽ سانول پنھنجي ڪلھي تان مفلر لاھي، ھِيرَ جي ڪُلھن تي رکيو. ھيرَ ان مفلر کي پنھنجي خوبصورت چپنِ تي آڻي ھڪ چمي ڏيندي چيو: “سانول ھن مفلر ۾ اڄ تائين تنھنجي ساڳي پرفيوم جي خوشبوءِ آهي، جيڪا تون ھڻندو ھئين، تنھن ڪري اھو منھنجي پسند جو پرفيوم ٿي ويو ھو.”
ڪيتري دير جي خاموشيءَ کانپوءِ سانول پنھنجا چپ چوريا: “توکي خبر آهي ھيرَ! ته مان زندگيءَ جي هر پل ۾ توکي محسوس ڪري جيئندو رھيو آھيان، مون پنهنجي محبت جو تاج محل ٺاهڻ لاءِ پنھنجي لفظن جي تيشي ۽ ڇيڻي کڻي شروعات ڪئي. مون ڄاتو ٿي ته هن شاهڪار ٺاهڻ کان پوءِ وقت جا حاڪم منھنجا هٿ ڪپي ڇڏيندا، مان ماريو ويندس، پر پوءِ به مون هڪ لازوال شاهڪار ٺاهي ابد کي ازل ڪرڻ ٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته لفظن جا خالق سنگتراش ڏاڍا ضدي هوندا آهن. ڪيئي سال گذري ويا.آئون دنيا کان بي خبر مٽيءَ ۾ بدن ڀڀوت، زخمي هٿن سان لفظن جي سنگمرمر جو تاج محل ٺاهڻ ۾ مصروف رهيس ۽ آخر ڪار جڏهن مون سمجهيو ته منھنجي تخليق مڪمل ٿي وئي آهي ته مون وقت جي بادشاهه کي چيو منھنجي لافاني تخليق تنھنجي هٿن سان رونمائيءَ لاءِ تيار آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ان ڏينھن منھنجا هٿ ڪپيا ويندا پر مان ان ڪري به خوش آهيان ته پوءِ ڪوبه اهڙي لافاني تخليق جو تصور بنهه ڪري سگهندو... اهو منظر به عجيب منظر هو نغارن سان گڏ هجوم ۾ بادشاهه کي لفظن جي هڪ سنگتراش جي تخليق جي رونمائي ڪري سندس هٿ ڪپڻا هئا. منھجي تاج محل تان سرمائي بخملي ڪپڙي کي هٽايو ويو ته ڏسندڙن هڪ عجيب منظر ڏٺو. تاج محل جي جاءِ تي موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي روپ ۾ تون بيٺي هئينءَ. پنھنجن پورن جلون سان بي لباس، تنھنجا ارهه تاج محل جي گنبذن جيان خوبصورت لڳي رھيا ھئا ۽ تنھنجي سونھري جسم مان روشنيون پئي ڦٽيون، تنھنجي انگ انگ مان نڪرندڙ تجلين، ڏسندڙن جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيو هو. سرمائي بخمل جو ڪپڙو جنھن مان گلاب ۽ عطر جي خوشبو ٿي آئي، تنھنجن قدمن ۾ پيو هئو. تنھنجو مرڪندڙ مهتاب جهڙو چهرو روشن هو...جلاد جڏهن منھنجا هٿ ڪپڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بادشاهه طرفان حڪم ٿيو...هي تخليق ته تاج محل کان به خوبصورت آهي، مان هن جا هٿ نه ڪپيندس، سو مان ڄاڻان ٿو تنھنجي بخملي لباس جي اندر جيڪو جسم آهي اهو ڪيترو خوبصورت آهي...تاج محل کان به وڌيڪ خوبصورت تنھنجن ارهن جي گولاين ۽ خوبصورت بدن ۾ فقط آئون ئي سڄي ڪائنات جو حسن ڏسي سگهان ٿو. ھِيرَ سانول جي لفظن جي گھرائي ۾ گم ٿي وئي. ھن کي اھي ڏينھن ياد اچي ويا جڏهن آرٽس ڪائونسل ۾ سانول سان گڏ ويهي شيما جو رقص ڏسندي ھئي، ھنن کي رقص سان عشق ھو، جڏهن شيما رقص ڪندي ھئي ته ان جي پيرن ۾ پيل گھنگھروئن جي جھنڪارَ ۾ گم ٿي موھن جي دڙي جي ڪنھن محل ۾ پنھنجو پاڻ کي رقص ۾ محُو ڏسندي ھئي، ان محل جي تخت تي سانول ڪنھن سنگ تراش جيان ھن جي رقص ڪندڙ مورتي تراشي رهيو هو، ڄڻ دنيا کان بي نياز پنھنجي جسم جي زبان سان پنھنجي محبوب لاءِ محبت جو اظهار ڪري رھي ھجي ۽ رقص ڪندي ڪندي پنهنجن گھاٽن وارن کي سانول جي منھن تي ڪنھن گھنگھور گھٽا جيان ڦيرا ڏنا. انھن گھٽائن جي واس سان محل پيار جي رقص ڪندڙ خوشبوئن سان واسجي ويو ھجي، ھن قليءَ جي آواز تي ڇرڪ ڀريو جيڪو سانول کي چئي رهيو هو ته:“رات جو پويون پھرُ به گذري ويو آهي، ھاڻي ھن اسٽيشن تي فجر کان پھرين ڪا به ريل ڪانه ايندي توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي، شام کان وٺي توهان ويٺل آھيو.”
سانول پنھنجي چپن تي ھلڪي مرڪ آڻيندي قليءَ کي چيو:
“اسان ھاڻي اھڙا مسافر آهيون جن کي ٽرين جي نڪري وڃڻ جي ڳڻتي ناهي ھوندي.”
سانول جي جواب تي قلي حيران ٿيندي اڳتي ھليو ويو. ڀرسان بيٺل ھٿ ۾ ڪٽلي جھليل چانهه واري چيو: “صاحب چانهه پيئندا؟”
سانول ڪنڌ جي اشاري سان ھا ڪئي، چانهه واري پياليءَ ۾چانهه اوتي سانول کي ڏني ۽ ٻي پيالي ڀرڻ لڳو ته سانول چيس: “ھڪ پيالي ڪافي آهي.”
ھن پيالي کي ھِيرَ جي خوبصورت چپن اڳيان آڻي چيو: “ھِيرَ ياد اٿئي ڪيئن پاڻ سدائين يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ ھڪ ئي پيالي ۾چانهه پيئندا ھئاسين ۽ سڀ دوست اسان جي عشق جو مذاق پيا ڪندا هئا.”
ھِيرَ اڄُ ڄڻ ڪنھن خوابن جي طلسماتي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ کي رقص ڪندڙ راڻي محسوس ڪري رھي ھئي. ڪنھن محل جي اونچن مينارن تي جتي صرف سانول ھو ۽ آس پاس محبتن جا مينار ھئا، ھِيرَچانهه جو ڍُڪُ ڀريو ۽ سانول به پنھنجا چپ پياليءَ جي انَ حصي تي رکيا جتان ھيرَ ڍُڪُ ڀريو، اسٽيشن تي چوڌاري خاموشي ڇانيل ھئي، ڪجهه قلي پٿرجي بينچن تي پنھنجي زندگيءَ جا ٿڪ لاھڻ لاءِ ليٽي پيا ھئا. ڊسمبر جي مست ھوائن تي سرنھن جا پيلا پتا محبت جا مڌُر سُرَ ڇيڙي رھيا ھئا، جنھن سان خاموشي سندر سرن ۽ سازن ۾ جھومي رهي هئي، شايد ان کي به چُپُ رھڻ کان ڪوفت پئي ٿي.
ھيرَ جا ھٿ ٿڌا برفَ ٿي چُڪا ھئا، ھن ھٿ جرسيءَ جي کيسي ۾ وڌا. سانول اھو ڏسي ھِيرَ جا ٻئي ھٿ ھٿن ۾ جھلي پنھنجي چپن تي رکيا ۽ چوڻ لڳو: “ھيرَ تون سنگِ مَرُ مَرُ آن...”
ھيرَ جواب ڏنو: “۽ تون سنگتراش...جيڪو بي جان پٿرن کي محبتن جي اوزارن سان تراشي، پيار جا خوبصورت بت جوڙي ٿو.
ھِنن کي اسٽيشن تي رکيل پٿر جي بينچ تي ويٺي ڪيئي ڪلاڪ گذري چُڪا ھئا، اڄ وقت ھنن جي لاءِ آھستي آھستي ھلي رھيو ھو يا ڊسمبر جي سرد رات ڪجهه وڏي ٿي وئي ھئي، جنھن رات ۾ ماڪَ ڦڙَنِ سان گڏ ھيرَ ۽ سانول ھٿُ ھٿَ ۾ ڏيئي چپَ چَپَنِ تي رکي محبت جا جام پي رهيا هئا. جنھن جي گرميءَ سبب ڊسمبر جي ماڪَ ڀنل رات ۾ به سانول جي نرڙ تي پگهر جون بوندون نروار ٿيڻ لڳيون. ھيرَ چيو: “سانول ڪافي دير ٿي ويئي آهي اُٿُ ته ھلون...”
سانول ھيرَ جي اکين ۾ نھاريندي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:“جو حڪم سرڪار جو....”
سانول پنھنجو ھٿ اڳتي ڪندي ھيرَ جي سنھڙي چيلهه ۾ وڪوڙي ڇڏيو ۽ ھلڪا ھلڪا قدم کڻندا اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيا، جتي بيٺل ڪار جو دروازو کولي سانول ھِيرَ کي ويھڻ لاءِ چيو.
ھاڻي ھي ٻئي زندگيءَ جي اھڙي موڙ تي بيٺل ھئا جتي ملڻ تي ڪو پھرو ھو ۽ نه وڇڙي وڃڻ جو ڏکُ.
****